پنجاب ۽ ڪي پي ۾ برساتن سبب 43 ڄڻا فوت، علائقا پاڻي هيٺ

  پنجاب ۽ ڪي پي ۾ برساتن سبب 43 ڄڻا فوت، علائقا پاڻي هيٺ

لاهور/پشاور (م ڊ) برسات پنجاب ۽ ڪي پي ۾ تباهي مچائي ڇڏي آهي ٻنهي صوبن ۾ فوتين جو انگ 43 ٿي ويو آهي. ڀارت مان ايندڙ درياهن ۾ پاڻي ڇوڙ ڪيو ويو آهي جنهن سان درياهن ۾ ٻوڏ اچي وئي آهي. مليل اطلاعن موجب لاهور ۾ رات دير سان شروع ٿيل تيز برسات کان پوءِ ٻوڏ جهڙي صورتحال پيدا ٿي وئي، جنهن سبب  ڪيترن ئي رهائشي علائقن ۽ اهم روڊن تي ڪيترائي فٽ پاڻي جمع ٿي ويو، جڏهن ته هيٺاهين وارن علائقن ۾ پاڻي گهرن اندر داخل ٿي ويو. لاهور ڪينٽ، علي ويو، گارڊنز، علي پارڪ، نادرا آباد ۽ ٻين علائقن ۾ ڪيترائي فٽ پاڻي جمع ٿي ويو.پي ڊي ايم اي چيو آهي ته 22 جولاءِ تائين صوبي ۾ برساتن سبب ٿيندڙ حادثن ۾ 21 ماڻهو فوت ۽ 154 ماڻهو زخمي ٿيا آهن. سرڪاري انگن اکرن موجب، فوتين ۾ 9 مرد، 4 عورتون ۽ 8 ٻار شامل آهن. زخمين ۾ 67 مرد، 41 عورتون ۽ 46 ٻار شامل آهن. گوجرانوالا ۾ 5، اٽڪ، جهنگ ۽ پاڪپتن ۾ ٽي ٽي،خوشاب، ميانوالي، چنيوٽ، سيالڪوٽ، فيصل آباد، گجرات ۽ ساهيوال ۾ هڪ هڪ ماڻهو فوت ٿيو. ٻئي طرف خيبر پختونخواه ۾ 19 جولاءِ کان وٺي تيز برساتن ۽ ٻوڏ سبب پيش ايندڙ مختلف حادثن ۾ 22 ماڻهو فوت ۽ 23 زخمي ٿي چڪا آهن. برساتن ۽ ٻوڏ سبب ڪل 37 گهر تباهه ٿيا، جن مان 29 کي جزوي نقصان پهتو ۽ 8 مڪمل طور تي تباهه ٿي ويا. هوڏانهن پنجاب ۾ آبپاشي کاتي جي ترجمان موجب چناب درياءَ ۾ خانڪي ۽ قادر آباد تي ٻوڏ آهي، جڏهن ته صوبي جي مختلف دريائن ۽ بئراجن تي پاڻي جي صورتحال جي مسلسل نگراني ڪئي پئي وڃي. خانڪي بئراج تي 261,463 ڪيوسڪ پاڻي جي آمد ۽ 256,063 ڪيوسڪ جو اخراج آهي هتي وڏي ٻوڏ آهي. قادر آباد بئراج تي 267,159 ڪيوسڪ پاڻي جي آمد ۽ 252,159 ڪيوسڪ خارج ڪيو ويو. ڪيو بي (قادرآباد بلوڪي) لنڪ ڪينال ۾ 15,000 ڪيوسڪ پاڻي ڇڏيو پيو وڃي، چناب درياءَ ۾ مرالا بئراج تي پاڻي جي آمد 194,452 ڪيوسڪ ۽ اخراج 174,452 ڪيوسڪ آهي جتي وچولي درجي جي ٻوڏ آهي. راوي درياءَ ۾ ڪوٽ نينا تي 17,500 ڪيوسڪ وهڪرو آهي ۽ پاڻي ۾ گهٽتائي جو رجحان ڏٺو پيو وڃي. جسر تي 24,940 ڪيوسڪ، راوي سائفون تي 32,577 ڪيوسڪ ۽ شاهدره تي 32,138 ڪيوسڪ جو وهڪرو رڪارڊ ڪيو ويو. ترجمان موجب راوي درياءَ ۾ بلوڪي هيڊ ورڪس تي 73,625 ڪيوسڪ پاڻي جي آمد ۽ اخراج 50,725 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو، جتي ننڍي ٻوڏ آهي. راوي درياءَ تي سادينائي بئراج تي پاڻي جي آمد 19,607 ڪيوسڪ ۽ اخراج 3,607 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو.