پنجاب ۽ ڪي پي ۾ فوج طلب: نگران حڪومتن وفاقي سرڪار کي درخواستون ڏئي ڇڏيون

مَي 10, 2023

لاهور/پشاور(مانيٽرنگ ڊيسڪ) پنجاب ۽ ڪي پي جي نگران حڪومتن فوج جون خدمتون طلب ڪري ورتيون آهن. جنهن لاءِ وفاقي سرڪار منظوري ڏئي ڇڏي آهي. تفصيل موجب پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي گرفتاري بعد پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه صوبن ۾ جاري مظاهرن ۽ ڇڪتاڻ کانپوءِ ٻنهي نگران حڪومتن امن امان جي صورتحال برقرار رکڻ لاءِ فوج جون خدمتون طلب ڪري ورتيون آهن، پنجاب جي نگران حڪومت جي پڌرائي ۾ اِن ڳالهه جي تصديق ڪئي وئي آهي ته امن امان لاءِ فوج جون خدمتون طلب ڪرڻ بابت لاڳاپيل اختيارين کي لکيو ويو، جڏهن ته وفاقي گهرو وزارت درخواست جي منظوري به ڏئي ڇڏي آهي. ٻئي طرف خيبرپختونخواهه جي حڪومت به صوبي ۾ امن امان برقرار رکڻ لاءِ وفاقي گهرو وزارت کي خط لکي درخواست ڪئي آهي ته صوبي ۾ امن امان جي صورتحال تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ فوج جون خدمتون فراهم ڪيون وڃن

Leave A Comment