| پنجاب ۾ بسنت جي باضابطا واپسي، لغڙ اڏائڻ جي مشروط اجازت، تيز مانجهي تي سخت سزائون |
لاهور (م ڊ) پنجاب حڪومت لغڙ اڏائڻ جي اجازت جو آرڊيننس جاري ڪري ڇڏيو آهي. پنجاب جي گورنر سليم حيدر جي صحيحن سان بسنت ملهائڻ جي مشروط اجازت جو آرڊيننس جاري ڪيو ويو. جنهن جي تحت بسنت جي لاءِ شرطون مقرر ڪيون ويون آهن جن جي ڀڃڪڙي تي قيد ۽ ڏنڊ جون سزائون مقرر آهن. آرڊيننس موجب پنجاب ۾ 2001ع ۾ لغڙ اڏائڻ تي پابندي لڳائي وئي هئي، 25 سالن کان پوءِ لغڙ اڏائڻ جي ٻيهر اجازت ڏني وئي آهي پر 18 سالن کان ننڍي عمر جا ٻار لغڙ نٿا اڏائي سگهن، ڀڃڪڙي تي والد يا سرپرست ذميوار هوندو. آرڊيننس ۾ ٻڌايو ويو آهي ته صرف ڌاڳي سان ٺهيل ڏور سان ئي لغڙ بازي جي اجازت هوندي، ڪيميڪل يا تيز ڌار مانجهي سان ٺهيل ڏور جي استعمال تي سخت سزائون ڏنيون وينديون. گهٽ ۾ گهٽ 3 ۽ وڌ کان وڌ 5 سال قيد ۽ 20 لک روپيه ڏنڊ جي سزا ڏئي سگهجي ٿي، ضلعي جي اندر هر موٽر سائيڪل طئي ڪيل حفاظتي تدبيرن موجب هلائي ويندي. آرڊيننس موجب شڪي هنڌ يا گهر جي تلاشي جو به حق ڏنو ويو آهي. ڏوهه ضمانت نه ٿيڻ جوڳو هوندو. 18 سالن کان ننڍي عمر جي ٻار جي قانون جي پهرين ڀڃڪڙي تي 50 هزار، ٻيون ڀيرو هڪ لک روپيه ڏنڊ هوندو. ڏنڊ ادا نه ڪرڻ جي صورت ۾ والد يا سرپرست جي خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. پتنگ باز ايسوسيئيشن لاڳاپيل ضلعي جي ڊپٽي ڪمشنر وٽ رجسٽر ڪئي ويندي. آرڊيننس ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته لغڙ رجسٽرڊ دڪاندارن کان ئي خريد ڪيا ويندا، هر رجسٽرڊ دڪاندار کي هڪ ڪيو آر ڪوڊ سان جوڙيو ويندو. لغڙ تي به ڪيو آر ڪوڊ هوندو جنهن سان لغڙ وڪرو ڪندڙ جي سڃاڻپ ٿي سگهندي، ڏور ٺاهيندڙن جي به رجسٽريشن ٿيندي، ڪيو آر ڪوڊ سان انهي جي به سڃاڻپ ٿيندي. ياد رهي ته پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز 24 بعد پنجاب جي روايتي ثقافتي ۽ تهذيبي روايتن ۽ تهوارن جي ٻيهر کان شروعات ڪئي آهي.