پنجاب ۾ ترقياتي فنڊ، ڀرتين ۾ حصو: پ پ ن ليگ اختلاف ختم

پنجاب ۾ ترقياتي فنڊ، ڀرتين ۾ حصو: پ پ ن ليگ اختلاف ختم

لاهور(م ڊ) پنجاب حڪومت ۽ پيپلز پارٽي جي وچ ۾ پاور شيئرنگ جي حوالي سان وڏو بريڪ ٿرو ٿيو آهي. پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) جي وچ ۾ پاور شيئرنگ جا معاملا طئي ٿي ويا آهن. ذريعن موجب مسلم ليگ (ن) جي صوبائي قيادت پيپلز پارٽي جا خدشا ختم ڪري ڇڏيا، جنهن جي نتيجي ۾ مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلز پارٽي جي وچ ۾ اختلافي معاملن جو حل نڪري آيو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته مسلم ليگ (ن) پيپلزپارٽي جي 30 اسيمبلي ميمبرن ۽ ٽڪيٽ هولڊرز جي چونڊ تڪن ۾ ترقياتي فنڊز جاري ڪرڻ جي حامي ڀري آهي. پنجاب حڪومت جي قانون واري کاتي ۾ لا آفيسرز جي ڀرتين ۾ به پيپلز پارٽي کي شيئر ڏيڻ جو امڪان آهي. ذريعن موجب ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيشن ڪاميٽين ۾ به پ پ جي ايم پي ايز ۽ ٽڪيٽ هولڊر کي شامل ڪرڻ جو امڪان آهي.