| پنجاب ۾ ترقي آهي، سنڌ سرڪار به ڪجھه احساس ڪري: عامر مگسي |
قمبر (رپورٽر) قمبر مان چونڊيل پ پ ايم اين اي عامر علي مگسي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته مون 2021 کان ترقياتي ڪمن لاءِ پنهنجي حلقي ۾ پيور بلاڪ،واٽر سپلاءِ،ڊسپينسريز،اسڪولن سميت روڊ رستن جي مد ۾ 2 ارب 60 لک رپين جو اسڪيمون ڏنيون پر افسوس جو هتي ڪرپشن جو راڄ هئڻ سميت سفارش عيوض راشي آفيسر مقرر هئڻ ڪري ڪيتريون ئي اسڪيمون مڪمل نه ٿي سگهيون آهن، جڏهن ته ناقص مٽيريل جي استعمال سبب غير معياري ڪم ڪرايا ويا جيڪي ٿوري ئي عرصي ۾ ختم ٿي وڃن ٿا مان سنڌ جي وڏي وزير کي چوندس جيڪي غلط ڪم ٿين پيا ، پنجاب سرڪار محنت ڪري پنهنجي صوبي کي ترقي ڏياري آهي، پنجاب ۾ توجھه وڌيڪ ڏني وڃي ٿي سنڌ سرڪار ڪجھه احساس ڪري مالڪي ڪري روڊ ٺهي ٿو ته 3 سالن ۾ ختم ٿي ٿو وڃي،روز مختلف کاتن جا انجنيئر تبديل ٿين ٿا، مون ڪو به آفيسر نه رکرايو آهي لا ائنڊ آرڊر جي سلسلي ۾ مون ايس ايس پي کي چيو آهي ته سفارش تي نه پر ميرٽ تي ايس ايچ اوز مقرر ڪيا وڃن، اسان 2008 کان وٺي هر ڏکي وقت ۾ پارٽي سان گڏ بيٺل آهيون، آئيني عدالتون قائم ڪرڻ سٺو سنوڻ آهي، جيڪڏهن آئيني عدالتون هجن ها ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ڦاهي نه چڙهي ها عوام کي بنيادي سهولتون ڏيڻ ۽ مسئلا حل ڪرڻ لاءِ سدائين ڪوششون ورتيون آهن.