پنجاب ۾ رهندڙ ‘خوشقسمت’ ڪرڪيٽر
نومبر 30, 2023
ٻه ٽي ڏهاڙا اڳ پنجاب سان تعلق رکندڙ ٻن ڪرڪيٽرن پنهنجي ٽوئيٽر (هاڻي ايڪس) پوسٽ وسيلي دانهن ڪئي ته سنڌ مان پنجاب ايندي سڪرنڊ لڳ سنڌ پوليس سندن گاڏي روڪي کين هيسائي کانئن 8 هزار رپيا رشوت ورتي. ڪرڪيٽرن ان واقعي تي رد عمل ۾ چيو ته شڪر آهي جو اسان سنڌ ۾ نه پر پنجاب ۾ رهون ٿا. سنڌ حڪومت سندن دانهن ورنائي ملوث پوليس وارن کي 24 ڪلاڪن اندر جيل اماڻي ڇڏيو. رڳو مهينو اڳ ساڳي سڪرنڊ ويجهو ماڙي جلباڻي ڳوٺ ۾ قانون لاڳو ڪندڙن فائرنگ ڪري 4 بي ڏوهه ڳوٺاڻا قتل ڪري ڇڏيا پر نه سنڌ سرڪار کي ڪو اهنج رسيو، نه ڪرڪيٽرن کان 8 هزار رپيا وٺڻ تي سنڌ کي “نه رهڻ جوڳو” قرار ڏيندڙ ٽي وي چئنلن چيو ته اهڙا ظلم پيا ٿين، سنڌ رهڻ جهڙو صوبو نه آهي. ڪرڪيٽرن جي ان ٽوئيٽ تي اردو ميڊيا ۾ ويٺل مخصوص ذهنيت وارا همراهه شروع ٿي ويا. انهن چئنلن ماڙي جلباڻي جهڙي ظلم کي ٻن منٽن جي به ڪوريج نه ڏني هئي، پر ڪرڪيٽرن جي هن بيان کي ورائي ورائي نشر ڪرايائون ته سنڌ رهڻ جوڳو صوبو نه آهي. اها الڳ ڳالهه آهي ته لکين پنجابي ڳالهائيندڙ پنهنجي ‘جنت جهڙو صوبو’ ڇڏي هن ‘دوزخ جهڙي سنڌ’ ۾ رهيا پيا آهن.
جيستائين سنڌ پوليس جي عوام آزار ڪردار جو تعلق آهي، اهو ڀلا ڪنهن کان ڳجهو آهي ته سڄي ملڪ جي پوليس ڀلا ڪهڙي طرح هڪٻئي کان عوام دشمنيءَ ۾ ڪو فرق رکي ٿي! ملڪ جي پوليس بيٺڪي دور جي حڪمرانن جي غلاميءَ تي ٻڌل فورس طور ڪم ڪري ٿي. پوليس ۾ جيتري سياسي مداخلت آهي، اها ڪنهن کان به ڳجهي نه آهي ۽ اها حقيقت به چئني صوبن ۾ موجود آهي. اتفاق سان هر صوبي جا رهواسي اهو سمجهندا آهن ته سندن صوبي جي پوليس سڄي ملڪ ۾ سڀني کان وڌيڪ ظالم ۽ عوام آزار آهي. پوليس هڪ اداري طور چئني صوبن ۾ اهڙو ئي ورتاءُ ڪري ٿي. جيڪڏهن مانوارا ڪرڪيٽر ان واقعي تي سنڌ پوليس، سنڌ حڪومت يا سنڌ ۾ مجموعي حڪمرانيءَ تي تنقيد ڪن ها ته ان تي ڪنهن کي به اعتراض نه ٿئي ها، ڇو ته اها تنقيد جائز آهي. بدقسمتيءَ سان هنن جي لفظن جي چونڊ انتهائي نامناسب هئي، جنهن ۾ هنن سنڌ کي جنهن طرح ننديو ۽ وري جنهن ريت ملڪ جي نام نهاد ميڊيا ان جملي کي روايتي تعصبي ذهن هيٺ اڀاريو، ان جو مجموعي تاثر سنڌ ۽ سنڌين کي گندو ڪري پيش ڪرڻ وارو هو.
مون هن معاملي تي پنهنجي ٽوئيٽر تان پوسٽ وسيلي ان رويي جي مخالفت ۾ لکيو. ڪجهه پڙهندڙن منهنجي خيال کان مختلف موقف رکيو. انهن دوستن جي موقف لاءِ به احترام آهي. ڪجهه ٻيا دوست، جن کي منهنجي موقف کان وڌيڪ منهنجي ذات سان ڪي ٻيا مسئلا رهيا آهن، انهن پنهنجي روايتي زبان استعمال ڪئي، جنهن کي مان خاص اهميت نه اڳ ڏني هئي، نه هاڻي ڏيڻ جي ضرورت ٿو محسوس ڪريان. ڪن مهربانن جو خيال هو ته مون ان ٽوئيٽ وسيلي سنڌ پوليس جي ان عمل جو جواز ڏنو آهي، جڏهن ته منهنجي پوسٽ جو پهريون جملو ئي ان واقعي جي مذمت بابت هو.
سنڌ صوبي جي گورننس ۽ هن جي پوليس جي نظام ۾ سئو خرابيون آهن پر انهن جي آڙ ۾ هڪ تعصبي مهم وسيلي ڪي حلقا سنڌ حڪومت يا پيپلز پارٽي بجاءِ سنڌ ۽ سنڌين کي نشانو بڻائيندا آهن. مثال طور: تازو ڪراچي جي هڪ شاپنگ مال ۾ باهه لڳي ۽ 11 شهرين جون جانيون ويون. ايڏي وڏي سانحي تي ڪراچي جي ايم ڪيو ايم ۽ جماعت اسلامي وارن اکر به نه ڪڇيو. اهي ساڳيا ماڻهو ان کان اڳ گٽر جو ڍڪڻ نه هجڻ تي به الڳ صوبي جو مطالبو ڪندا هئا ۽ هر ننڍي وڏي معاملي تي “سائين سرڪار” جو نفرتي اصطلاح استعمال ڪندا هئا، اهي اهڙو ماٺ آهن ڄڻ سانحو ڪنهن ٻئي صوبي ۾ ٿيو هجي. هي معاملو به اهڙو ئي آهي ته اهي سڀ ٽي وي چئنلز ماڙي جلباڻي واقعي تي ماٺ هئا پر ڪرڪيٽرن واري واقعي تي اڀامي پيا.
مان پنهنجي لکڻين ۽ ٽي وي پروگرامن ۾ بنا رک رکاءُ جي پيپلز پارٽي جي حڪومت تي تنقيد ڪندو رهندو آهيان پر ان جو مطلب هرگز ناهي ته پ پ حڪومت جي خراب ڪارڪردگي کي بنياد بنائي مجموعي طور سنڌ ۽ سنڌين کي ڪرپٽ، چور ۽ نااهل قرار ڏنو وڃي. مشرف جي دور ۾ سنڌ جي ناڻي ۽ ترقي تي جيڪي ڌاڙا لڳا، ان وقت اها ئي تعصبي ميڊيا نه رڳو ماٺ هوندي هئي پر ڪڏهن نه چيائون ته، “ڀائي سرڪار” سنڌ کي تباهه پئي ڪري. ويندي وڪيلن ۽ فيڪٽري ورڪرن کي جيئري ساڙڻ، 12 مئي جهڙي بربريت ۽ محبتِ سنڌ ريلي تي فائرنگ ڪري سنڌين کي مارڻ وارن واقعن تي به ڪڏهن هنن تعصبي چئنلن کي سنڌ جي گورننس خراب نظر نه ايندي هئي. مخالفت جو نشانو حڪومتن، قيادتن ۽ پارٽين کي بڻائجي ته ڪوبه اعتراض نه هوندو پر ان جي آڙ ۾ سنڌ ۽ سنڌين کي اجتماعي طور بدنام ڪري هڪ قوم جو اميج خراب ڪجي، ان ڳالهه تي ضرور اعتراض وارڻ گهرجي. ڄاڻي ٻجهي جيڪي ڌريون پيپلز پارٽي ۽ سنڌين ۾ فرق نه رکن ته ان جي پٺيان بدنيتيءَ کي نظر انداز نه ڪرڻ گهرجي.
پوليس جي ڪارڪردگيءَ جي ته ان معاملي ۾ پنجاب ڪيترو بهتر ۽ جنت جهڙو خطو آهي، ان جا ڪيترائي حوالا ڏيئي سگهجن ٿا پر هتي 2022ع ۾ جاري ٿيل هڪ رپورٽ جا ڪجهه انگ اکر اوهان جي اڳيان پيش ڪجن ٿا. Deadlier than ever: Police Violence جي عنوان هيٺ “وائيس پي ڪي” جي ويب سائيٽ تان جاري ڪيل اها رپورٽ ‘اسريٰ حق’ نالي ليکڪا لاهور مان ئي لکي آهي. ان رپورٽ ۾ هونئن ته پوليس جي ڪارنامن تي گهڻو ڪجهه لکيل آهي پر سن 2020ع ۾ صوبي- وار پوليس پاران انساني حقن جي ڪيل ڀڃڪڙين جا ڏنل انگ اکر ۽ گراف ٻڌائين ٿا ته پنجاب جي پوليس ان ڏس ۾ سڄي ملڪ کان اڳڀري آهي. اهي گراف هن مضمون ۾ به ڏجن ٿا. انهن انگن اکرن جا وچور هيٺ جدول ۾ ڏنا ويا آهن. مون هتي رڳو سنڌ ۽ پنجاب جي پوليس جي ڪارنامن جي ڀيٽ ڏني آهي.
اهي انگ اکر پنجاب جي ئي ريسرچر پاران ڏنا ويا آهن. ان رپورٽ ۾ هر ڀڃڪڙي جا انگ اکر به ڏنل آهن. هاڻي اهي انگ اکر پڙهي اندازو لڳايو ته ڇا سنڌ جي بجاءِ پنجاب ۾ رهڻ تي شڪر ڪندڙ ڪرڪيٽر ڪڏهن اهو ٻڌائي سگهندا ته اهو ڪهڙو جنت جو ٽڪرو آهي، جتي ايڏا سنگين جرم پوليس ڪري رهي هجي. اهو ئي ڪارڻ آهي جو منهنجي هن ٽوئيٽ تي پنجاب جي ڪيترن ئي دوستن مئسيجز ڪري چيو ته پنجاب جي پوليس ڪهڙي به طرح گهٽ خراب ناهي جو پوليس وارن جي هڪ عمل کي بنياد بڻائي اهڙا بيان ڏنا وڃن.
پوليس جو پورو نظام هڪ بدترين زوال جو شڪار آهي. پوليس ڪٿي ڪنهن جي اشاري تي ڪم ڪندي آهي، اهو به ڪنهن کان ڳجهو نه آهي. عوام ته پوليس هٿان آزاريل آهي ئي پر ڪنهن کان وسريو هوندو ته بينظير ڀٽو وزيراعظم هئي ۽ ڪراچيءَ ۾ سندس ڀاءَ کي ڪلفٽن جهڙي مصروف علائقي ۾ سرِ عام گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو. هڪ کاتي جي غير ذميوار اهلڪارن جي ان نندڻ جوڳي عمل کي بنياد بڻائي پوري صوبي ۽ قوم کي نشانو بڻائڻ انتهائي غير ذميواريءَ وارو عمل آهي، جنهن کي سنڌ جي خراب گورننس جي نالي تي هرگز بچاءُ فراهم نه ڪرڻ گهرجي. پنجاب جي گورننس تي ميڊيا ۾ ايتري ڳالهه نٿي ٿئي، ڪنهن وقت ان جا به انگ اکر ۽ حوالا بحث هيٺ آڻينداسين.