| پنجاب ۾ شگر ملز دير سان هلائڻ لاءِ ڳٺ جوڙ جو انڪشاف: ڪارٽل پڪڙجي پيو: 10 شگر ملز کي نوٽيس |
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) ڪمپٽيشـن ڪميشن پاڪستان ملي ڀڳت ذريعي قيمتون مقرر ڪندڙ شگر ملز جو ڪارٽل پڪڙي ورتو. پنجاب جي 10 شگر ملز کي ڪارٽل ٺاهڻ تي شوڪاز نوٽسز جاري ڪيو ويو. ڪميشن جو چوڻ آهي ته شگر ملز ڪمند جي ڪرشنگ ۾ دير ڪرڻ جو فيصلو ڳٺ جوڙ ذريعي ڪيو، ڪارٽل ٺاهي ڪمند جي قيمت 400 رپيا في مڻ مقرر ڪئي وئي، جنهن دوران هارين جي مفادن کي نظرانداز ڪيو ويو۔ شگر ملز 10 نومبر تي فاطمه شگر ملز ۾ ڳجهي ميٽنگ ڪئي، جنهن جي صدارت فاطمه شگر ملز جي ريزيڊنٽ ڊائريڪٽر رانا جميل احمد شاهد ڪئي۔ ميٽنگ ۾ ٻين شگر ملز جي نمائندن آن لائن شرڪت ڪئي ۽ گڏيل طور فيصلو ڪيو ويو ته ڪرشنگ 28 نومبر کان شروع ڪئي وڃي۔ اختيارين مطابق ڪارٽل ٺاهي قيمتون مقرر ڪرڻ ڪمپٽيشـن ايڪٽ جي خلاف ورزي آهي۔ ڪميشن شگر ملز کان 14 ڏينهن اندر لکت ۾ جواب طلب ڪري ورتو آهي. واضح رهي ته ڪرشنگ ۾ دير سبب کنڊ جي هٿرادو کوٽ ۽ قيمتن ۾ واڌ جو خدشو آهي۔ جن شگر ملز کي نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن، انهن ۾ فاطمه شگر ملز، شيخو شگر ملز، ٺل انڊسٽريز ڪارپوريشن، تاندليانوالا شگر ملز (رحمن هاجرہ يونٽ)، جي ڪي ون شگر ملز، اشرف شگر ملز، ڪشمير شگر ملز، سراج شگر ملز، ٽو اسٽار شگر ملز، حق باہو شگر ملز شامل آهن.