پنجاب ۾ قانون جون ڀڃڪڙيون: 4 مهينن دوران 2 لک ڪيس داخل

پنجاب ۾ قانون جون ڀڃڪڙيون: 4 مهينن دوران 2 لک ڪيس داخل

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پنجاب ۾ هلندڙ سال 2026ع جي پهرين چئن مهينن دوران ڏوهن ۽ مختلف قانونن جي ڀڃڪڙين بابت 2 لک 11 هزار کان وڌيڪ ڪيس داخل ڪيا ويا، جڏهن ته هزارين ڪيس اڃا به جاچ جي مختلف مرحلن ۾ آهن. پنجاب ۾ ماڻهن خلاف ڏوهن جا 81 هزار 985 ڪيس رپورٽ ٿيا. ملڪيت خلاف ڏوهن جا 52 هزار 16 ڪيس داخل ڪيا ويا. مقامي ۽ خاص قانونن جي ڀڃڪڙي جا 51 هزار 991 ڪيس رپورٽ ٿيا. مختلف نوعيت جا 25 هزار 983 ڪيس داخل ڪيا ويا. پنجاب ۾ چئن مهينن دوران قتل جا 792 ڪيس داخل ڪيا ويا. قتل جي 487 ڪيسن جا چالان عدالتن ۾ جمع ڪرايا ويا. قتل جا 283 ڪيس جاچ هيٺ آهن، جڏهن ته 16 ڪيس ناقابل سراغ قرار ڏنا ويا. ڀنگ لاءِ اغوا جا 7 هزار 68 ڪيس داخل ڪيا ويا. اغوا جي 2 هزار 134 ڪيسن جا چالان مڪمل ڪيا ويا.اغوا جا 4 هزار هڪ ڪيس جاچ هيٺ آهن، جڏهن ته 899 ڪيس ناقابل سراغ آهن. گينگ ريپ جا 63 ڪيس داخل ٿيا، جن مان 18 جا چالان مڪمل ڪيا ويا. گينگ ريپ جا 194 ڪيس جاچ هيٺ آهن، جڏهن ته 113 ڪيس ناقابلِ سراغ قرار ڏنا ويا. ڌاڙي جا 61 ڪيس داخل ٿيا، جن مان 28 جا چالان مڪمل ڪيا ويا. ڌاڙي جا 28 ڪيس جاچ هيٺ آهن، جڏهن ته 5 ڪيس ناقابل سراغ آهن. قلم 382 تحت چوري جا 407 ڪيس داخل ڪيا ويا. چوري جي 205 ڪيسن جا چالان مڪمل ڪيا ويا، جڏهن ته 658 ڪيس جاچ هيٺ آهن. مال جي چوري جا 4 هزار 771 ڪيس داخل ٿيا. مال جي چوري جي 2 هزار 670 ڪيسن جا چالان مڪمل ڪيا ويا. مال جي چوري جا هڪ هزار 508 ڪيس جاچ هيٺ آهن. مقامي ۽ خاص قانونن جي ڀڃڪڙي جا 52 هزار 16 ڪيس داخل ڪيا ويا. انهن مان 47 هزار 495 ڪيسن جا چالان مڪمل ڪيا ويا. جڏهن ته 4 هزار 210 ڪيس جاچ هيٺ آهن. مختلف نوعيت جا 51 هزار 991 ڪيس داخل ڪيا ويا. مختلف ڪيسن مان 28 هزار 543 جا چالان مڪمل ڪيا ويا. 18 هزار 334 مختلف ڪيس جاچ هيٺ آهن. جڏهن ته 4 هزار 688 ڪيس ناقابلِ سراغ قرار ڏنا ويا. پنجاب پوليس وڏي انگ ۾ ڪيسن جا چالان مڪمل ڪري عدالتن ۾ جمع ڪرائي ڇڏيا آهن، جڏهن ته هزارين ڪيس اڃا به جاچ جي مختلف مرحلن ۾ آهن.