پنجاب ۾ مڪاني چونڊون 15 ڊسمبر کان 15 جنوري تائين ڪرائڻ جو اعلان

پنجاب ۾ مڪاني چونڊون 15 ڊسمبر کان 15 جنوري تائين ڪرائڻ جو اعلان

اسلام آباد (م ڊ) اليڪشن ڪميشن ۽ صوبائي حڪومت مقامي حڪومت جي چونڊن بابت هڪ معاهدو ڪيو آهي، جنهن کان پوءِ تاريخ جو اعلان ڪيو ويو آهي. اليڪشن ڪميشن ۽ پنجاب مقامي حڪومت جي چونڊن کي مرحلن ۾ ڪرائڻ جي تجويز تي متفق ٿيا آهن ۽ اهي چونڊون 15 ڊسمبر کان 15 جنوري جي وچ ۾ ڪرايون وينديون. اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي بيان ۾ چيو ويو آهي ته پنجاب ۾ مقامي حڪومت جي چونڊون 15 ڊسمبر 2026 کان 15 جنوري 2027 تائين منعقد ڪيون وينديون. چيف سيڪريٽري پنجاب اليڪشن ڪميشن کي بريفنگ ڏني ته صوبائي حڪومت مٿي ذڪر ڪيل تاريخن دوران مرحليوار صوبي ۾ چونڊون ڪرائڻ چاهي ٿي ته جيئن مناسب سيڪيورٽي فراهم ڪري سگهجي ۽ انهن چونڊن لاءِ بهتر انتظام ڪري سگهجن.