پنجاب ۾ چونڊن کان اڳ ۽ 8 فيبروري تي دهشتگردي جو خطرو، الرٽ جاري

جنوري 25, 2024

لاهور ( م ڊ) پنجاب ۾ عام چونڊن کان پهرين ۽ چونڊ واري ڏينهن دهشتگردي جو خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي، پنجاب جي گهرو کاتي سمورن ضلعن جي انتظاميا ۽ پوليس کي خط لکي اليڪشن کان پهرين ۽ چونڊن واري ڏينهن دهشتگردي جي خطري بابت آگاهه ڪري ڇڏيو آهي. پنجاب جي گهرو کاتي طرفان لکيل خط ۾ چيو ويو آهي ته موجودا سيڪيورٽي جي صورتحال ۽ خطرن کي نظر ۾ رکندي پرامن اليڪشن لاءِ ضروري آهي ته فول پروف انتظام ڪيا وڃن ڇو ته دهشتگرد گروپ ۽ غير جهموري قوتون اليڪشن ۾ خلل وجهڻ چاهين ٿيون. خط ۾ ڄاڻايوويو آهي ته دهشتگرد گروهه ۽ غير جهموري قوتن طرفان غيريقيني صورتحال ۽ عدم استحڪام پيدا ڪرڻ جو مقصد اليڪشن ملتوي ڪرائڻ ٿي سگهي ٿو. خط ۾ چيو ويو آهي ته شر پسندي جو مقصد جهموري عمل کي پٽڙي تان لاهڻ به ٿي سگهي ٿو، انڪري پابندي مڙهيل مذهبي تنظيمون اهم سياسي اڳواڻن تي حملا ڪري سگهن ٿيون. ان کانسواءِ خط ۾ اِهو به خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي ته ووٽرز ۾ دهشت پيدا ڪرڻ لاءِ سياسي جلسن تي حملا ٿي سگهن ٿا، دهشتگرد اهم سياسي اڳواڻن کي اغوا ڪري يرغمال به بڻائي سگهن ٿا ۽ پولنگ واري ڏينهن بيلٽ پيپرز، باڪس ۽ چونڊ نتيجا کسي سگهن ٿا. پنجاب جي گهرو کاتي طرفان سمورن ضلعن جي انتظاميا کي فوج ۽ رينجرز جي مقرريءَ لاءِ علائقن جي نشاندهي ڪري  رپورٽ ڏيڻ جو چيو ويو آهي

Leave A Comment