پنجاب ۾ ڪمند پيڙهائي شروع، سنڌ ۾ اڃا سمورين شگرملز چمنيون به نه ٻاريون، کنڊ بحران، 210 رپيا ڪلو تائين وڪرو

پنجاب ۾ ڪمند پيڙهائي شروع، سنڌ ۾ اڃا سمورين شگرملز چمنيون به نه ٻاريون، کنڊ بحران، 210 رپيا ڪلو تائين وڪرو

ڪراچي/لاهور (نمائندن وٽان+م ڊ) پنجاب ۾ سمورين شگر ملن حڪومت جي ڪارروائي کان بچڻ لاءِ ڪمند جي پيڙهائي شروع ڪري ڇڏي، کنڊ جي قيمت ۾ گهٽتائي اچڻ جو امڪان آهي. سنڌ حڪومت پاران پيڙهائي شروع ڪرڻ لاءِ 30 نومبر جي تاريخ مقرر ڪرڻ باوجود رڳو 17 شگر ملن ئي چمنيون ٻاريون آهن. جڏهن ته صوبي ۾ کنڊ جي قيمت وڌي 180 کان 210 رپيا في ڪلو ٿي وئي آهي. مليل اطلاعن موجب پنجاب ۾ سڀني 41 شگر ملز ڪرشنگ شروع ڪري ڇڏي آهي جنهن کان پوءِ شوگر ملز مارڪيٽ ۾ اچڻ جو امڪان آهي. ذريعن موجب، ڪرشنگ کنڊ جي بليڪ تي وڪري ۽ مصنوعي کوٽ کي ختم ڪرڻ ۾ مدد ڪندي. جڏهن ته سنڌ ۾ رڳو 17 شگر ملون ئي چمنيون ٻاري سگهيون آهن انهن به اڃا پيڙهائي شروع نه ڪئي آهي. سنڌ حڪومت 30 نومبر کان پيڙهائي شروع ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي پر 16 شگر ملز اڃا چمنيون به نه ٻاريون آهن. ميرپورخاص ضلعي ۾ ميرپورخاص شگر مل، العباس شگر مل سميت 4 شگر ملن پنهنجيون چمنيون ٻاري ڇڏيون آهن، پر ڪمند جا سرڪاري اگھ مقرر نه ٿيڻ سبب ڪم شروع ناهي ٿي سگهيو. جڏھن ته 15 اڪٽوبر کان شوگر ملز شروع ٿڻيون هنيون جيڪي هن وقت تائين ناهن شروع ٿيون، جنهن سبب شهر توڙي ڀرپاسي جي علائقن م کنڊ جا اگھ چوٽ چڙهيل آهن، ميرپورخاص ضلعي م هن وقت کنڊ 186 کان 195 رپين تائين في ڪلو وڪرو ٿي رهي آهي. ٽنڊو محمد خان ضلعي جي 4 شگر ملن مان 3 شگر ملن انصاري شگر ملز، سنڌ آبادگار شوگر ملز ۽ فاران شوگر ملز چمنيون ٻاري ڇڏيون آھن پر ڪنھن به شوگر مل ڪريشنگ جو آغاز نه ڪيو آھي. ٽي ايم ڪي شگر ملز ۽ سيري شگر ملز ڪافي وقت کان بند پيل آھن. ٽنڊو محمد خان ۾ کنڊ جو اگهه 200 رپيا ڪلو آهي سانگھڙ شگر مل ڪمند جي پيڙهائي لاءِ چمني ٻاري ڇڏي آهي پر ڪمند جي پيڙهائي شروع نه ٿي سگهي آهي. آبادگارن کي ڪمند جي ڪٽائي جا انڊنٽ جاري ڪيا ويا آهن. ضلعي اندر کنڊ جو ريٽ 190 کان 210 روپيا آهي پرائس ڪنٽرول توڙي ضلع انتظاميا خاموش نظر اچي رهي آهي. مٽياري جي هڪ شگر ملز چمني ٻاري آهي. دادو ويجهو پيارو شگر مل جون چمنيون ته ٻاريون ويون آهن مگر هن وقت تائيم پيڙهائي شروع نه ٿي سگهي آهي. 25 نومبر تي پيڙهائي جو عمل شروع ڪرڻ جو امڪان آهي. ضلعي دادو ۾ کنڊ في ڪلو 200 رپيا وڪرو ٿي رهي آهي. خيرپور ضلعي ۾ ٻه شگر ملن خيرپور ۽ راڻيپور شگر ملز پيڙھائي شروع ناهي ڪئي. ضلعي ۾ کنڊ ڪٿي 180 ته وري ڪٿي 190 رپيا ڪلووڪرو ٿي رهي آهي لاڙڪاڻو نئون ديرو شگر ملز چمني نه ٻاري آهي جنهن ڪري ڪريشنگ شروع نه ٿي سگهي آگي هن وقت مارڪيٽ ۾ کنڊ 190 کان 200 روپين  تائين وڪامي رهي آهي، ٺٽي ضلعي ۾ 2 شگر ملز عبدالله شاھ غازي ڳاڙھو ۽ ٺٽو شگر ملز سالن کان بند پيون آھن ٺٽي اندر کنڊ في ڪلو 190 کان 200 رپين تائين وڪامي رھي آھي سکر ۾ کنڊ في ڪلو 180 کان 190روپيا في ڪلو وڪرو ٿي رهي آهي، جڏهن ته ڪرن شگر ملز اڃا چمني نه ٻاري آهي. حيدرآباد ضلعي ۾ کنڊ 185 کان 190 رپيا في ڪلو وڪرو ٿي رھي آهي. ڪراچي ۾ 182 کان 186 رپيا ڪلو کنڊ وڪرو ٿي رهي آهي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ، عمرڪوٽ ۽ ملير ضلعن ۾ کنڊ 200 روپيه ڪلو آھي ڪشمور ڪنڌڪوٽ ضلعي ۾ کنڊ 205 روپيا في ڪلو جي حساب سان وڪرو ٿي رهي آهي جيڪب آباد ضلعي ۾ سنهي کنڊ 200 رپيا ۽ ٿلهي کنڊ 205 رپيا في ڪلو هلي ٿي.