| پنجاب ۾ 16، سنڌ ۾ 7، ڪي پي ۾ 3 ۽ بلوچستان ۾ هڪ جديد ٽيلي ميٽري سسٽم لڳائڻ جو فيصلو |
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي جي آبي وسيلن بابت اسٽيڊنگ ڪميٽيءَ جو اجلاس احمد عتيق انور جي صدارت هيٺ منقعد ٿيو. اجلاس ۾ رين واٽر هارويٽنگ ۽ انڊر گراونڊ واٽر ليول تي بحث ڪيو ويو. چيئرمين ڪميٽي چيو ته جڏهن به توهان پاڻي هارويسٽ ڪيو ٿا ته واٽر ريچارج ليول لازمي آهي. پنجاب ۾ اڳ ٽيوب ويلز ذريعي فصل ٿيندا هئاپر هاڻي اهي خشڪ ٿي چڪا آهن. آبي وسيلن واري وزارت جي سيڪريٽري چيو ته جيڪڏهن پاڻي منفي ليول تي وڃي ته گراونڊ واٽر ليول به گهٽجي ويندو. پاڪستان ۾ گراونڊ واٽر ليول جي صورتحال مختلف آهي، ڪٿي پاڻي جو ليول تمام مٿي ته ڪٿي تمام هيٺ آهي. پاڪستان ۾ پاڻي جي ليول جو ڊيٽا جيڪو هجڻ گهرجي، اهو موجود ناهي. چيئرمين واپڊا چيو ته اسان وٽ پاڻي جي گهٽتائي کي سنڌ طاس معاهدي ذريعي پورو ڪيو وڃي ٿو، پر معاهدي ۾ ايندڙ دريائن ۾ پاڻي گهٽ هوندو آهي. انهن دريائن ۾ ڪڏهن 10 سالن بعد ٻوڏ اچڻ تي پاڻي اچي ٿو، ٻي صورت ۾ پاڻي تمام گهٽ هوندو آهي. واپڊا چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ محمد سعيد چيو ته پاڪستان ۾ گرائونڊ واٽر ليول تيزي سان هيٺ وڃي رهيو آهي. اسان ماڻهن کي پاڻي جي استعمال تي تبديل نه ٿا ڪري سگهون، پر وسيلن کي وڌائي سگهون ٿا. ڪميٽي چيئرمين احمد عتيق انور پڇيو ته ڇا پاڪستان ۾ انڊر گرائونڊ واٽر ريور آهي. آبي وسيلن واري وزارت جي سيڪريٽري چيو ته انڊر گرائونڊ واٽر ريور گهڻو ڪري جابلو علائقن ۾ هوندو آهي. درياهه راوي ۽ ستلج خشڪ ٿيڻ شروع ٿي ويا آهن ۽ انهن دريائن ۾ رڳو ٻوڏ دوران پاڻي اچي ٿو. هن وڌيڪ چيو ته واپڊا جا پهريان 46 فلڊ ٽيلي ميٽري سسٽم لڳل آهن. ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ محمد سعيد چيو ته اڳ وارا انسٽالڊ ٽيلي ميٽري سسٽم مينيوئل آهن. نوان ٽيلي ميٽري سسٽم مڪمل ريئل ٽائم ڊيٽا فراهم ڪندا. نوان ٽيلي ميٽري جديد ۽ مڪمل خودڪار هوندا، اسان ملڪ جي مختلف 27 سائيٽس تي ٽيلي ميٽري سسٽم لڳائي رهيا آهيون. پنجاب ۾ 16، سنڌ ۾ 7، ڪي پي ۾ 3 ۽ بلوچستان ۾ هڪ ٽيلي ميٽري سسٽم لڳايو ويندو. بلوچستان جي اختيارين اجلاس کي بڌايو ته اسان چاهيون ٿا ته سنڌ جا ٽيلي ميٽري سسٽم بلوچستان ۾ لڳايا وڃن. سنڌ جي عملدار اعتراض ڪيو ته بلوچستان جي ڊمانڊ صرف چار مهينا اڳ آئي آهي. ان کان اڳ جڏهن پي سي ون ٺهيو ته بلوچستان ڪو اعتراض نه ڪيو. چيئرمين واپڊا چيو ته سڀني وفاقي يونٽن کي آن بورڊ وٺڻ کان سواءِ ڪو به فيصلو نه ڪيو ويندو. اسان جي سڀني ڪئنالن ۾ پاڻي چوري جو رواج آهي. ٽيلي ميٽري سسٽم ڪئنالن ۾ پاڻي جي اصل مقدار ٻڌائي سگهندو. سيد جاويد علي چيو ته سسٽم ڪٿي لڳائڻا آهن، اهو فيصلو واپڊا ۽ ارسا کي ڪرڻ ڏيو. چيئرمين ڪميٽي چيو ته بلوچستان ۽ سنڌ ۾ اختلاف حل ڪيا ويندو. واپڊا ۽ ارسا ٻنهي صوبن سان گڏ ميٽنگ ڪري حل ڪڍي. واپڊا پاران ڏنل بريفنگ مطابق جنوري 2027 تائين ٽيلي ميٽري سسٽم جو منصوبو مڪمل ٿيڻ جي مدت مقرر آهي.