پنجاب ۾ 19 سياستدانن لاءِ خطرا: چونڊون وقت تي ٿينديون، هر صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ تياريون مڪمل آهن: چيف اليڪشن ڪمشنر
جنوري 18, 2024
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) چيف اليڪشن ڪمشنر واضح ڪيو آهي ته چونڊون مقرر وقت تي ٿينديون، سمورا انتظام مڪمل آهن، هر قسم جي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ تياري مڪمل آهي. اليڪشن ڪميشن ۾ عام چونڊن جي تياري جي حوالي سان اهم اجلاس ٿيو، جنهن جي صدارت چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا ڪئي. اجلاس دوران چيف اليڪشن ڪمشنر واضح ڪيو ته پرامن چونڊون ڪرائڻ انتظاميا ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ذميواري آهي. سيڪيورٽي اختيارين بريفنگ ۾ چيو ته سمورا انتظام مڪمل آهن، ملڪ جي ڪجهه حصن ۾ ٿريٽ الرٽس آهن پر چونڊن جي حوالي سان ڪا ڪسر نه ڇڏينداسين. چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته اداري يا پولنگ اسٽاف جي ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي، ضابطن جي ڀڃڪڙي تي به قانون موجب سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته بيلٽ پيپرز جي ڇپائي وارو ڪم جاري آهي تنهن ڪري هن موقعي تي جيڪڏهن چونڊ نشان ۾ تبديليون ڪيون ويون ته انهن علائقن ۾ اليڪشن ڪرائڻ مشڪل ٿي ويندو، هن چيو ته چونڊن جي سخت مانيٽرنگ ٿيندي ۽ سڄي ملڪ ۾ چونڊون مقرر تاريخ تي ئي ٿينديون. چيف سيڪريٽريز، آئي جيز ۽ چيف ڪمشنر اسلام آباد اجلاس کي ٻڌايو ته چونڊن لاءِ سمورا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن ۽ ڪنهن به قسم جي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ سموريون تياريون مڪمل آهن، اجلاس ۾ سمورن آءِ جيز کي يقين ڏياريو ويو ته جتي به پوليس جي تعداد ۾ گهٽتائي آهي، اتي ٻين سيڪيورٽي ادارن ذريعي کوٽ ختم ڪئي ويندي، چيف سيڪريٽري خيبرپختونخواهه اجلاس کي ٻڌايو ته برفباري متاثر ضلعن ۾ چونڊن واري ڏينهن سمورا رستا کليل رکيا ويندا ۽ پولنگ اسٽيشنن تائين عوام جي پهچ کي يقيني بڻايو ويندو. آءِ جي پنجاب عثمان انور جي اليڪشن ڪميشن جي اجلاس کي آگاهي ڏيندي چيو ته پنجاب ۾ 19 سياستدانن جي سيڪيورٽي لاءِ خطرا آهن، اجلاس بعد آءِ جي پنجاب عثمان انور ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پنجاب ۾ 19 سياستدانن لاءِ سيڪيورٽي ٿريٽس آهن، سيڪيورٽي سببن جي ڪري سياستدانن جا نالا نه ٿو ٻڌائي سگهان، آءِ جي چيو ته پنجاب ۾ 92 هزار سيڪيورٽي اهلڪارن جي کوٽ کي منهن پيا ڏيون، تنهن هوندي به صوبي ۾ اليڪشن لاءِ حالتون سازگار آهن