پنجاب ۾ 9 سالن جي نينگري سان زيادتي ۽ قتل جا 3 جوابدار مارجي ويا

پنجاب ۾ 9 سالن جي نينگري سان زيادتي ۽ قتل جا 3 جوابدار مارجي ويا

ننڪانه صاحب (م ڊ) پنجاب جي ننڪانه صاحب ضلعي جي صدر پوليس اسٽيشن جي حدن ۾ ڦرلٽ کان پوءِ موٽرسائيڪل ڦرڻ کان پوءِ فرار ٿيندڙ جوابدار جو سي سي ڊي سان مبينا مقابلو ٿيو. پوليس موجب ڦرلٽ کان پوءِ جوابدار فرار ٿي رهيا هئا ته سي سي ڊي ٽيم انهن جو تعاقب ڪيو. فائرنگ ۾ ٽئي مبينا ڌاڙيل مارجي ويا. جوابدارن جا نالا هارون، علي حسنين ۽ عاڪف ٻڌايا پيا وڃن. فوت ٿيل جوابدار ڪجهه ڏينهن اڳ ننڪانه ۾ 9 سالن جي ٻارڙي رفعت فاطمه جي اغوا، زيادتي ۽ قتل جي ڪيس ۾ گهربل هئا. جوابدارن جي قبضي مان غيرقانوني هٿيار ۽ چوري ٿيل موٽرسائيڪل هٿ ڪئي وئي، جڏهن ته جوابدارن جا ٽي ساٿي اوندهه ۾ فرار ٿي ويا، جن جي ڳولا جاري آهي.