پنجاب: 9مئي واقعن ۾ گرفتار شرپسندن جو انگ 3800 کان وڌي ويو

مَي 21, 2023

لاهور (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پنجاب ۾ 9مئي واقعن ۾ ملوث شرپسندن جي گرفتارين جو سلسلو جاري آهي سرڪاري ۽ نجي ادارن تي حملن وڳوڙن ۽ باهيون ڏيڻ وارن واقعن ۾ ملوث گرفتار جوابدارن جو انگ 3800 کان وڌي ويو آهي

پوليس ذريعن موجب شرپسندن پرتشدد ڪارروائين ۾ 162 پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن کي زخمي ڪيو پوري پنجاب ۾ پوليس جي استعمال هيٺ 97 گاڏين کي نقصان پهچايو ويو ٿاڻن سميت 22 سرڪاري عمارتن کي شديد نقصان پهچايو ويو

پوليس ذريعن موجب لاهور ۾ هيل تائين 2 هزار کان وڌيڪ شرپسندن کي گرفتار ڪيو ويو آهي رات به اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي گهرن تي ڇاپا هنيا ويا

Leave A Comment