پنجين ايشز ٽيسٽ ۾ دلچسپ صورتحال، انگلينڊ جون 384 رنسون، روٽ جي سينچري

پنجين ايشز ٽيسٽ ۾ دلچسپ صورتحال، انگلينڊ جون 384 رنسون، روٽ جي سينچري

سڊني (اسپورٽس نيوز) ايشز سيريز جي آخري ٽيسٽ ميچ ۾ انگلينڊ جي ٽيم هڪ ڀيرو وري دٻاءُ جو شڪار ٿي وئي. 211 رنسون 3 رانديگر آئوٽ تان ٻئي ڏينهن اننگ شروع ڪرڻ بعد سموري ٽيم وڌيڪ 173 رنسن جي اضافي سان آئوٽ ٿي وئي ۽ 384رنسون ٺاهيون. هيري بروڪ 84، بين اسٽوڪس 0، جيمي اسمٿ 46، ول جيڪس 27، ڪارسي 1، جو روٽ 160 ۽ جوش ٽنگ بنا اسڪور جي آئوٽ ٿيا. مائيڪل نيسر 4، مچل اسٽارڪ ۽ اسڪاٽ بولينڊ 2-2 ۽ ڪيمرون گرين ۽ لبوشين هڪ هڪ وڪيٽ ورتي. آسٽريليا جي ٽيم پهرين اننگ ۾ راند ختم ٿيڻ تائين 2 وڪيٽن تي 166 رنسون ٺاهي ورتيون. اوپنر ٽريوس هيڊ ۽ جيڪ ويڌرلينڊ 57 رنسن جي پارٽنرشپ ڪئي. جيڪ 21 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو. لبوشين ۽ هيڊ 105 رنسن جي  پارٽنرشپ ڪئي. لبوشين 48 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو. راند ختم ٿيڻ تي هيڊ 91 ۽ مائيڪل نيسر 1 رنس تي ناٽ آئوٽ هئا. آسٽريليا کي خسارو ختم ڪرڻ لا3 8 وڪيٽن تي 218 رنسون گهربل آهن. راند جي خاص ڳالهه لبوشين ۽ انگلش ڪپتان بين اسٽوڪس وچ ۾ منهن ماري هئي جنهن کي امپائرن وچ ۾ پئي ختم ڪرايو. ٻئي وڪيٽون اسٽوڪس ورتيون.