پنجگور ۾ ڦرلٽ دوران ڌماڪو،1 ڄڻو مارجي ويو، 16 زخمي

پنجگور ۾ ڦرلٽ دوران ڌماڪو،1 ڄڻو مارجي ويو، 16 زخمي

شھدادڪوٽ (رپورٽ: امير علي مڱڻهار) بلوچستان جي شھر پنجگور الله اڪبر چوڪ ڀرسان ۾ نامعلوم ھٿياربندن شھر ۾ ايندڙ ويندڙ ماڻھن کان ڦر جي ڪوشش ڪئي، نه بيھڻ تي فائرنگ ۽ موٽرسائيڪل ۾ نصب ٿيل بم ڌماڪو ڪيو ويو، جنهن ۾ ھڪ شھري ديدار بلوچ، مارجي ويو جڏهن ته 16 شھري زخمي ٿي پيا، اطلاع تي پوليس پھچي علائقي کي ڪڙو چاڙهي ھٿياربندن خلاف سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو.  سيڪورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ادارن پنجگور کان ٻاھر ايندڙ ويندڙ رستن تي سيڪورٽي وڌائي ڇڏي، ھر ايندڙ ويندڙ ماڻھن کان پڻ تلاشي ورتي وئي، جڏھن ته بم ڌماڪي واري ھنڌ،  سميت پوري علائقي کي سڪيورٽي فورسز ڪڙو چاڙهي ڇڏيو.