پندس نه، پورهيو ڪري پيٽ پاليندس: خيرپور واسي يتيم نينگر جي وڊيو وائرل

جُولاءِ 5, 2023

خيرپور (پنهنجي ڊيسڪ) خيرپور واسي يتيم نينگر پيٽ پالڻ لاءِ پنڻ بدران ڀڳڙا کپائي ٿو، ماڻهن کيس پنڻ جو مشورو ڏنو پر هن انڪار ڪري ڇڏيو، اهڙي وڊيو وائرل ٿي وئي آهي

نينگر ٻڌائي ٿو ته ڀڳڙا کپائيندو آهيان، هڪ ڏينهن منهنجا ڀڳڙا هارجي پيا، مون کي ڀائي چيو ته تون پن، ڏاڍو ڪمائيندين، مون چيومانس ڀلا تون به مون سان گڏ اچي پن، صحيح چيومانس نه،

همراهه سوال ڪريس ٿو ته پوءِ پنين ڇو نه ٿو؟ جنهن تي نينگر چوي ٿو ته نه با، امڙ جو قسم وڌل آهي، چيو هئائين ته مان مري به وڃان ته به نه پنجان، مون امان کي چيو ته صحيح آهي، والدين بابت پڇا ڪرڻ تي نينگر ٻڌائي ٿو ته والدين ناهن، اهي گذاري ويا آهن

سوشل ميڊيا تي ڄاڻايو ويو آهي ته نينگر جو تعلق خيرپور ميرس سان آهي جڏهن ته نينگر جي مالڪي ڪرڻ ۽ کيس تعليم ڏيارڻ لاءِ ڪوششون به ورتيون پيون وڃن

لاڳاپيل پوسٽون

  • لاڙڪاڻو: نينگر رائيس ڪئنال ۾ ٻڏي فوت

  • خيرپور: ميرواهه ڪئنال مان هٿ آيل لاش جي سڃاڻپ

  • وياج جي شرح 11 سيڪڙو برقرار

  • وڳڻ ڀرسان حادثو، هڪ ڄڻو فوت، 3 زخمي