پنهنجا ئي غدار: صدر مادورو کي سندس ويجهي ساٿي پڪڙايو

پنهنجا ئي غدار: صدر مادورو کي سندس ويجهي ساٿي پڪڙايو

واشنگٽن: وينزويلا جي صدر مادورو کي پڪڙائڻ ۾ سندس ئي ويجهي ساٿي غداري ڪئي ۽ سي آءِ اي جو ايجنٽ بڻيو. آمريڪي ٽي وي سي بي ايس مطابق وينزويلا جي حڪومت اندر هڪ سي آءِ اي مخبر آمريڪي فوج جي ڊيلٽا فورس کي گرفتار ٿيڻ کان اڳ نڪولس مادورو کي ڳولڻ ۽ پڪڙڻ ۾ مدد ڪئي. مخبر هڪ وسيع انٽيليجنس نيٽ ورڪ جو حصو هو، جنهن ۾ هوائي ۽ سگنل انٽيليجنس شامل هئي. آپريشن مهينن جي محتاط منصوبابندي ۽ سي آءِ اي ۽ پينٽاگون وچ ۾ سهڪار جو نتيجو هو. اهو فوري طور تي واضح نه هو ته سي آءِ اي مخبر کي صدر مادورو کي پڪڙڻ لاءِ ڪڏهن ڀرتي ڪيو. آمريڪي حڪومت مادورو جي گرفتاري جي حوالي سان معلومات لاءِ 50 ملين ڊالر انعام جي آڇ ڪئي هئي. رائٽرز جي مطابق صدر مادورو جي ويجهو هڪ آمريڪي مخبر سندس چرپر جي نگراني ڪري رهيو هو ۽ ممڪن آپريشن جي صورت ۾ سندس صحيح جڳهه جي معلومات فراهم ڪرڻ لاءِ به تيار هو. سي آءِ اي هڪ زميني ٽيم ۽ صدر مادورو جي ويجهن ذريعن ذريعي سندس سرگرمين ۽ هنڌ جي نگراني پڻ ڪئي.