| پنهنجا هٿيار ڦٽا نه ڪنداسين: حزب الله جو اعلان |
بيروت (م ڊ) لبنان جي حزب الله جي سينيئر اڳواڻ وافق صفا لبنان ۽ اسرائيل جي وچ ۾ 10 ڏينهن جي جنگ بندي جي شروعات کان ڪجهه ڪلاڪ اڳ بي بي سي کي ٻڌايو ته اسان ڪڏهن به، ڪنهن به حالت ۾ پنهنجا هٿيار ڦٽا نه ڪنداسين. مناسب جنگ بندي، اسرائيلي واپسي، قيدين جي واپسي، بي گهر ماڻهن جي واپسي ۽ نئين سر تعمير کان اڳ حزب الله جي هٿيارن بابت ڪا به ڳالهه نه ٿي ٿي سگهي.هن چيو ته حزب الله ۽ ايران هڪ جسم ۾ ٻه روح آهن. ايران کان سواءِ حزب الله ناهي، ۽ حزب الله کان سواءِ ايران ناهي.