پنهنجا ٻچا کائيندڙ تبديلي!

مَي 27, 2023

                 9 مئي کانپوءِ جيڪو “آپريشن پي ٽي آءِ” شروع ٿيو، تنهن جو پهريون رائونڊ جاري آهي. انهيءَ پهرئين رائونڊ تحت هر روز ڪونه ڪو پي ٽي آءِ اڳواڻ اچي 9 مئي جي واقعن جي شديد مذمت ڪندي پي ٽي آءِ کان راهون ڌار ڪرڻ جو اعلان ٿو ڪري. مئي جي سخت ترين گرميءَ ۾ جيلن اندر اڳواڻ فقط پاڻ کي رجهڻ ۽ خراب ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ ڪجهه به ڪرڻ لاءِ تيار آهن. اهي “انقلابي اڳواڻ” جيڪي پي ٽي آءِ جي جلسن ۾ “تيرا باپ بهي ديگا آزادي” جا نڙي ڦاڙ نعرا هڻندا هئا، تن کي جيلن مان آزادي ته ملي رهي آهي پر پارٽي ۽ سياست کان ئي توبهن تائب ٿيڻ جي شرط تي. حد ته اها آهي ته اهي اڳواڻ جيڪي جيلن ۾ نه ويا يا جن کي پي ٽي آءِ ڪڏهن جو پارٽيءَ مان ڪڍي ڇڏيو، سي به ڊپ وچان اچي پريس ڪانفرنسون ڪري رهيا آهن. هو جيڪي نئون پاڪستان ٺاهڻ آيا هئا، هن ملڪ جي نوجوان نسل جي تقدير سنوارڻ آيا هئا، تن قوم جي ٻارن کي اڪيلو جيلن ۾ ڇڏي فرار جي راهه اختيار ڪئي ۽ هاڻ اهي نوجوان جيڪي سندن جلسن جي رونق هوندا هئا، تن جو فيصلو فوجي ڪورٽن جي هٿن ۾ آهي.

  فواد چوڌري کان ويندي علي زيدي تائين پي ٽي آءِ اڳواڻن جي هڪ ڊگهي لسٽ آهي، جن نه ڪڏهن تشدد سٺو نه جيل ويا. هنن کي اهو ڪجهه ملي ويو، جنهن جي کين طلب به نه هئي. هڪ آرام پسند زندگي، بينڪ بيلنس، بهترين لائيف اسٽائيل وارن ماڻهن کي توهان اوچتو سرڪاري پروٽوڪول ۽ پاور ڏئي ڇڏيو ۽ پوءِ هڪدم کانئن اهي مراعتون کسي وٺو ته هنن جا ترا نڪري ويندا، اهو ئي پي ٽي آءِ جي اڳواڻن سان ٿيو ۽ ٿي رهيو آهي. هو ڪي نظرياتي ماڻهو نه هئا،  نه ئي هنن جي سياست اصولي هئي. هو جنهن مقصد لاءِ گڏ ٿيا هئا، سو سندن ذاتي مفادن جي چوگرد پئي گهميو. الميو اهو ٿيو ته اهو نوجوان نسل، جن کي پي ٽي آءِ قيادت تبديلي ۽ انقلاب جا خواب ڏيکاري گمراهه ڪيو، تن جو سر رلي ويو. هنن جي تربيت هڪ سياسي ڪارڪن وانگر نه پر هڪ cult follower وانگر ڪئي وئي. جن لاءِ سياسي اخلاقيات جي ڪا حيثيت نه هئي، جن لاءِ دليل سان ڳالهائڻ جي منع هئي، جن لاءِ هي ملڪ ۽ رياست نه پر سندن ليڊر ئي ريڊلائين هو.

  عمران خان سموري دور ۾ مخالفن کي چور، ڊاڪو ثابت ڪرڻ ۾ مصروف رهيو. هن سياسي مخالفن سان تعميري ڳالهه ٻولهه کي ترجيح ڏيڻ بدران کين ڊس ڪريڊٽ ڪرڻ تي وڌيڪ زور ڏنو. سوشل ميڊيا جا سيل قائم ڪري کين مخالفن جي سياست ۽ عزت جون ڌڄيون اڏائڻ جو ٽاسڪ ڏنو ويو. سياسي نقطهء نظر کي غداري ۽ ڪفر جهڙين فتوائن جو لباس پارايو ويو ۽ معاشري ۾ اهڙي تفريق پيدا ڪئي وئي، جنهن جو ان کان اڳ مثال ملڻ مشڪل آهي. ڏينهن رات مخالفن کي چور چور چئي هن پنهنجن ورڪرن ۽ همدردن کي اخلاقي طور بگاڙي ان حد تائين ذهن سازي ڪئي، جو سوشل ميڊيا ته ٺهيو پر انهن ورڪرن کي ايئرپورٽ کان ويندي ريسٽورينٽ تائين جتي به ڪو اڳواڻ هٿ چڙهندو هو ته ان سان تذليل ڪري وڊيو ٺاهڻ هنن جو پسنديده مشغلو بڻجي ويو. لنڊن ۾ روز نواز شريف جي رهائشگاهه ٻاهران بينر کڻي شريف خاندان جي مٽي پليت ڪئي ويندي هئي. ان عمل جي مذمت ڪرڻ بدران پي ٽي آءِ قيادت ان کي همٿائيندي رهي، تان جو هنن حرم پاڪ ۾ به نواز ليگ اڳواڻن کي نه ڇڏيو.

  انهن نوجوانن کي اهو يقين ٿي هليو هو ته سندن ليڊر ئي هن ملڪ جو مسيحا آهي، هو کيس اڪيلو نه ڇڏيندا، ڇو ته خان جيڪو ڪجهه ڪري رهيو آهي، سو هنن لاءِ ئي ڪري رهيو آهي. هو ڪرپٽ مافيائن سان وڙهي رهيو آهي، هن ملڪ کي ڏيهي پرڏيهي آقائن کان غلامي ڏياريندو. هو ملڪ کي ايشيا جو ٽائيگر بڻائيندو وغيره. عمران خان اهڙا ئي سبز باغ ڏيکاري انهن نوجوانن کان اصل حقيقتن کي اوجهل رکيو. سندس ڪنهن به تقرير ۾ هن ملڪ جي ترقي جو نه ته ڪو روڊميپ هو، نه ئي ڪا جامع پاليسي، جي هو ته رڳو مخالفن کي چور، ڊاڪو جا لقب هئا. اها ئي ٻولي سندس ڪارڪن سوشل ميڊيا تي ڳالهائيندا رهيا پر فرق اهو هو ته اها ٻولي تهذيب ۽ اخلاق جي دائري کان نڪتل هئي. انهن نوجوانن کي عمران خان پنهنجي مقصد لاءِ ٻارڻ طور استعمال ڪيو، هنن کي رياستي طاقت جي اڳيان ڪري پاڻ ضمانتون وٺڻ ۾ لڳي ويو. هي اهي ئي ڪارڪن هئا، جيڪي پنهنجي ليڊر جي هر ‘يو- ٽرن’ جو دفاع ڪندا هئا، هر ڪوڙ کي سچ سمجهندا هئا، هر حڪم کي اکين تي رکندا هئا، ڇو ته پاڪستاني سياست ۾ عمران خان جو هڪ وڏو ڪريڊٽ اهو هو ته هن جي ڪري ملڪ جو اهو سکيو ستابو طبقو، نوجوان ڇوڪريون ۽ ڇوڪرا سياست ۾ متحرڪ ٿيا، جيڪي روايتي ۽ خانداني سياست کان بيزار هوندا هئا، جيڪي نه ڪڏهن سياسي جلسن ۾ ويندا هئا، نه ئي هنن ڪڏهن ووٽ ڏنو هو. عمران خان جي شڪل ۾ کين هڪ سبب مليو ته هو به پنهنجو سياسي ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ گهرن جي آرام پسند زندگي کان ٻاهر نڪرن. پنجاب ۽ ڪي پي جي روايتي سياسي زندگي ۾ اها خوشگوار تبديلي هئي پر عمران خان ان تي وڌيڪ محنت ڪرڻ ۽ کين سياسي طور تربيت ڪرڻ بدران جنهن دڳ تي لائي ڇڏيو، تنهن کين هڪ ميچوئر سياسي ڪارڪن بدران هڪ اهڙي وائڙي لٺ بڻائي ڇڏيو، جيڪا بنا ڪنهن فرق جي هر مخالف جي پٺيءَ تي وسندي رهي.

  عمران خان کان بنيادي غلطي اها ٿي ته هو جنهن عسڪري طاقت جي سهاري اقتدار ۾ آيو، تنهن کي هو عوامي طاقت سمجهي ويٺو هو. اها تبديلي جنهن جو عمران خان نعرو هنيو هو، سا انهيءَ عسڪري طاقت وسيلي نه پر عوامي طاقت ذريعي اچڻي هئي. ان ۾ ڪا راڪيٽ سائنس نه هئي ته عسڪري سنگت جڏهن کيس اقتدار ۾ آڻي پئي سگهي ته کيس اقتدار تان لاهي به پئي سگهي. هن ملڪ جي سموري تاريخ اهڙن انيڪ واقعن سان ڀريل هوندي به اها ڳالهه سمجهڻ ۾ عمران خان گهڻي دير ڪري ڇڏي. هن اهو فرض ڪري ورتو ته هاڻ هو ۽ اقتدار هڪ ئي سڪي جا ٻه پاسا آهن، هاڻ حڪومت نه شريفن وٽ وڃڻي آهي، نه زرداريءَ وٽ. هن اهو به فرض ڪري ورتو ته هو اسٽيبلشمينٽ جي مجبوري ٿي چڪو آهي، کيس حڪومت تان هٽائي نٿو سگهجي، ان ڪري هڪ نمائشي وزير اعظم بدران هن جڏهن ضرورت کان وڌيڪ وزير اعظم ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي ته کيس حڪومت وڃائڻي پئي.

  عمران خان حڪومت وڃڻ کانپوءِ به قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن جو ڀرپور ڪردار ادا ڪري حڪومت کي دٻاءُ ۾ رکي پئي سگهيو، پر انا ۽ ضد ۾ ڀرجي هن قومي اسيمبلي خالي ڪري ڇڏي. هو پنجاب ۽ ڪي پي حڪومتن وسيلي پارٽي کي وڌيڪ مضبوط ڪري پئي سگهيو ۽ پرويز الاهي جهڙي زيرڪ سياستدان وسيلي شريف خاندان جي گهر جي وڪيٽ تي کيڏي پئي سگهيو پر هن اهي سياسي مورچا به خالي ڪري ڇڏيا. موجوده حڪومت جڏهن قانونسازي بعد اليڪشن ڪرائڻ پئي وئي ته هن اوچتو لانگ مارچ جو اعلان ڪري ڇڏيو ۽ اها اليڪشن جيڪا گذريل سال ٿيڻي هئي، سا هن سال به ٿيندي نظر نٿي اچي. اڳ مخالف پارٽيون کيس پارليامينٽ ۾ ويهڻ، ڳالهيون ڪرڻ لاءِ چونديون هيون، ايتري قدر جو سپريم ڪورٽ به عمران خان کي ڳالهين جو رستو ڪڍي ڏنو، پر خان انا جي گهوڙي تي سوار هو. هاڻ صورتحال اها آهي ته هو ڳالهين لاءِ جهولي جهلي بيٺو آهي پر ڪو ساڻس ڳالهائڻ لاءِ تيار ناهي.

  جڏهن ‘آپريشن پي ٽي آءِ’ جو ٻيون رائونڊ شروع ٿيندو ته ان ۾ مائينس عمران خان ئي لکيل نظر اچي پيو، ايئن ئي جيئن مائينس الطاف حسين سان ايم ڪيو ايم! هاڻ جڏهن آئون پيرن تي زور ڏيندڙ “انقلابين” کي ڏسان ٿو ته سوچيان پيو ته انهيءَ انقلاب ۽ تبديليءَ جو ڇا ٿيو؟ آئون سوچيان پيو ته اهي ڪهڙا ماڻهو هئا، جن سنڌ ۾ فوجي مارشلا جون سختيون سٺيون، جن ٽارچر سيلن جو منهن ڏٺو، جن جي جسمن تي سگريٽ وسايا ويندا هئا، جن کي سرعام ڦٽڪا هنيا ويندا هئا. تشدد جو ڪهڙو طريقو هو، جيڪو انهن تي آزمايو نه ويو هو. آئون سوچيان پيو ته اهي ڪهڙا ماڻهو هئا، جن جي وارثن کي هو چچريل لاشن جي صورت ۾ ته مليا پر هنن بلوچستان جي وسيلن جي مالڪي واري مطالبي تان هٿ نه کنيو. آئون سوچيان پيو ته اهي ڪهڙا ماڻهو هئا، جن هن ملڪ جي غلط افغان پاليسين جو ڏنڊ ڪي پي ۾ دهشتگردي جي صورت ۾ ڀريو ۽ پنهنجي پيارن جي لاشن جا ٽڪرا دفنائيندا رهيا. هن ملڪ جي ٽن صوبن سان اهي عقوبتون ۽ ظلم ڏهاڪن کان ٿيندا پئي آيا ۽ پنجاب خاموش رهيو. اڄ جڏهن پنجاب کي ٿوري رهنڊ آئي آهي ته هو پگهرجي ڇو رهيو آهي؟

Leave A Comment