پنهنجن بنا ڪهڙي عيد؟ ڪنڌڪوٽ جا 30 مغوي بازياب نه ٿيا، گهرن ۾ ماتم

جُون 28, 2023

ڪنڌڪوٽ (رپورٽر) ڪشمور ڪنڌڪوٽ ضلعي مان اغوا ٿيل 30 کان وڌيڪ ماڻهو بازياب نه ٿي سگهيا، عيد جي موقعي تي به مغوين جي گهرن ۾ ڏک وارو ماحول آهي

مغوين جا وارث پنهنجي پيارن جي واپسي لاءِ واٽون نهاريندي نير وهائي رهيا آهن، مغوين جا وارث سڀاڻي عيد جو ڏهاڙو هنجون هاريندي گهاريندا

غوثپور واسي عبدالرشيد، ڪنڌڪوٽ واسي نينگر عظيم ميڻڪ سوڌو ضلعي مان اغوا ٿيلن ۾ شفيق جمشيد، مظهر، جگديش ڪمار، روي ڪمار ۽ دليپ ڪمار به شامل آهن

مغوي عبدالرشيد ملڪ جي وارثن ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته پوليس اسان جي پيارن جي بازيابيءَ لاءِ ٺلها آسرا ڏيندي رهي آهي، سڀاڻي پنهنجن پيارن کانسواءِ ڪهڙي عيد ملهائينداسين؟

ڪنڌڪوٽ ۾ بدامني ۽ 30 کان وڌيڪ مغوي بازياب نه ٿيڻ خلاف شهري سراپا احتجاج بڻيل آهن پر سرڪار ڪو به نوٽيس ناهي ورتو

شهري گذريل 5 مهينن کان مسلسل احتجاج ڪري رهيا آهن، اڄ به هندو برادري جي سڏ تي شهرين سول سوسائٽي، سياسي، سماجي، مذهبي تنظيمن جي اڳواڻن پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو

Leave A Comment