پنهنجن جون چٺيون

سنڌ کي بيروزگاري کائي وئي

سنڌ، جيڪا تاريخي طور زرخيزي، واپار، ساحلي مارڪيٽن ۽ زرعي دولت لاءِ مشهور رهي آهي، اڄ هڪ اهڙي بحران مان گذري رهي آهي جنهن جي جڙ صرف معاشي نه پر سماجي، تعليمي ۽ ادارياتي ڪمزورين تائين پکڙيل آهي. بي روزگاري سنڌ کي اهڙي ريت جڪڙي ڇڏيو آهي جو عام ماڻهو جو گذر سفر، نوجوان جو مستقبل، ۽ خاندانن جي امنگين تائين سڀ ڪجھ ان جي اثر هيٺ اچي ويو آهي. گذريل ڏهاڪي سنڌ ۾ روزگار جا ذريعا آهستي آهستي گهٽجڻ لڳا. هڪ طرف صنعتون بند ٿي رهيون آهن، ٻئي طرف سرڪاري ادارا نيون ڀرتيون روڪيل آهن، جڏهن ته ٻهراڙين ۾ زرعي زمينن جو اجڙڻ ۽ پاڻيءَ جي کوٽ ماڻهن جي دستڪاري ۽ روزمرهه آمدني کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي. هي سڀ ڳالهيون ننڍن زميندارن کان وٺي هارين تائين سڀني کي متاثر ن ٿيون. روزگار نه هئڻ ڪري سنڌ مان نوجوان وڏي تعداد ۾ غيرقانوني رستن سان يورپ، دبئي، ملائيشيا ۽ ٻين ملڪن ڏانهن نڪري رهيا آهن. ڪيترائي گرفتار ٿين ٿا، ڪيترائي رستن ۾ فوت ٿي وڃن ٿا ۽ ڪيترائي واپس اچي قرضن ۾ جڪڙجي وڃن ٿا. جيڪڏهن سنجيدگي سان شعوري فيصلا ڪيا وڃن، تعليم کي جديد ضرورتن سان هم آهنگ ڪيو وڃي، صنعتن کي سهارو ڏنو وڃي ۽ نوجوانن کي ڪاروبار لاءِ همٿايو وڃي ته سنڌ نه صرف بي روزگاري مان ٻاهر نڪرندي پر ٻيهر ترقي ۽ خوشحالي جي راهه تي اچي سگهي ٿي.

شفقت جروار/ امن آباد

ٻار- ڪائنات جي خوبصورت تخليق

شيڪسپيئر انساني زندگي جي ذھني واڌ ويجهه جا ست مرحلا ٻڌايا آهن، انھي ۾ بالغ ٿيڻ کان اڳ ٻارن جي زندگيءَ ۾ هڪ اهڙو حسين دور هوندو آهي، جنهن ۾ معصوميت، سادگي ۽ بي پرواهي جي چمڪ هوندي آهي. ٻارن جي سوچ ان وقت صاف هوندي آهي، شرارتن سان ڀرپور ڪا به بغض لالچ نفرت يا حسد نه هوندو آهي، اهي دنيا کي سادين اکين سان ڏسن ٿا. پر اڄ جي دنيا ۾ ٻارن جي زندگيءَ ۾ وڏيون تبديليون آيون آهن. اسڪرينون، موبائيل، ٽي وي ۽ آن لائن راندين جي ڪري ٻار گهڻو وقت گهر اندر گذارين ٿا. معصوميت آهستي آهستي ختم ٿي رهي آهي ۽ ٻارن ۾ جلد نتيجا حاصل ڪرڻ جي عادت وڌي رهي آهي. انهن جي تخيل ۽ رانديون محدود ٿي رهيون آهن ۽ اهي گهٽ وقت لاءِ به آزادي سان کيڏڻ جو موقعو نٿا حاصل ڪن. هر سال 20 نومبر تي عالمي ٻارن جو ڏينهن ملهايو ويندو آهي. هي ڏينهن ٻارن جي حقن، تحفظ، تعليم ۽ خوشحال مستقبل تي ڌيان ڇڪائي ٿو. اڄ جي دنيا ۾ ٻارن ۽ بالغن ٻنهي ۾ عدم تحفظ جو احساس وڌي رهيو آهي. معاشرتي دٻاءُ، اقتصادي مشڪلاتون، ۽ تيز رفتاري سان تبديل ٿيندڙ ٽيڪنالاجي سبب ماڻهو پنهنجي ٻارن جي مستقبل بابت پريشان آهن. اسان کي گهرجي ته ٻارن کي صرف اسڪول ۽ ٽيڪنالاجي تي انحصار نه ڪرڻ ڏيون، پر انهن کي راند، تخليقي سرگرمين، ۽ سماجي رابطن جا موقعا به فراهم ڪيون.

ڊاڪٽر پون ڪمار

پورهيت ملاحن جو عالمي ڏهاڙو

ملاح دنيا جي اُن طبقي جو نالو آهن، جن جي هٿن ۾ پاڻيءَ سان جنگ ۽ رزق سان رشتو گڏ ھلندو آيو آهي. سمنڊ هجي يا سنڌو درياهه، طوفان هجي يا ٻوڏ، لهر هجي يا مڇيءَ جو جَھول، ملاح هميشه ان سرحد تي بيٺل رهيا آهن جتي خطرو ختم نٿو ٿئي پر جرئت شروع ٿئي ٿي. 21 نومبر جو عالمي ڏهاڙو انهن ئي بهادر انسانن جي نالي آهي، جن جي زندگيون پاڻيءَ جي رحم و ڪرم تي گذريل آهن ۽ جن جو پورهيو انساني معاشرت جي ڍانچي کي سنڀالي ٿو. ملاح جڏهن رات جي اونداهيءَ ۾ ٻيڙي هلائي سمنڊ ڏانهن رخ ڪن ٿا، تڏهن سمنڊ جي هر موج سندن حوصلو آزمائي ٿي. سنڌ جي ڌرتي مورڙو ميربحر، ملھ شير ميربحر، سنڌو درياهه جي ٽوٻن ۽ سمنڊ جي پوهيتن تي فخر ڪري ٿي. اهي ماڻهو رڳو مڇي ماريندڙ نه آهن پر تاريخ جا محافظ، ثقافت جا رکندڙ، رزق مهيا ڪندڙ ۽ خطري ۾ رهندڙ خاموش سپاهي آهن. 21 نومبر جو هي ڏينهن اهو ياد ڏياري ٿو ته ملاح انسانيت جا اڻڄاتل هيرو آهن، جن جي محنت بغير دنيا خالي، سمنڊ بيڪار ۽ درياهه بنجر ٿي وڃن. انهن جي جدوجهد جو احترام ئي اصل ۾ هن ڏينهن جو روح آهي.

  وفا ولي محمد ڦل/ڦل شهر

ڍورونارو کي طويل سوڳ ڏئي موڪلاڻي ڪري ويل محبوب استاد سائين محمد چوپاڻ

هاڻ سائين محمد چوپاڻ اسان ۾ ناھي رھيو. سائين محمد چوپاڻ مون سميت ھزارين شاگردن جو آئيڊيل استاد ھو جنھن پنھنجي سادگي ۽ ايمانداريءَ سان تعليم کاتي ۾ رھي ڀرپور خدمت ڪئي. سائين محمد چوپاڻ ٿورو ئي وقت کان بيماري جي بستري تي ھئا ۽ علاج طور تي اسپتال ۾ داخل ھئا. جتي سندس ساھ جو پکيئڙو پرواز ڪري ھميشه لاء اڏري ويو. سائين محمد چوپاڻ جھڙو سادگي پسند استاد ۽ جھيڻي ٻولي ڳالھائيندڙ ٿڌي دماغ سان ھر ماڻھو سان گفتگو ڪندڙ شخص ھو جنھن کي مون پنھنجي زندگي ۾ سدائين مرڪندي ڏٺو. اھڙا معتبر استاد صدين پڄاڻان جنم وٺندا آھن. سائين محمد چوپاڻ جو وڇوڙو ھڪ المناڪ گھڙي آھي جنھن جو پل پل ڪاريھر وانگي ڏنگي رھيو آھي.

ڏور ٿيندا وڃن روز جوڳيئڙا،

تون اڃا ٿو جيئين ھاءِ ڙي جيئڙا.

عبدالغني عبد آريسر