پنهنجن جون چٺيون

انسان، فطرت ۽ فيصلن جا اثر

‎انسان پنهنجي زندگيءَ جا فيصلا پاڻ ڪري ٿو، پر ڪڏهن ڪڏهن فطرت اهڙيون حالتون پيدا ڪري ڇڏيندي آهي جيڪي هن کي غلط رستو اختيار ڪرڻ تي مجبور ڪن ٿيون. اهي فيصلا اڪثر زندگيءَ لاءِ ڏکيا ۽ پيچيده ثابت ٿين ٿا، جن جو انجام ڄڻ ته حياتي جو ويري بڻجي وڃي ٿو ‎جن فيصلن جو نتيجو سخت هجي، انهن کي قبول ڪرڻ لاءِ انسان کي گهڻو صبر ۽ تڪليفده تجربو برداشت ڪرڻو پوي ٿو. اهڙي تڪليف جو اثر جسم ۽ دل تي محسوس ٿئي ٿو، ڄڻ انساني وجود ۾ ٿارائيڊ جي مريض وانگر هڪ ڀرڀرائيندڙ درد رهي. انسان پنهنجن فيصلن کي درست ڪرڻ چاهي ته ڪري سگهي ٿو، پر فطرت جا فيصلا زندگيءَ جو قيمتي حصو ئي وڃائي ڇڏيندا آهن. شل انسان ڪنهن ڪم ظرف جو هٿ نه پڪڙي زندگيءَ جا اهي سبق اسان کي اهو سيکارين ٿا ته فيصلن ۾ عقل، صبر ۽ فطرت جي اثر کي سمجهڻ ڪيترو اهم آهي. هر غلط فيصلي جو اثر صرف موجوده لمحن تي نه، پر مستقبل جي راهه تي به گهرو اثر ڇڏيندو آهي.

‎صدف ميمڻ

موجوده حالتون ۽ اسان

اسان کي زندگي ۾ هميشه سکڻ لاءِ تيار رهڻ گهرجي، ڇو ته اڄ جي دور ۾ بيروزگاري ۽ حالتن جي تنگي ڏينهون ڏينهن وڌندي پئي وڃي. اهڙين حالتن ۾ ڪاميابي اُنهن کي ملي ٿي، جيڪي پنهنجي وقت جو صحيح استعمال ڪري نوان هنر ۽ مهارتون سکندا رهن ٿا. سڀ کان پهرين تعليم کي اهميت ڏيو علم حاصل ڪرڻ جو سفر ڪڏهن به بند نه ٿيڻ گهرجي. ڪمپيوٽر جا بنيادي هنر سکڻ انتهائي ضروري آهن، جهڙوڪ ڪمپيوٽر هلائڻ، انٽرنيٽ جو بهتر استعمال، Microsoft Office، گرافڪ ڊيزائننگ، ڊيٽا انٽري، فري لانسنگ ۽ سوشل ميڊيا مينيجمينٽ. دنيا تيزي سان ڊجيٽل ٿي رهي آهي، تنهن ڪري آن لائين ڪم ڪرڻ جون مهارتون سکڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. ان سان گڏ، فني هنر به سکڻ گهرجن، جهڙوڪ اي سي ۽ فريج جي مرمت، اليڪٽريشن ڪم، موٽر سائيڪل يا ڪار جي مرمت، درزي جو ڪم، ڪارپينٽري، پلمبنگ ۽ حساب ڪتاب (اڪائونٽنگ). جيڪڏهن اوهان کي لکڻ، پڙهڻ يا سيکارڻ ۾ دلچسپي آهي ته ٽيوشن يا آن لائين تعليم به بهتر ذريعو ٿي سگهي ٿو. موبائل فون کي صرف وندر لاءِ نه، پر سکڻ ۽ ڪمائڻ لاءِ استعمال ڪريو. يوٽيوب، آن لائين ڪورسز ۽ مختلف ايپس ذريعي نيون مهارتون حاصل ڪري سگهجن ٿيون. وقت کي ضايع ڪرڻ بدران، ان کي پنهنجي بهتري لاءِ استعمال ڪرڻ سکو.

ڊاڪٽر پون ڪمار ميگهواڙ

ضلعي خيرپور جي ٽرانسپورٽ جي عوام سان بيضابطگي!

ملڪ ۾ جيئن 55 روپيا تيل جي قيمتن ۾ اضافو ٿيو ته خيرپور جي ٽرانسپورٽرن خيرپور کان ڪنب جو ڀاڙو في ماڻھو تي 55 روپيا وڌائي ڇڏيو. ڪنب ۽ خيرپور جو مفاصلو 28 ڪلو ميٽر آھي. پھريان ڪنب کان خيرپور 100 روپيا ڀاڙو ھيو ھن وقت ڀاڙو 160 روپيا ورتو وڃي ٿو.  سفر ڪندڙ غريب عوام پھريائين مھانگائي جي لپيٽ ۾ آھي ويتر سرڪار جيان ٽرانسپورٽرن به گھٽ نه ڪئي آهي. ضلعي جو ڊي سي يا اعليٰ عملدار به خاموش آھن. وڃي ته عوام ڪيڏانھن وڃي! ھڪ سرڪار جون عوام مٿان ڳرا ٽئڪس ۽ تيل جي قيمت ۾ واڌ ته مٿان وري ٽرانسپورٽرن به ڪا ڪسر نه ڇڏي آھي.

شفيق وساڻ/ڳوٺ جھنگو وساڻ

آءِ جي جاويد عالم اوڍو ڏانهن خط

گذارش آهي ته نوابشاهه شهر ۾ منشيات جو وڪرو ڏينهن ڏينهن وڌندو پيو وڃي ۽ آڪڙا پرچي جو رجحان وڌي رهيو آھي، جيڪو انتهائي افسوسناڪ ۽ ڳڻتي جوڳو عمل آهي. اڄ حالت اها آهي جو منشيات سرعام وڪرو ٿي رهي آهي پر ان خلاف ڪابه ڪاروائي نه ٿي رهي آهي جنهن سبب اسان جو نوجوان نسل تباهي جي ڪناري تي پهچي چڪو آهي. هي رڳو هڪ قانوني مسئلو ناهي پر پوري سماج جي بقا جو سوال آهي جيڪڏهن وقت سر هن ناسور کي نه روڪيو ويو ته ايندڙ نسلن جو مستقبل اونداهو ٿي سگهي ٿو. باشعور شهري اوهان سان گڏ بيهڻ لاءِ تيار آهن ۽ منشيات وڪڻندڙن جي نشاندهي به ڪري سگهن ٿا، پر لاڳاپيل ادارا سنجيدگي سان قدم کڻن. اميد آهي ته اوهان هن فرياد کي اهميت ڏيندا ۽ جلد مثبت قدم کڻندا.

امتياز حسين بروهي/ نوابشاهه

دُکي دُکي ٻَري پئي آ، اُمنگ دل جي ڏَري پئي آ !!!

زندگي ڪڏهن ڪڏهن محبوبان جي مرڪ وانگي لڳندي آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن زندگي مظلوم جي ڏک جهڙي لڳندي آهي. ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو آهيان ته زندگي نالو ڇا جو آهي؟ منهنجي اندر جو ويٺل ڪَوي مون کي ٻڌائيندو آهي ماڻهو جو ڪردار ئي سڀ ڪجھه آهي جنهن سان مرڻ کانپوءِ به نالو هميشه زنده رهجي ويندو آهي. افسوس اسان هڪ اهڙي معاشري ۾ رهون پيا جتي زندگي جو مقصد صرف پئسو ۽ دولت کي سمجهيو وڃي ٿو. اهڙي صورتحال ۾ شعوري، ادبي يا وري قومي فڪر ۽ دانشور ماڻهو هميشه زهر پيئندو رهيو آهي. اسان وٽ دانشمند ماڻهو ذهن جا امير ۽ پئسي جا غريب هجن ٿا پر بيوقوف ماڻهو وٽ وري پئسو گھڻو هجي ٿو ۽ انهن جي زندگي جو مقصد صرف پئسو ئي هجي ٿو جنهن ڪري سنڌ ۾ حالت اها آهي جو جنهن وٽ پئسو گھڻو هجي ٿو عقلمند به ان کي سمجهيو وڃي ٿو جنهن ڪري دانشور طبقي لاء انتهائي ڏکوئيندڙ صورتحال آهي.

ڪامريڊ جمعون جاني ٻجورو/ ٻيلو، سجاول