انصاف جي انتظار ۾ هڪ سوال جيڪو اڃا زندھ آهي….!!
جنھن ملڪ ۾بينظير ڀٽو جھڙي عالمي سطح جي اڳواڻ جو ڏينھن ڏٺي قتل ٿيو ۽ سالن گذرڻ باوجود به ان جو مڪمل انصاف نه ٿي سگھيو اتي ام ارباب چانڊيو ۽ سندس بيگناھ گھرڀاتين لاءِ انصاف جي اميد رکڻ هڪ ڏکيو سوال بڻجي چڪو آهي. هي رڳو هڪ فرد يا هڪ خاندان جو مسئلو ناهي پر هڪ اهڙي نظام جي عڪاسي آهي جيڪو بار بار پنھنجي ذميوارين ۾ ناڪام نظر اچي ٿو. شھيد بينظير ڀٽو صاحبه جو قتل صرف هڪ سياسي سانحو نه هو, پر پاڪستان جي انصاف واري نظام لاءِ هڪ وڏو امتحان به هو افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته اهو امتحان اڄ تائين مڪمل نموني پاس نه ٿي سگھيو آهي. ام ارباب چانڊيو جي والد، چاچي ۽ ڏاڏي جو ڪيس به انھي وڏي تصوير جو هڪ دردناڪ حصو آهي. اٺن سالن تائين عدالتن جا چڪر ڪاٽڻ باوجود به جيڪڏهن هڪ متاثر ڌر پاڻ کي بيوس محسوس ڪري ته اها رڳو هڪ ڪيس جي ناڪامي ناهي پر پوري نظام جي ڪمزوري جو ثبوت آهي. سوال اهو ناهي ته انصاف ڇو نه مليو سوال اهو آهي ته انصاف ملڻ ۾ ايتري دير ڇو ٿي؟ وقت اچي ويو آهي ته ادارا پنھنجي ذميوارين جو سنجيدگي سان جائزو وٺن انصاف جي عمل کي تيز شفاف ۽ غير جانبدار بڻايو وڃي ڇو ته جيڪڏهن انصاف تي ماڻھن جو اعتماد ختم ٿي ويو ته پوءِ معاشري جي بنيادن کي سنڀالڻ ڏکيو ٿي پوندو.
ساگر حنيف ٿھيم/ جاتي
انصاف جو قتل: ام رباب جو سڏ
هي ڏينهن سنڌ جي تاريخ ۾ هڪ دردناڪ باب بڻجي ويو آهي. جڏهن هڪ نياڻي، جنهن پنهنجي پيارن جي خون سان انصاف جي جنگ شروع ڪئي، کيس ئي انصاف کان محروم ڪيو ويو، ته اهو صرف هڪ ڪيس جو فيصلو نه رهيو، پر اهو انصاف جي نظام تي هڪ وڏو سوال بڻجي ويو آهي. ام رباب جي اکين ۾ جيڪي اميدون هيون، اهي اڄ ٽٽي ويون آهن. هن جي سڏ، هن جي جدوجهد ۽ هن جا ڳوڙها رڳو هن جا نه رهيا پر اڄ سڄي سنڌ ان درد کي محسوس ڪري رهي آهي. ڇا اسان جو نظام ايترو ڪمزور ٿي ويو آهي جو هڪ مظلوم جي دانهن به ٻڌي نٿو سگهي؟ ڇا طاقتور هميشه قانون کان مٿانهان رهندا؟ جيڪڏهن ائين آهي ته پوءِ انصاف جو لفظ صرف ڪتابن تائين محدود رهجي ويندو. اڄ سنڌ سراپا احتجاج آهي، ڇو ته هي رڳو ام رباب جو درد ناهي پر هر ان گهر جو درد آهي جتي اميد زنده آهي ته هڪ ڏينهن انصاف ضرور ملندو پر جڏهن اهڙي اميد به ٽٽي وڃي ته پوءِ سماج جي بنيادن تي سوال اڀرڻ لازمي ٿي پون ٿا.
باغي راشد ڪوٽڙيو/ ڳوٺ علو ڪوٽڙيو ٿرپارڪر
ميهڙ ۾ ٿيل ٽن قتلن جو ڪيس ۽ فيصلو
ام رباب هارائي ناهي وئي، هوءَ ته پنهنجي درد کي جدوجهد ۾ بدلائي، سڄي سماج جي بيحسيءَ تي سوڀاري نڪتي آهي. هن سج جي تيز تپش سان اکيون ملايون، وقت جي ڏکن سان وڙهي، ۽ هر ڌڪ کان پوءِ به بيٺي رهي. هوءَ رڳو پنهنجن گهرڀاتين لاءِ انصاف وٺڻ نڪتي هئي، پر رستن ۾ روايتون، رسمون ۽ طاقتور ديوارون سامهون آيون، تڏهن به هڪ نياڻي، مردن جي سماج ۾ مرد ٿي مقابلو ڪندي رهي. هوءَ نڊر هئي، دلير هئي، بهادر هئي، هوءَ ڪنهن عدالت جي فيصلي سان نه ٽٽي، نه ئي ڪنهن سرٽيفڪيٽ سان سندس جدوجهد ختم ٿي. اڄ جڏهن هوءَ عدالت مان ڪيس هارائڻ جو ڪاغذ هٿ ۾ کڻي نڪتي تڏهن به سندس اکين ۾ شڪست نه پر هڪ نئين جنگ جو عزم هو. ام رباب کي معلوم هو ته هوءَ اڪيلي آهي، ۽ هن سسٽم سان وڙهڻ سولو ناهي، پر هن اهو به ثابت ڪيو ته ڪڏهن ڪڏهن هڪ اڪيلي نياڻي پوري سماج جي خاموشيءَ کان وڌيڪ سگهاري هوندي آهي.
عاجز انور لاشاري/ تلھار
صحيح انصاف نه ملي سگھيو
30 مارچ تي ام رباب سان انصاف نه ٿيو جنھن جي پيءُ، چاچي ۽ ڏاڏي کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو ھو. 8 سال عدالتن جا چڪر لڳائيندي رھي. خيرپور ۾ بلاول وساڻ جو ڪجھه سال اڳ قتل ٿيو ھو جنھن کي ساڙيو ويو ھو ان جي قاتلن کي باعزت بري ڪيو ويو. فيصلي تي سنڌ جي عوام جو سخت ردعمل آيو آھي. ام رباب جي جرئت ۽ حوصلي کي سلام جنھن پوءِ به حسينيت جا نعرا ھنيا. يزيدي ڪردار کي للڪاريو، ظالم وڏيرن ڀوتارن ۽ سردارن کي چئلينج ڪيو ان جي بھادري کي سلام. اڪيلي ٿي ڪري ڊگھي جنگ لڙي. پر حق ۽ سچ جي فتح ضرور ٿيندي.
شفيق وساڻ/ڳوٺ جھنگو وساڻ
اڄ واقعي هڪ دور جي پڄاڻي ٿي وئي
اسان جو پيارو دوست مولوي خالق سمون پنهنجي حقيقي مالڪ سان مليو. عمرڪوٽ شهر جي ٽائون ڪاميٽي جو بهترين آفيسر سماج ۾ فٽ ٿيو ته صرف پنهنجي يارن دوستن غريب عوام سان. کل ڀوڳ وارو انتهائي زنده دل ماڻهو پنهنجي مزاج ۾ وڏو درياهه هو سندس وڇوڙي جي خبر دلين کي ڏک ۽ غم سان ڀري ڇڏيو آهي. ڇاڪاڻ ته هو نه صرف پنهنجي گهر وارن لاءِ پر سڄي ڳوٺ لاءِ دوستن لاءِ ڀرجهلو هو. هو هڪ مهربان باوقار ۽ عزت وارو انسان هو سندس اخلاق سادگي ۽ ماڻهن سان محبت هميشه ياد رهندي.
علي شير ڪنڀر/ عمرڪوٽ