پنهنجن جون چٺيون

تيل جي قيمتن ۾ واڌ: سنگين بحران

ملڪ جي معاشي حالتن ۾ تازو تيل جي قيمتن ۾ ٿيل غيرمعمولي اضافو هڪ اهڙو فيصلو ثابت ٿيو آهي، جنهن نه رڳو مارڪيٽ جي توازن کي متاثر ڪيو آهي، پر عام ماڻهو جي زندگيءَ کي به سخت مشڪلاتن ۾ وجهي ڇڏيو آهي. تيل جي اگهن ۾ واڌ عوام لاءِ ڪنهن ڌماڪي کان گهٽ محسوس نٿي ٿئي. آبادگارن لاءِ تيل جي وڌندڙ قيمتن سبب زرعي لاڳت وڌي وڃي ٿي، جنهن سان فصلن جي پيداوار مهانگي ٿئي ٿي. ساڳي طرح صنعتن ۾ پيداوار جا خرچ وڌڻ سبب نه صرف شين جا اگهه وڌن ٿا، پر ڪاروبار به متاثر ٿئي ٿو، جنهن سان بيروزگاري ۾ وڌيڪ اضافو ٿئي ٿو. حڪومت پاران ٽارگيٽيڊ سبسڊي ڏيڻ جو اعلان يقيناً هڪ قدم آهي، پر ان جي اثرائتي هجڻ جو دارومدار ان جي شفافيت ۽ صحيح عملدرآمد تي آهي. جيڪڏهن اها سبسڊي واقعي مستحق ماڻهن تائين نه پهتي ته ان جو مقصد حاصل ٿيڻ مشڪل ٿيندو.

راج ڪماراوڏ

هوا ۾ ٽنگيل ياد ڏانهن چٽي

اي هوا ۾ ٽنگيل ياد…تون ڪٿي رهين ٿي؟ هٿ وڌايان ته پڪڙ ۾ نٿي اچين، پر دل کي ڇهڻ ۾ ڪڏهن به دير نٿي ڪرين. تون نه مڪمل ويجهي آهين، نه مڪمل پري. بس وچ ۾، ڪنهن لهر وانگر، جيڪا ڪڏهن به پوري طرح ختم نٿي ٿئي. ڪڏهن ڪنهن خوشبوءِ سان گڏ اچي ويندين آهين، ڪڏهن ڪنهن پراڻي گيتَ جي سُرن ۾ لِڪي ايندين آهين ته ڪڏهن بنا ڪنهن سبب جي اوچتو دل تي لهر بڻجي لهندي آهين. تنهنجو ڪو وقت ناهي، ڪو قاعدو ناهي، تون جڏهن چاهين، تڏهن اچي بيهين. عجيب آهين… ڇو ته تون خوشي به آهين ۽ هلڪي اداسي به. تنهنجي اچڻ سان چهري تي مُرڪ به اچي ٿي ۽ اکين ۾ اڻ ڏٺل نِمي به ترندي رهي ٿي. ڄڻ تون ياد نه، پر هڪ اڌورو احساس آهين، جيڪو مڪمل ٿيڻ جي ضد نٿو ڪري. ماڻهو چون ٿا ته وقت سڀ ڪجهه وساري ڇڏي ٿو، پر تون شايد وقت جي هٿن مان نڪري ويندڙ اها شيءِ آهين، جيڪا وسرڻ کان انڪار ڪري ٿي. تون بدلجندي ناهين، بس اسان جي اندر پنهنجي جاءِ وڌيڪ گهري ڪندي ويندين آهين. اي هوا ۾ ٽنگيل ياد…. تون شايد وڃڻ لاءِ نه، پر رهڻ لاءِ آئي آهين، اهڙي طرح، جو نظر نه اچين، پر هر لمحي محسوس ٿيندي رهين. تون اهو ثابت ڪرين ٿي ته ڪجهه شيون وڃڻ کان پوءِ به، مڪمل طور وڃن ئي نٿيون.

راحيل بڙدي / خيرپور ميرس

اچو ته ڀٽو شھيد جي ياد کي تازو ڪريون !

موجوده حالتن ۾ ڪاش ذوالفقار ڀٽو ھجي ها. 4 اپريل  1979 ع ھڪ اڻ وسرندڙ ڏينھن آھي جنھن ڏينھن تي ھڪ ايشيا جي عظيم اڳواڻ کي ڦاھي چاڙھيو ويو . اڄ ان عظيم اڳواڻ جي شديد کوٽ نظر اچي رھي آھي. ذوالفقار علي ڀٽو اونداھن ڪارن دورن کي جبل ٿي منھن ڏنو ۽ جمھوريت کي زنده رکيو. ڀٽو هن ملڪ جي ادارن کي سرڪاري درجو ڏياريو  ته جيئن غريب عوام به فائدو وٺي نوڪرين ۾ ڪوٽا جو نظام متعارف ڪرايو. اسٽيل مل ۽ ملڪ کي ايٽمي طاقت بڻايو. وقت جي آمرن ڀٽو جھڙي عظيم اڳواڻ کي نه سٺو جنھن جمھوريت ۽ اسلامي ملڪن کي متحد ڪرڻ لاءِ به جدوجھد ڪئي پر دنيا جي مفاد پرست ملڪن ڀٽو جي لاءِ ڄار وڇايو. ڀٽو صاحب کي نواب احمد خان جي ڪوڙي قتل جي ڪيس ۾ ڦاسائي 5  جولاءِ 1977ع تي مارشل لالڳائي وئي. ھن وقت عوامي اڳواڻ جي کوٽ آھي جيڪو عوام ۽ ملڪ ۾ ترقي جون نيون راھون کولي.

شفيق وساڻ/ڳوٺ جھنگو وساڻ

صحافي فقير ممتاز لغاري جو وڇوڙو

ڦل شهر، مصر جي واهه منهڙو ۽ ان جي آس پاس جي علائقن لاءِ سومر 30 مارچ 2026  انتهائي ڏکوئيندڙ  ۽ اداسي سان ڀريل ثابت ٿيو، جڏهن سينيئر صحافي حق ۽ سچ جو بيباڪ علمبردار ۽ عوامي آواز زنوار فقير ممتاز علي لغاري هن فاني دنيا کي الوداع چئي هميشه لاءِ پنهنجي خالق حقيقي ڏانهن روانو ٿي ويو. سندس وڇوڙو نه صرف سندس خاندان، مٽن مائٽن ۽ دوستن لاءِ هڪ وڏو صدمو آهي، پر سڄي صحافتي برادري، سماجي حلقن ۽ علائقي جي ماڻهن لاءِ هڪ ناقابلِ تلافي نقصان بڻجي ويو آهي. ممتاز علي لغاري، جيڪو ويسر لڳ ڳوٺ استاد شير محمد لغاري جو رهواسي هو، پنهنجي زندگي جو وڏو حصو صحافت، سچ جي ڳولا ۽ عوام جي خدمت لاءِ وقف ڪيو، هو مرحوم محمد باقر علي لغاري جو ڀاڻيجو ۽ نيڪ محمد لغاري جو فرزند هو. هن پنهنجي خاندان جي نيڪ نامي کي اڳتي وڌائيندي پنهنجي عملي زندگي ۾ به سچائي، ايمانداري ۽ اصول پسندي کي پنهنجو شعار بڻايو.

وفا ولي محمد ڦل/ڦل شهر

صحافي عزيز الله بھلڪاڻي جو وڇوڙو

صحافي عزيز الله بھلڪاڻي جو اوچتو وڇوڙو جيءُ جهوريندڙواقعو آهي، جنهن ڪيترن ئي دلين کي اداس ڪري ڇڏيو آهي. ان جي جدائيءَ تي ھراک آلي ٿي ھرپاسي ڳوڙھن جون برساتون وسنديون رھيون. عزيز الله بھلڪاڻي صرف هڪ بهادر ۽ سچو صحافي هو پر هو هڪ اهڙو انسان به هو جنهن پنهنجي قلم ذريعي حق ۽ سچ جي آواز کي هميشه بلند رکيو. هن پنهنجي صحافتي زندگيءَ ۾ ڪيترين ئي مشڪلاتن ۽ خطرن کي منهن ڏنو، پر ڪڏهن به پنهنجي اصولن تان پوئتي نه هٽيو. دعا آهي ته الله عزيز الله بھلڪاڻي کي پنهنجي جوارِ رحمت ۾ جاءِ ڏئي ۽ سندس پونئرن کي صبرِ جميل عطا ڪري.

مختيار علي بلوچ/ تنگواڻي