مهانگائيءَ جو طوفان- سفيد پوش طبقو پريشان
پيٽرول جي اگهن ۾ لڳاتار واڌ صرف ٽرانسپورٽ يا سفر تائين محدود ناهي رهي، پر ان جا اثر سماج جي هر ماڻھو تي پيا ٿين. جڏهن ٻارڻ مهانگو ٿئي ٿو ته ان جو سڌو اثر خوراڪ، تعليم، علاج ۽ روزمره جي ٻين شين تي پوي ٿو. اڄ جو عام ماڻهو خاص طور تي سفيد پوش طبقو، جيڪو نه غريبن جي فهرست ۾ اچي ٿو ۽ نه ئي اميرن ۾ شمار ٿئي ٿو، اهو سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندو پيو وڃي. حڪومت طرفان تيل، گئس ۽ بجلي جي قيمتن ۾ واڌ ڪري عوام تي وڌيڪ بار وڌو ويو آهي. جيڪڏهن مهانگائيءَ جو هي سلسلو اهڙيءَ ريت جاري رهيو، ته نه صرف سفيد پوش طبقو پر سڄو معاشرو سخت بحران جو شڪار ٿي سگهي ٿو. حڪومت عوام جي تڪليفن کي سمجهي، سنجيده قدم کڻي ۽ اهڙيون پاليسيون متعارف ڪرائي جيڪي عوام کي رليف فراهم ڪري سگهن.
وقار منڱريو/خيرپورميرس
ڪتاب ٽهڪن جا آواز تي هڪ نظر
سوشل ميڊيا جي جديد دور ۾ جتي توهان کي دنيا جي هر معلومات ۾ سستي ۽ سولي ملي وڃي ٿي پر جيڪو مزو ڪتاب جي صورت ۾ ملي ٿو اهو وڌيڪ لطف اندوز آهي. گلزار ڪلهوڙو پاٽائي جي تازي آيل ڪتاب “ ٽهڪن جا آواز” ماڻهن جي چهرن تان موڪلائي ويل مرڪون واپس موٽايون آهن. گلزار جهڙي سنجيده ماڻهو اڄ جي معاشري جو حال ڏسي ماڻهن کي کلائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ليڪک لطيفا صرف کلائڻ لاءِ نه لکيا آهن پر هنن ۾ پيغام به آهي ته جيئن حرام کان بچجي ۽ حلال شيون کائجن، جيڪو ٻار نه پڙهندو اهو يقينن ناپاس ٿيندو يا جيڪو ٻار هوم ورڪ نه ڪندو ته بهتر پڙهائي نه ڪري سگهندو. ڪتاب جو مهاڳ ناليواري اديب، شاعر رجب آزاد لکيو آهي. اميد ڪيان ٿو ته هي ڪتاب ادبي ڌارا ۾ ڪاميابيون حاصل ڪندو ۽ ليکڪ پنهنجو ادبي ڪم جاري رکندو.
آخوند نوراحمد ڏهوٽ/ڦلجي اسٽيشن
ٽرمپ جو شڪست جو اعتراف
نيٺ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي دنيا جو احساس ٿيو ۽ هن پشيماني کان اهو چوڻ شروع ڪيو آهي ته هو ڪنهن به وقت غير مشروط طور ايراني جنگ کي ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري سگهي ٿو جو جنهن مقصد خاطر هن ايران سان جنگ جوٽي هئي اهو ماڻي ورتو. لکين آمريڪين احتجاج ڪري ٽرمپ کي چريو صدر قرار ڏنو جيڪو پاڻ کي بادشاهه سمجهي پيو وتي اڪيلي سر فيصلا ڪري قوم کي پريشان ڪري. الله پاڪ کان دعا آهي ته ايران جي جهاد في سبيل الله جو ثمر پوري امت مسلمه کي ملي ۽ جلد جنگ جي تباهه ڪن اثرن کان انسان ذات نڪري تعمير ۽ ترقي جي طرف هلي پوي جو پاڪستان جهڙا غريب ملڪ جي پهريان ئي هزارين ارب جو قرض کڻي پيا رياست جو ڪم ڪار هلائين اهي به مصيبت مان آجا ٿين.
استاد جاويد احمد هڪڙو/ شڪارپور
جدوجھد آخري فتح تائين
يقينن جنھن به ڪم ۾ دل سان محنت، لگن، ولولي، جُستجو سان ھٿ وجھبو آھي تَه منزل ضرور ملندي آھي. دراصل پ ٽ الف ھُجي يا ڪا به تنظيم اگر ان ۾ موروثيت ھُجي ته بابا وِيو پُٽ آيو، چاچا ويو ڀائيِٽو آيو، ته انھن تنظيمن ۾ ائين کاٽ پيدا ٿيندا آھن، سُجاول جي پ ٽ الف ۾ به نسل درنسل ائين ئي ٿيندو پيو اچي، ڇا سجاول ۾ ٻيا لائق اُستاد ناھن، ھڪڙي ٽرم ۾ ھڪڙا اُستاد آيا، ته خُدارا ٻي ٽائيم تي وري نواڻ پيدا ڪجي پر ائين نه پيو ٿئي. پر سَلام آھي سائين نثار ميمڻ، سائين حبيب الله ٻجورو، سائين شڪور سارنگ، سائين عبدالمجيد ٻجورو، سائين پنھون ھٿيار، سائين سالار سميجو، سائين رزاق سھتو کي جييڪ تبديلي لاءِ متحد ٿيا. جن جو ثمر سجاول سٽي واري يُونٽ تي ھڪ ووٽ تان سائين نثار ميمڻ وارو گروپ کٽي ويو. اميد آهي ته ھاڻي سجاول ضلعي جو ڪو به اُستاد نڌڻڪو نه ٿيندو، ڪو ب اُستاد ڪنھن ايجنٽ جي ور چڙھي ڦربو لُٽبو ڪونه. نئين پينل استاد اتحاد پينل جي دوستن مان اھا توقع رکون ٿا ته سمورن استادن جا ٻانھن ٻيلي ٿيندا.
احسان عيسٰي ٻجورو/ سجاول
سنڌو مهر جي جدوجهد ۽ تعليمي خدمت
سنڌ جي مٽي هميشه اهڙن بهادر ڪردارن کي جنم ڏنو آهي، جيڪي ڏکن، ڏاڍ ۽ مشڪلاتن جي باوجود سماج جي بهتري لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا رهيا آهن. مهراڻ ڳوٺ جي سلڇڻي رهواسڻ سنڌو مهر اهڙي ئي همت، ڏاهپ ۽ عزم جي علامت آهي. سنڌو مهر G. M. Syed جي فڪر جي پيروڪار آهي، گذريل پنجن سالن کان رضاڪار طور مهراڻ ڳوٺ ۾ اسڪول هلائي رهي آهي. گهريلو غربت، معاشي ڪمزوري ۽ پنهنجي ٻچڙي جي مسلسل بيماري جهڙين سخت حالتن جي باوجود، سنڌو مهر همت نه هاري. هن بهادري سان اسڪول جي ذميواري نڀائيندي، سوين ٻارن جي تعليم جو سلسلو جاري رکيو. ان جدوجهد ۾ وينگس تنيو پڻ سندس ساٿي طور هر قدم تي گڏ آهي. شروع ۾ هڪ سادي ڇپري هيٺ هلندڙ هي اسڪول، اڄ پڪن ڪمرن تائين پهتو آهي، جنهن ۾ مهراڻ ڳوٺ جي وڏي نورالدين جمالي جو اهم ڪردار رهيو. سندس سهڪار سان اسڪول کي وڌيڪ مضبوط بنيادن تي بيهاريو ويو. سنڌو مهر جهڙا ڪردار سماج لاءِ اميد جو ڏيئو آهن. انهن جي حمايت ڪرڻ، سندن تحفظ يقيني بڻائڻ ۽ سندن خدمتن کي ساراهڻ اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي.
منير مگسي