ڪيميڪل کير استعمال سان انساني نقصان
سنڌ اندر نجو کير گھٽ ھجڻ ڪري ڪيميڪل واري کير جو استعمال وڌي ويو آهي. ڪيميڪل کير استعمال ڪرڻ سان مالي نقصان ٿيڻ سان گڏ ھارٽ اٽيڪ، گردا فيل ۽ ٻيون ڪيتريون خطرناڪ بيماريون جنم وٺن ٿيون. ڪيميڪل کير کي ھوٽلن، فالودي، قلفي، مٺو مائو ۽ ٻين شين ۾ استعمال ڪيو ويندو آهي. ڪيميڪل کير مختلف خطرناڪ مادن يوريا (ڀاڻ)، ڊيٽرجنٽ پائوڊر، فارملين، اسٽارچ، کنڊ يا گلوڪوز ملائي ٺاهيو ويندو آهي ته جيئن اهو ڏسڻ ۾ کير جهڙو لڳي. فارملين جهڙو ڪيميڪل جگر لاءِ تمام خطرناڪ آهي. ان جو استعمال روڪرايو وڃي.
مختيار علي بلوچ /تنگواڻي
ليبر بانڊنگ جو نوٽس وٺڻ جي ضرورت
1886ع ۾ شڪاگو جي شھيدن جي رت جي ريج سان مزدورن جي حقن جي حاصلات لاء اٿندڙ انقلاب دنيا جو مڃيل انقلاب ٿيو پر اسان جي ملڪ ۾ ڪا خاص تبديلي نظر نه ٿي اچي سواءِ پھرين مئي جي ڪجھه مخصوص چوڪن چوراھن تي ڪجھه ماڻھو گڏ ڪري تقريرون ڪري اخبارن جون سرخيون ٿين ٿا پر مزدورن جي حقن جي تڪميل نٿي ٿئي. 2026ع جي ٽن مھينن دوران تيل جي اگھن ۾ اضافي غريب مزودرن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي. ٿرپارڪر، عمرڪوٽ، سانگھڙ ۽ سنڌ جي مختلف ضلعن سان تعلق رکندڙ ڪيترائي نوجوان ميٽرڪ ۽ انٽر تعليم پرائي ڪا سرڪاري نوڪري نه ملڻ ڪري ڪراچي جي گارمنٽ انڊسٽري ۾ ڪم ڪن ٿا. ڪافي مشڪلاتون ھئڻ ڪري مزدور ويچارا گھر جي چلھه به وڏي مشڪلات سان ھلائن ٿا. گارمنٽ فيڪيٽرين ۾ ويھه سال پھرين وارا ريٽ چين سسٽم تي ھلن ٿا. ان سان سيٺين کي ڊالر جا ريٽ وڌڻ سان ڪافي منافعو ملندو آھي پر مزدور ويچارا ھفتي جي خرچ ۽ ڪرائي ۾ ڦاٿل آھن. گارمنٽ فيڪيٽرين جي سيٺين ۽ ٺيڪيدارن کي گذارش ته ريٽ تي نظرثاني ڪن ۽ ليبر قانون تي عمل ڪيو وڃي.
گورڌن داس پرمار/ کاروڙوسيد
چيئرمين ميونسپل ڪاميٽي اولڊ نوابشاهه کي گذارش
اسان جي يو سي ست اولڊ نوابشاهه ۾ عوام جي حالت انتهائي افسوسناڪ آهي. سانگهڙ روڊ جي پرئين پاسي يوسي ست اولڊ نوابشاهه وارڊ 1 ۽ 2 ۾ تقريباً هر بنيادي سهولت موجود آهي پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته يوسي ست وارڊ 3 ۽ 4 جا رهواسي مڪمل طور نظرانداز ڪيا ويا آهن. انهن علائقن ۾ رهندڙ غريب عوام بنيادي سهولتن کان محروم آهي. نه مناسب روڊ، نه نيڪال جو نظام، نه صاف پاڻي ۽ نه ئي ٻين ضروري سهولتن جي فراهمي. مهرباني ڪري اسان جي هن فرياد کي سنجيدگي سان وٺو۔ توهان جي هڪ قدم سان ڪيترن ئي خاندانن جي زندگي بدلجي سگهي ٿي. انهن جي چهري تي مسڪراهٽ اچي سگهي ٿي. اميد آهي ته اوهان انصاف ڪندا ۽ يوسي ست وارڊ 3 ۽ 4 جي مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪرائيندا.
امتياز حسين بروهي/نوابشاهه
پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز جو شاندار سفر
سنڌي ميڊيا جي افق تي جڏهن به جديد صحافت، بيواڪي ۽ عوامي ترجمانيءَ جو ذڪر ٿيندو ته روزاني پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز جو نالو نمايان نظر ايندو. انتهائي خوشي آهي ته ”پنهنجي اخبار“ پنهنجي اشاعت جا 7 سال ۽ ”ٽائيم نيوز“ پنهنجي نشريات جا 6 سال مڪمل ڪيا آهن. هي صرف سالن جي ڳڻپ ناهي، پر سنڌ جي حقن، سجاڳي ۽ ترقيءَ لاءِ ڪيل هڪ مسلسل جدوجهد جو نالو آهي.7 سال اڳ جڏهن ”پنهنجي اخبار“ جو بنياد رکيو ويو، ته مقصد صرف خبرون پهچائڻ نه، پر سنڌي عوام کي هڪ اهڙو پليٽ فارم مهيا ڪرڻ هو جتي سندن آواز بنا ڪنهن خوف جي ٻڌو وڃي هن اخبار تمام گهٽ وقت ۾ پنهنجي معيار، انوکن موضوعن ۽ جاکوڙي صحافت ذريعي پڙهندڙن جي دلين ۾ گهر ڪري ورتو. آهي. پنهنجي اخبار روايتي صحافت کان هٽي ڪري جديد ڊيزائين ۽ منفرد ڪالمن ذريعي سنڌي ٻوليءَ جي پرنٽ ميڊيا کي هڪ نئون روح بخشيو. ٽائيم نيوز گذريل 6 سالن کان سنڌ جي هر گهر، هر واهڻ ۽ هر شهر جو آواز بڻجي اڀريو آهي. علي قاضي جي قيادت ۾ هن پوري ميڊيا گروپ جنهن انداز سان سنڌ جي وسيلن، تعليم، صحت ۽ سماجي براين خلاف آواز اٿاريو آهي، اهو قابلِ تعريف آهي. اميد ته هي ادارا ايندڙ ڪيترن ئي ڏهاڪن تائين سنڌ جي حقن جي پهريداري ڪندا رهندا.
بجار جعفري/ ڪرمپور
مهانگائي
اڄ جي دور ۾ ايتري مهانگي وڌي وئي آھي جو مزدور ۽ ھاري تمام ڏکي زندگي گذاري رهيا آهن. مزدور جي ڏهاڙي 800 روپيا آهي. کنڊ 150 روپيا ڪلو آهي، گيھه 520 روپيا ڪلو آهي. پيٽرول 380 روپيا ليٽر آھي. روز مرهه جون شيون اٽو، کنڊ ، چانور، دال، سائي ڀاڄي به ايتري مهانگي آهي جو غريبن جي کائڻ کان نڪري وئي آهي. سنڌ حڪومت کي گهرجي ته غريبن جي لاءِ ڪجھه رليف ڏنو وڃي. مهانگائي تي ڪنٽرول ڪيو وڃي. جيئن غريب پنهنجي ٻچن جو 2 وقت جو راشن وٺي سگھن ۽ مزدوري پڻ وڌائي وڃي. وفاق حڪومت ۽ سنڌ حڪومت کي گهرجي ته غريبن مسڪينن جي سارسنڀال لھن. خاص ڪري روز مرهه جي شين ۾ سبسڊي ڏني وڃي. ڪڏهن مزدور جي ڏهاڙي لڳندي آهي ڪڏهن نه. اھو غريب مزدور ڇا ڪري؟ ھاري ويچارو سڄو سال محنت ڪري فصل تيار ڪري ٿو پر ان جو ريٽ صفا گھٽ ملندو آهي. غريب ھارين جي ھٿن مان فصل نڪري وڃي ٿو ته پوءِ ريٽ آسمان تي ھوندو آهي. غريب ھاري ڪنھن کي دانھن ڏئي. غريبن ھارين ۽ مزدورن سان انصاف ڪيو وڃي. خاص ڪري غريب ھاري ۽ مزدورن کي نوڪريون ڏنيون وڃن ويچارا پنهنجن ٻچن سان خوش رھن.
زاهد حسين زرداري/سرهاڙي