خودڪشي يا ڪو قاتل
اسان سمجهون ٿا ته هي پهرين نياڻي ناهي جنهن کي خودڪشي جي صورت ۾ پيش ڪيو ويو آهي، افسوس سان چئجي ٿو ته نه ئي هي آخري هوندي. اسان جي نظام اندر ڪجهه وحشي ذهنيت وارا ماڻهو ويٺا آهن، جيڪي مختلف طريقن سان نياڻين خلاف سازشون ڪن ٿا ۽ آخرڪار اهي واقعا خودڪشي جي شڪل ۾ ظاهر ڪيا وڃن ٿا. امر جليل چيو آهي ته هر خودڪشي جي پٺيان ڪو نه ڪو قاتل ضرور هوندو آهي. اسان کي صرف ان قاتل کي نه، پر ان ذهنيت، ان گهٽيا سوچ ۽ انهن وحشي صفت ذميوارن کي ڳولڻ گهرجي ۽ وائکو ڪرڻ گهرجي ته جيئن مستقبل ۾ ڪنهن يونيورسٽي جي نياڻي جو لاش نه ملي. چيو وڃي ٿو ته جنهن جو قاتل نه ملي، ان جو قاتل رياست هوندي آهي۔ جيڪڏهن اسان اهڙن واقعن تي نظر وجهون ته اڪثر ڪري نه قاتل ملن ٿا ۽ جيڪڏهن ملن ٿا ته به ڪيفر ڪردار تائين نٿا پهچن. ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته رياستي نظام پنهنجي ذميواري نڀائڻ ۾ ناڪام آهي. جيستائين ان نظام کي سڌارڻ لاءِ سنجيده قدم نه کنيا ويندا، تيستائين بيگناهه نياڻيون انصاف کان محروم رهنديون ۽ اهڙا المناڪ واقعا ٿيندا رھندا.
فيضان شفيق جمالي / تلھار بدين
ماحولياتي پارٽنرشپ
پاڪستان تازو ئي ناروي سان ماحولياتي تعاون جو هڪ معاهدو ڪيو آهي. معاهدي جو مقصد ڪاربان جي اخراج کي گهٽائڻ، صاف توانائي کي فروغ ڏيڻ ۽ پاڪستان ۾ پائيدار ترقي کي يقيني بڻائڻ آهي. هي هڪ اهم اڳڀرائي آهي ڇو ته اهو پاڪستان جو پهريون ٻطرفو ماحولياتي مالي معاهدو آهي، جيڪو عالمي سهڪار جا نوان موقعا پيدا ڪري سگھي ٿو. هن معاهدي ذريعي پاڪستان قابلِ تجديد توانائي جي منصوبن جهڙوڪ شمسي ۽ هوائي توانائي ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري حاصل ڪري سگهي ٿو، جڏهن ته موسمياتي تبديلي سان منهن ڏيڻ جون ڪوششون به مضبوط ٿينديون. وڌيڪ اهو ته هي معاهدو گرين معيشت کي هٿي ڏيندو، روزگار جا موقعا پيدا ڪندو ۽ موسمياتي لحاظ کان موزون زراعت کي فروغ ڏيندو. هڪ ٻيو اهم فائدو اهو آهي ته پاڪستان عالمي ڪاربان مارڪيٽن ۾ حصو وٺي سگهندو جنهن سان اخراج ۾ گهٽتائي ذريعي آمدني حاصل ڪري سگهجي ٿي.
سرمد ابڙو / ڪراچي
سنڌ جي بورڊن ۽ يونيورسٽن جي وزير اسماعيل راھو ڏانھن خط!
ڪاپي ھڪ موذي مرض آھي سنڌ کي ڏنل ھي ضياءُ الحق جو تحفو آھي پر ان ڇٽيل ٻج کي ان کانپوءِ جون حڪومتون ختم نه ڪري سگھيون آھن. ڪاپي ٻارڙن جي ذهانت کي ختم ڪري ڇڏيو آھي. ھن سال نائين ۽ ڏھين ڪلاس جي شاگردن ڪاپي ڪئي ۽ فخر سان چون پيا ته موبائل اسان جو ڪم وڌيڪ آسان ڪري ڇڏيو. ھڪ سال گورنمينٽ سپريئر سائنس ڪاليج خيرپور جي سڀني پروفيسرس قسم کنيو ته ڪاليج اندر بلڪل ڪاپي بند ھوندي. ان تي سڀني عمل ڪيو. سياسي فون ۽ سفارش کي ترڪ ڪيو ويو پر شاگردن استادن کي چيو ته اسان توھان کي امتحاني بورڊن مان سٺين مارڪن سان پاس ٿي ڏيکارينداسين. ٿيو به ائين ئي جڏھن يارھين ۽ ٻارھين ڪلاسن جي شاگردن جي رزلٽ آئي ته شاگردن استادن کي مارڪشيٽون ڏيکاريون جيڪي سٺين مارڪن سان پاس ھئا. اصل مسئلو امتحاني بورڊ آھن جتي شاگردن کي آساني سان پئسن تي مارڪون ملي وڃن ٿيون. ڪاپي ڪلچر ، بورڊ مان ڪرپشن ۽ اڪيڊميون ختم ڪري تعليم کي بهتر بڻائي سگهجي ٿو.
شفيق وساڻ/ڳوٺ جھنگو وساڻ
ٻارن ۾ اُرڙي، چڪن پاڪس ۽ ممپس جي بيماري
سنڌ ۾ بدلجندڙ موسم سان گڏ ئي ٻارن ۾ اُرڙي، چڪن پاڪس ۽ ممپس جهڙن وائرل انفڪشنز جي ڪيسن ۾ تيزي سان واڌ ٿي رهي آهي. صحت کاتي جي اختيارين موجب سرڪاري اسپتالن جي او پي ڊي (OPD) ۾ روزانو سراسري طور 3 کان 4 ٻار انهن علامتن سان آندا پيا وڃن. طبي ماهرن جو چوڻ آهي ته موسم جي تبديلي وائرل انفڪشنز جي پکيڙ لاءِ سازگار هوندي آهي. انهن بيمارين جي عام علامتن ۾ تيز بخار، جسم ۾ سخت سور، ٿڪاوٽ ۽ داڻا نڪرڻ شامل آهن. جيڪڏهن ٻارن کي اهڙيون علامتون ظاهر ٿين ته انهن کي فوري طور تي طبي مدد فراهم ڪرڻ گهرجي. والدين پنهنجي ٻارن کي اُرڙي ۽ چڪن پاڪس جي ويڪسين وقت تي لڳرائين، ڇاڪاڻ ته ويڪسين ئي انهن خطرناڪ بيمارين کان بچاءُ جو واحد محفوظ ذريعو آهي.
اعجاز ممنائي/ نوشهروفيروز
جت لڪ لڳي، جت اڪ تپن، سو ديس مسافر منهنجو ڙي
ٿر جي ريتي تي قدم رکندي ئي دل ۾ هڪ عجيب احساس جاڳي ٿو، هڪ طرف قدرتي حسن ته ٻئي طرف انساني ڏکن جا انيڪ داستان. هي ڌرتي صرف واري نه، پر اهڙين اڻ ٻڌايل ڪهاڻين سان ڀريل آهي، جتي زندگي هر ڏينهن هڪ امتحان آهي. ٻارن جو حال وڌيڪ ڏکوئيندڙ آهي، ننگي پير ريتي تي ڊوڙندڙ اهي معصوم چهرا، جن وٽ جسم ڍڪڻ لاءِ مناسب ڪپڙا به ميسر ناهن، اسان سڀني لاءِ هڪ وڏو سوال ڇڏين ٿا. تعليم ۽ شعور جي کوٽ به انهن جي مستقبل کي ڌنڌلو ڪري رهي آهي. سوال اهو آهي ته جڏهن ٿر ڪول پاور پلانٽ جهڙا وڏا منصوبا هتي موجود آهن ته پوءِ مقامي ماڻهو اڃا تائين بنيادي سهولتن کان محروم ڇو آهن؟ جڏهن وسيلن جي ڌرتيءَ تي رهندڙ ماڻهو روزگار لاءِ وڏن شهرن ڏانهن لڏي وڃي ڌڪا کائي مزدوري ڪرڻ تي مجبور هجن، تڏهن ترقي جون دعوائون سوال بڻجي وڃن ٿيون.
باغي راشد ڪوٽڙيو/ڳوٺ علھو ڪوٽڙيو ٿرپارڪر