خيرپور ضلعي ۾ برادري تڪرار ختم ڪرايا وڃن
خيرپور ضلعي ۾ ٻيھر برادري تڪرارن ڪر کڻڻ شروع ڪيو آھي جنھن ۾ الرا، جتوئي ۽ اڄڻ ڪليري تڪرارن ۾ صرف هڪ ڏينهن ۾ پنج قيمتي انساني جانيون ور چڙهي ويون آھن ۽ ڪجھ ماڻھو زخمي بہ ٿيا آھن. ٻڌڻ ۾ اھي صرف پنج انساني جانيون ٿيون لڳن پر حقيقت ۾ ايئن نہ آھي انھن پنج انساني جانين جي پٺيان سندن ونين، ڀينرن، ڀائرن ۽ والدين جا ڪيترائي حسين خواب بہ ھميشہ لاءِ دفن ٿي ويا آهن ۽ انھن جي رنگن ڀري دنيا ھميشہ لاءِ بي رنگ بڻجي وئي. برادري تڪرارن ۾ اڪثر ڪري عام انسان ئي ڀوڳيو آھي جن جو ڪوھين ڏور اھڙن تڪرارن سان ڪوبہ واسطو ڪونه ھوندو آھي. ھڪ ٻن ماڻھن جي ڏيتي ليتي توڙي ڪمي ڪوتاهي کي برادري تڪرارن ڏي وٺي وڃي تباھي ڪرڻ کان بھتر آھي تہ انھن جون پاڻ ۾ ڳالھيون ڪري ٺاھ وارو رستو اختيار ڪجي. سڀني سياسي، سماجي، مذھبي اڳواڻن ۽ لاڳاپيل ضلعي جي آفيسرن توڙي وس وارن کي عرض آھي تہ پنھنجو ڪردار ادا ڪري ھن ناسور مان خيرپور ضلعي سميت سموري سنڌ کي آجپو ڏيارين.
محمد رضا خاصخيلي/ حسين آباد
وياجن جو ڳڙھ بڻيل قبو سعيدخان شهر
قبوسعيدخان ۾ وياج جو ڪڌو ڪاروبار وڌي ويو آهي. وياجين کان ورتل پنجاھ هزار رپين تي هر مهيني پندرھن هزار ڪميشن طور ورتا ويندا آهن، وياج خور هر مهيني وصولي لاء پگهار وارن ڏينهن ۾ نيشنل بئنڪ جي سامهون ڏسڻ ۾ ايندا آهن، جتي ملازم پگهار ڪڍرائي نڪرن ٿا ته وياج خور پنهنجي قسط وصول ڪري غريبن ملازمن کي هٿين خالي گهر موٽڻ تي مجبور ڪن ٿا. قبي شهر ۾ وياجين وٽ هزارين مڻ ڪڻڪ پيل آهي، قرض ۾ ورتل علائقي واسين جي زمينن توڙي گهر جي جڳھن جا ڪاغذ به بااثر وياجين وٽ گروي پيل آهن. ان ڪڌي ڪاروبار کي بند ڪرايو وڃي.
جداجاويد/قبوسعيدخان
منافقت ۽ ڪوڙ معاشري لاءِ ناسور
منافقت ۽ ڪوڙ اهو اهڙو ناسور آهي جيڪو ڪنهن هڪ شخص، ڪنهن هڪ خاندان يا ڪنهن هڪ ڀاڱي کي نه پر پوري سماج کي کائي وڃي ٿو. منافق ماڻهو بظاهر معصوم، نرمي سان ڳالهيون ڪندڙ، محبت جا ڏيک ڏيندڙ پر اندر اهڙو زهر رکندڙ هوندو آهي جيڪو فضا ۾ پڻ تعفن پکيڙي ڇڏيندو آهي. هن جي مرڪ ۾ دوکو، هن جي لفظن ۾ ڌوڪو، هن جي هٿ ملائڻ ۾ غداري ۽ هن جي سلام ۾ شرارت هوندي آهي، منافق جا ٻه چهرا نه پر سئو چهرا هوندا آهن، هڪ ظاهر لاءِ، ٻيو پنهنجن مقصدن لاءِ، ٽيون سازشن لاءِ، چوٿون ڪردارڪشي لاءِ، ۽ باقي سڀ تباهي لاءِ. ڪوڙ، فريب ۽ منافقت جڏهن طاقت بڻجي وڃي تڏهن سماج ۾ نه عدل بچي ٿو نه حق، نه رحم بچي ٿو نه غيرت، نه محبت بچي ٿي نه انساني قدر، هر شيءِ منافقن جي هٿن ۾ رانديڪو بڻجي وڃي ٿي. سچ جي واٽ اختيار ڪريو، ڪوڙ کان نفرت ڪريو، منافقت کان پري رهو، ڇوتہ انسانيت جي اصل عزت انهن ٽن ڳالهين جي بقا ۾ ئي سمايل آهي.
وفا ولي محمد ڦل/ڦل شهر
جي يو آءِ اڳواڻ ۽ صحافي ۾ تڪرار
پنوعاقل ۾ صحافي عبدالله چاچڙ ۽ جي يو آءِ ضلع سکر جي امير ۽ سنڌ جي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري مولانا محمد صالح انڍڙ وچ ۾ تڪرار هلندر آهي. اهو سڀ نه هجڻ گهرجي. ڪنهن به تڪرار جا آخرڪار سمورا رستا معاملا فهمي، صلح ۽ ڀائيچاري طرف وڃن ٿا نه ڪي الزام تراشين ۽ خوامخواه جي لقاءَ طرف. سڀ ويڇا مٽائي ڳالهيون نظرانداز ڪري اجايون ڳالهيون ڇڏي ناراضگي ڇڏي صلح جو هٿ وڌائڻ کپي. دوستي ڀائيچاري جو ڀاڪر ڀري صلح ڪري پاڻ ۾ کير کنڊ ٿيڻ کپي. سوشل ميڊيا تي ڪا به اهڙي ڳالهه نه ٿيڻ کپي جنهن سان ٻنهي وچ ۾ ويڇا وڌن يا ناراضگيون جنم وٺن.
محمد اسلم ماڪو/ پنوعاقل
سرڪاري ڪن لاٽار سبب تباھ ٿيندڙ تعليم!
دنيا ۾ تعليم کي ترقي جو راز سمجھندي اتان جون حڪومتون ھر حال ۾ درسگاهه آباد رکڻ لاءِ ڪوشان ھونديون آھن، پر افسوس جو ساڻيھ سنڌ ۾ ھٿ وٺي ڪري تعليمي نظام تباھ ڪري سنڌ جي لکين شاگردن جو مستقبل داءُ تي لڳايو ويو آهي. سنڌ اندر اڄ به سون جي تعداد ۾ اسڪول بند پيل آهن ۽ لکن جي تعداد ۾ ٻارڙا تعليم جھڙي بنيادي حق کان محروم آھن. اھڙو ئي ھڪ اسڪول گرلز پرائمري اسڪول محمد علي ڪپري تعلقو چمبڙ آهي جيڪو قائم ته 2007ع ڌاري ٿيو پر سرڪاري بيحسيءَ ۽ تعليم کاتي جي لاپرواهي سبب ھن اسڪول ۾ مستقل طور تدريسي عمل بحال ٿيڻ شاگردياڻين لاءِ اڄ به خواب بڻيل آهي. تازو ڳوٺاڻن جي سخت احتجاج ۽ اڻٿڪ ڪوششن کانپوءِ جڏهن تعليم کاتي پاران ٽيچر کي بدلي ڪري مقرر ڪيو ويو آهي ته افسوس ٽيچر جوائننگ ناھي ڏئي سگھي ۽ نه ئي ڪامورن ڪو قدم کنيو آهي.
آفتاب سليمان لغاري