پنهنجن جون چٺيون

پاڪ-امريڪا لاڳاپا: شڪ جي ديوار ڪِرندي يا برف اڃا وڌيڪ ڄمندي؟

پاڪستان ۽ آمريڪا جي ڏهاڪن تي ٻڌل لاڳاپن جي تاريخ ڪنهن فلمي اسڪرپٽ کان گهٽ ناهي، جتي ڪڏهن دوستي پنهنجي عروج تي هوندي آهي ته ڪڏهن شڪ جا ڪارا بادل هر شيءِ کي ڌنڌلو ڪري ڇڏيندا آهن. آمريڪي لاڳاپن ۾ سردمهري جو سڀ کان وڏو سبب افغانستان مان آمريڪا جو نڪرڻ ۽ ان کانپوءِ پيدا ٿيندڙ صورتحال هئي. جڏهن ٻن اهم ملڪن وچ ۾ وفدن جي ڏي وٺ بند ٿئي ٿي، ته ان جو نقصان رڳو سياست کي نه پر معيشت کي به ٿئي ٿو. ان سان سيڙپڪاريءَ تي ناڪاري اثر پيا. آمريڪا ۽ پاڪستان جي لاڳاپن ۾ ڄميل برف جو پگهرجڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. دورا رڳو فوٽو سيشن نه پر نتيجا ڏيندڙ هجڻ گهرجن. جيڪڏهن موجوده قيادت اعتماد جي بحاليءَ ۾ ڪامياب ٿي وڃي ٿي، ته اها نه رڳو پاڪستان جي معيشت لاءِ آڪسيجن ثابت ٿيندي پر خطي ۾ امن جو نئون باب پڻ کولي سگهي ٿي.

اوشاق علي بليدي/ڳيريلو

خيرپور ۾ هلندڙ غير قانوني ليبارٽريون

ھينئر جتي دنيا گلوبل وليج ٿي چڪي آهي اتي اسان جي زندگي گذارڻ جو طور طريقو مٽجي چڪو آهي. هڪ طرف ته اسان ترقي ڪئي آهي ته ته ٻئي طرف کوڙسارو وڃائي به چڪا آهيون. اسان قانون کي  مڪمل لتاڙي وڏي دريا دلي سان غلط ڪم به ڪريون پيا. خيرپور ميرس جي ڪجھه ليبارٽرين تي ڇاپا هڻي انهن کي سيل ڪيو ويو آهي. ڏنڊ به وڌو ويو. اهي ليبارٽريز سنڌ هيلٿ ڪيئر ڪميشن جي قاعدن قانونن جي برعڪس هلي رهيون هيون ۽ ان سان گڏوگڏ غيرمعياري ۽ غيرتسلي بخش نتيجا ڏئي ماڻهن جي زندگين ساڻ به کيڏي رهيون آهن. عوامي مطالبو آهي ته اهڙي طرح هلندڙ سموري سنڌ ۾ غير قانوني ۽ سهولتن جي فقدان سان جوڙيل ليباريٽرين خلاف سخت ۽ مستقل قدم کنيا ۽ عام ماڻهن جي زندگيون وڌيڪ تباهه ٿيڻ کان بچايون وڃن.

عابد سومرو/ خيرپور ميرس

مهانگائي جو طوفان عوام مشڪلاتن جو شڪار

وفاقي حڪومت پاران تيل جي اگهن ۾ واڌ بعد سڄي ملڪ وانگر سنڌ ۾ به مهانگائي جو طوفان شدت اختيار ڪري ويو آهي، جنهن عام ماڻهو جي زندگي کي سخت مشڪل بڻائي ڇڏيو آهي. اڳ ئي معاشي دٻاءَ هيٺ آيل غريب ۽ وچولي طبقي لاءِ هاڻي روزمرهه جون ضرورتون پوريون ڪرڻ به وڏو چئلينج بڻجي ويو آهي. سنڌ جو عام ماڻهو اڳ ئي بيروزگاري، گهٽ آمدني ۽ بنيادي سهولتن جي کوٽ سبب پريشان هو، پر هاڻي تيل جي اگهن ۾ واڌ انهن جي مسئلن ۾ وڌيڪ اضافو ڪري ڇڏيو آهي. اڄ سنڌ جو ماڻهو حڪومت کان رڳو اهو سوال پڇي رهيو آهي ته آخر هن وڌندڙ مهانگائي جو بار هميشه غريب عوام تي ڇو وڌو وڃي ٿو؟ ڇا ڪو اهڙو نظام ناهي جيڪو عام ماڻهو کي به سڪون ۽ آساني فراهم ڪري سگهي؟ هاڻي وقت اچي ويو آهي ته حڪمران عوام جي تڪليفن کي سمجهن ۽ سنجيده قدم کڻي مهانگائي جي هن طوفان کي روڪين، نه ته حالتون وڌيڪ خراب ٿيڻ جو خطرو آهي.

مختيار علي بلوچ/ تنگواڻي

فهميدا لغاري سان ڪير انصاف ڪندو !

سنڌ جا تعليمي ادارا نياڻين جي لاء محفوظ نه رھيا آھن نمرتا ، نوشين شاھ ، نائلا رند ۽ وري ميرپورخاص جي ميڊيڪل ڪاليج جي ٽاپر شاگردياڻي فهميده لغاري خودڪشي ڪري زندگيءَ جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو. جنھن کي اتان جا پروفيسر هراسان ڪري رھيا ھئا. شريف انسان جڏھن نه ٿو پھچي سگھي، جڏھن انصاف ملڻ جي ڪا اميد نه ھجي ته تنگ ٿي ڪري اھڙا قدم کنيا ويندا آهن تعليمي ادارا علمي شعور ڏيندڙ ۽ معاشري کي تبديل ڪندڙ مورچا آھن جتان ڏاھا پيدا ٿيندا آھن جيڪي ملڪ ، صوبي ۽ قوم جي لاء تعميراتي ڪردار ادا ڪن ٿا. اھڙن ادارن ۾ جڏھن بگھڙن کي ڀرتي ڪيو وڃي ٿو ته اھي معاشري لاءِ ناسور بڻجي وڃن ٿا. قابل ۽ ذھين شاگردياڻيون ڪن ته ڇا ڪن. ڊاڪٽر فهميده لغاري جي والدين تي ڇا گذرندي ھوندي جيڪي روئي رھيا آھن. سوال اهو آهي ته ڇا انھن کي انصاف ملندو؟

شفيق وساڻ/ڳوٺ جھنگو وساڻ

ايران جي مدد ڇو نه ٿا ڪريو!

ڇا دنيا پنهنجي خاتمي طرف پئي وڃي جو جنگ سائنس اينڊ ٽيڪنالوجي سان پئي وڙهي وڃي. هر ملڪ پنهنجي سرزمين تان سيٽلائيٽ ٽارگيٽ وٺي پيو دشمن ملڪ تي ميزائل ۽ بارود جي باهه اڇلائي. صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ذهني حالت ڪنهن چريي ماڻهوءَ کان به پري آهي جو ڪنهن مل ايراني قوم توڙي قيادت کي بهادري جا پيو تمغا ڏئي ته ڪنهن مهل نيست و نابود ڪرڻ جون ڌمڪيون پيو ڏئي ته ڪنهن مهل ان ايراني جنگ ۾ الله پاڪ جي غيبي مدد جو پيو اقرار ڪري ۽ ڪڏهن فرعونيت جي تڪبرانه سوچ جو عڪس ڏيکاريندي پيو ڌمڪيون ڏي. ايران اڪيلو ناهي هن سان الله پاڪ جي پاڪ فرشتن جي فوج ۽ نصرت ساڻ آ ۽ الله پاڪ ڪڏهن به اڪيلو ناهي ڇڏيو پنهنجي بندن کي ۽  واضع طور چيو  ته ڪافرن سان  قربتون نه وڌايو. پر افسوس اسان جا حڪمران ايران جهڙي مظلوم ملڪ جي ڪا به امداد نه پيا ڪن ما سواءِ سفارتي تعاون جي جنهن جي به ايراني قوم توڙي سرڪار شڪريو مڃيو آهي.

استاد جاويد احمد هڪڙو/شڪارپور