پنهنجن جون چٺيون

ٻهراڙيءَ جي بک، شهرن جو گوڙ ۽ پاڪستان جو عالمي امن وارو امتحان

پاڪستان هن وقت هڪ اهڙي عجيب دور مان گذري رهيو آهي، جتي ملڪي سرحد جي اندر “بک” جو راڄ آهي ۽ سرحد کان ٻاهر “بارود” جي بوءِ آهي. مهانگائي هاڻي رڳو معاشي اصطلاح ناهي رهي، پر هڪ گهريلو ماتم بڻجي وئي آهي. جڏهن هڪ پورهيت سڄو ڏينهن پگهر وهائڻ کانپوءِ شام جو گهر خالي هٿين موٽي ٿو ته رياست جي هر دعويٰ دم ٽوڙي وڃي ٿي. بجليءَ جا بل هاڻي “بجليءَ جا جهٽڪا” بڻجي ويا آهن، جن وچولي طبقي کي به خيرات گهرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي. عوام جو ردعمل اڃا تائين خاموش آهي، پر هيءَ “خاموشي” ڪنهن وڏي طوفان جو پيش خيمو ٿي سگهي ٿي. تاريخ گواهه آهي ته جڏهن عوام جي ماني کسجي ويندي آهي، ته پوءِ اهي نظام جي ديوارن کي لوڏي ڇڏيندا آهن. پاڪستان جو مستقبل ان ڳالهه ۾ لڪل آهي ته هو پنهنجي عوام کي ڪيترو رليف ڏئي ٿو. جڏهن گهر جا ماڻهو خوشحال هوندا، تڏهن ئي ٻاهران ايندڙ مهمان اسان جي ڳالهه تي ڪن ڌريندا. وقت اچي ويو آهي ته اسان “امن جو سفير” بڻجڻ سان گڏ “عوام جو محافظ” به بڻجون.

اوشاق علي بليدي/ لاڙڪاڻو

گهرڻ واري نه ڏيڻ واري قوم بڻجو

شڪرالحمدلله جنگ کان دنيا امن طرف واپس پئي وري جيڪا هر انسان لاءِ سٺي خبر آھي جو رياستن يا ملڪن جو معاشي نقصان ٿيندو آهي جنهن جو پورائو ديرسوير ڪري سگهجي پيو پر جيڪو عالمي طور انساني جانين جو نقصان ٿئي ٿو سو شايد ڪڏهن به ڪو پورائو نه ڪري سگهي. اڄ جا ظالم وتن پيا پرامن دنيا ۾ انساني جانين جو زيان ڪندا جو هنن جي ڪوڙي حڪمراني ۽ ڌوڪي فريب واري سوچ کي مدام ملي پر ڀلائي ويٺا هن پاڪ الله جي سنت کي جنهن هر مظلوم کي فتح مبين ۽ هر ظالم ۽ انهن جي سهولتڪارن کي دنيا ۾ ذليل خوار ڪري نشان عبرت بڻايو. واحد ايران جنگ آهي جنهن لاءِ اسان جي ملڪ جي ادارن ڪا اپيل نه ڪئي آهي قوم کي امداد جي نه ئي ڪنهن ٻئي وڏي خيراتي اداري توڙي مذهبي ادارن ئي ڪا امدادي ڪئمپ يا ڪا اشتهاري مهم هلائي آهي الله پاڪ اسان کي گهرڻ واري قوم کان ڏيڻ واري قوم بڻائي آمين يا رب العالمين.

 استاد جاويد احمد هڪڙو/ شڪارپور

ٽيسٽن جا قيدي: سنڌ جا بيروزگار نوجوان انصاف جا منتظر

سنڌ جي ڌرتيءَ تي هزارين نه، پر لکين اهڙا نوجوان موجود آهن، جيڪي تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ روزگار جي اميد ۾ پنهنجون عمرون ٽيسٽن ۽ انٽرويوز جي انتظار ۾ گذاري ويٺا آهن. سوال اهو آهي ته آخر انهن نوجوانن جي محنت، وقت ۽ پئسن جو حساب ڪير ڏيندو؟ گذريل ڪيترن ئي سالن کان مختلف ادارن پاران ٽيسٽن جي نالي تي اميدوارن کان فيسون ورتيون وڃن ٿيون، پر نتيجي ۾ نه نوڪريون ملن ٿيون ۽ نه ئي ڪا واضح پاليسي سامهون اچي ٿي. خاص طور تي سال 2023ع ۽ 2024ع ۾ آءِ بي اي سکر طرفان ورتل ٽيسٽن ۾ پاس ٿيندڙ اميدوار اڄ تائين آفر آرڊر جا منتظر آهن. اهي نوجوان روزانو بنياد تي احتجاج ڪرڻ تي مجبور آهن، پر سندن آواز اقتدار جي ايوانن تائين پهچڻ باوجود به ڪو اثر پيدا نه ڪري سگهيو آهي. سنڌ ۾ بيروزگاري صرف روزگار جي کوٽ جو مسئلو ناهي، پر اهو هڪ سماجي الميو بڻجي چڪو آهي. ٽيسٽ ڏيندڙ نوجوان نه صرف نوڪرين کان محروم آهن، پر انهن کي سرڪاري اسڪيمن جهڙوڪ ڪاروباري قرض، گهرن جي فراهمي ۽ سماجي امداد جهڙوڪ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ به نظرانداز ڪيو ويو آهي. جيڪڏهن گھر گھر سروي ڪرائي وڃي ته حقيقتون وڌيڪ دردناڪ صورت ۾ سامهون اينديون. سنڌ جو نوجوان هاڻي سوال ڪري رهيو آهي—۽ هن ڀيري هن کي جواب گهرجي.

عاجز انور لاشاري

اڄ جي دور ۾ مهانگائي ڪيتري وڌي وئي آھي؟

اڄ جي دور ۾ ڪڻڪ پچي تيار ٿيندي آھي ته اگھه نه ھوندو آھي. بلڪه ڪڻڪ ڪير وٺڻ وارو نه ھوندو آھي. ايريگيشن سسٽم جي پاڻي جو اگھه به صفا پھچ کان پري ھوندو آھي. ننڍا زميندار ۽ ھاري سورن ۾ ھوندا آھن. ڪڏھن انھن جي درد ۾  اچي ڪو اميدوار محسوس ڪري پوءِ دعوا ڪري ته سنڌ جي ماڻھن تي اوھان جا احسان آھن. ھڪڙو دور ھوندو ھو. سرڪار  ڀاڻ نه ڏيندي ھئي نه ٻج ڏيندي ھئي پر اگھه سٺا ڏيندي ھئي.  ان جي ڪري ماضي جو ھاري ۽ ننڍا زميندار خوشحال ھوندا ھئا.  ھاڻ ته هي قوم کي پنائي رھيا آھن. نه اگھه ٿا ڏين نه پاڻي ٿا ڏين  نه وري ڪلر ٻج سستو نه  ٿا ڪن. عام ماڻھن کان اچي پڇو ته ان جي زندگي ڪيئن گذري رھي آھي. باقي ايئر ڪنڊيشن بنگلن ۾ ويھي پريس ڪانفرنس ڪري قوم کي جتائي رھيا آھيو ته سنڌ جي ماڻھن جا ٻار جيڪا ماني کائي رھيا آھن اھا اميدوار جي مھرباني آھي. بلڪه سنڌ جي ماڻھن تي اوهان جون وڏيون مھربانيون آھن. اميدوارن جا  نعرا ھڻي ڪراڙين سميت لائن ۾ بيھي ووٽ ڪري رھيا آھن. ڪڏھن عوام جو احسان به تسليم ڪيو.

زاهد حسين زرداري/سرهاڙي