موبائل اسڪرين: فائدا ۽ نقصان
اڄ جي تيزي سان ترقي ڪندڙ دور ۾ موبائل فون انساني زندگي جو هڪ لازمي حصو بڻجي ويو آهي. موبائل اسڪرين هر قسم جي معلومات، رابطن ۽ وندر جو مرڪز بڻيل آهي، هي ٽيڪنالاجي هڪ طرف زندگي کي آسان بڻائي رهي آهي ته ٻئي طرف ان جا ڪجهه ناڪاري اثر به آهن، جن تي غور ڪرڻ انتهائي ضروري آهي. شاگرد هاڻي ڪتابن تائين محدود ناهن رهيا، پر آن لائن ڪلاسز، وڊيو ليڪچرز، اي بُڪ ۽ تعليمي ايپس ذريعي دنيا جي بهترين ڄاڻ حاصل ڪري سگهن ٿا. بل ادائيگي پئسن جي منتقلي ۽ خريداري جهڙا ڪم چند لمحن ۾ ٿي وڃن ٿا. ان سان نه رڳو وقت بچي ٿو پر سهولتون به وڌن ٿيون. سڀ کان وڏو نقصان صحت تي پوي ٿو. ڊگهو وقت اسڪرين ڏسڻ سان اکين تي دٻاءُ پوي ٿو، جنهن ڪري نظر ڪمزور ٿيڻ، اکين ۾ سوزش ۽ مٿي ۾ سور جهڙا مسئلا پيدا ٿين ٿا. ماڻهو سوشل ميڊيا تي گهڻو وقت گذارين ٿا، جنهن ڪري پريشاني، بيچيني ۽ احساس ڪمتري جهڙا مسئلا جنم وٺن ٿا. خانداني نظام تي به ان جا اثر پئجي رهيا آهن. نامناسب مواد تائين آسان رسائي نوجوانن جي سوچ ۽ روين تي منفي اثر وجهي سگهي ٿي. وقت جو ضايع ٿيڻ به هڪ وڏو نقصان آهي. اسان جي ذميواري آهي ته سمجهداري سان استعمال ڪريون، جيئن ان جا فائدا حاصل ڪري سگهون ۽ نقصان کان پاڻ کي بچائي سگهون.
وفا ولي محمد ڦل/ڦل شهر
فھميدہ لغاري جي شھادت سواليه نشان
سنڌ جا ڪاليج قتل گاهه بڻجي ويا آهن جتي علم انسانيت ۽ روشنيءَ جا چراغ علم حاصل ڪندا هئا ھيون اتي اڄ نياڻين توڙي نوجوانن جا روز قتل پيا ٿين. فھميدہ لغاري جي قتل سوال پيدا ٿو ڪري. اڄ شھيد نياڻي جا وارث ھن ڏک جي گھڙي ۾ صدمي ۾ ڳڻي واري حالت ۾ آھن،ڪاليجن اندر رھندڙ بگھڙ جھڙا انسان انصاف کان بچندا رهيا آهن. فھميدہ لغاري، جيڪا پنهنجي خاندان جي اميدن جو مرڪز هئي، کي خودڪشي ڪرڻ تي مجبور ڪيو ويو. فهميده لغاري جي شهادت تي سنڌ جي اديبن، دانشورن ۽ سوشل ميڊيا جي فعال ڪارڪنن آواز ته اٿاريو، پر اڃا تائين اهو آواز ايترو سگهارو نه ٿي سگهيو آهي جو ايوانن کي لوڏي سگهي. شهيد فهميده لغاري جو رت انصاف جو منتظر آهي. جيستائين هن جي شهادت تان پراسراريت جا پردا نه هٽايا ويندا ۽ اصل جوابدارن کي ڪيفر ڪردار تائين نه پهچايو ويندو، تيستائين ميرپورخاص جي فضا تي هي سواليه نشان قائم رهندو.
مختيار علي بلوچ/ تنگواڻي
ٿرپارڪر ۾ ڀرتين ۾ بي ضابطگيون، مقامي نوجوانن سان ناانصافي
ٿرپارڪر ضلعي ۾ تازو گريڊ هڪ کان چار تائين خالي ٿيل پوسٽن تي پراڻي ڊسٽرڪٽ ريڪروٽمينٽ پاليسي تحت آفر آرڊر جاري ڪيا ويا آهن، جن بابت مختلف ڳوٺن مان سخت خدشا سامهون اچي رهيا آهن. متاثر اميدوارن جو چوڻ آهي ته ڪيترن ئي علائقن ۾ مقامي ۽ اهل اميدوارن کي نظرانداز ڪري غيرمقامي ماڻهن کي ڀرتي ڪيو ويو آهي. تعلقي ڇاڇري جي ڳوٺ چارنور گجو آباد اسڪول تي به اهڙو ئي ڪيس سامهون آيو آهي، جتي الزام لڳايو ويو آهي ته تڪ جي ايم پي اي طرفان 2018 جي عام چونڊن ۾ ووٽ نه ڏيڻ جي بنياد تي مقامي ماڻهن کي نظرانداز ڪري ٻين علائقن جي ماڻهن کي نوڪريون ڏنيون ويون. چيو وڃي ٿو ته اهڙي عمل ذريعي سياسي انتقام وٺڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. متاثر ڌرين موجب آفر آرڊر حاصل ڪندڙن ۾ وڏي انگ ۾ اهڙا ماڻهو شامل آهن، جيڪي سياسي نمائندن جي بنگلن تي حاضريون ڀريندا رهيا آهن، جڏهن ته پراڻا جيالا ۽ مقامي اهل نوجوان مڪمل طور نظرانداز ڪيا ويا آهن. ان معاملي تي متاثر اميدوار عدالت جو در کڙڪايو آهي ۽ ڪيس سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ هلندڙ آهي. نوجوانن جو چوڻ آهي ته کين اميد آهي ته کين انصاف ضرور ملندو.
عبدالرحيم گجو/ چارنور گجو
پاڪستان ۾ موسمي تبديلي وڌندڙ خطرو ۽ ان جا حل
پاڪستان انهن ملڪن مان آهي، جيڪي موسمي تبديلي کان تمام گهڻو متاثر ٿي رهيا آهن، حالانڪه پاڪستان جو عالمي آلودگي ۾ حصو تمام گهٽ آهي. ان جي باوجود، هتي جا ماڻهو سخت ماحولياتي مسئلن کي منهن ڏئي رهيا آهن. گذريل ڪجهه سالن دوران، پاڪستان ۾ موسم جو نظام تمام گهڻو تبديل ٿي ويو آهي. ڪٿي شديد گرمي جون لهرون ماڻهن جي زندگين لاءِ خطرو بڻجي ويون آهن، ته ڪٿي تيز برساتون ۽ ٻوڏ تباهي آڻي رهيون آهن. خاص ڪري 2022ع واري ٻوڏ لکين ماڻهن کي بي گهر ڪري ڇڏيو ۽ ملڪ کي وڏو معاشي نقصان پهچايو. گرمي پد ۾ واڌ، اترين علائقن ۾ گليشيئرز جو ڳرڻ ۽ پاڻي جي کوٽ مستقبل لاءِ وڏا خطرا آهن. زراعت، جيڪا پاڪستان جي معيشت جو اهم حصو آهي، ان تي به ان جا خراب اثر پئجي رهيا آهن، خاص ڪري سنڌ ۽ پنجاب ۾. پر موسمي تبديلي صرف مسئلو نه آهي، پر هڪ ذميواري به آهي، جنهن کي صحيح طريقي سان حل ڪرڻ ضروري آهي. ان مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ هي قدم کڻڻ تمام ضروري آهن: • شمسي (Solar) ۽ هوا (Wind) جهڙي توانائي کي وڌايو وڃي • وڻ لڳائئجن ۽ ٻيلن جي ڪٽائي کي روڪيو وڃي • پاڻي کي بچايو وڃي ۽ جديد آبپاشي نظام اختيار ڪيو وڃي • آلودگي کي گهٽايو وڃي. • پلاسٽڪ جو استعمال گهٽايو وڃي ۽ صفائي جو خاص خيال رکيو وڃي
دوست محمد سھتو