جيڪڏهن غيرت ڳالھائي ھا..!
غيرت لفظ ڪنن ۾ پوندي ئي هڪ خوفناڪ احساس اندر ۾ جاڳي پوي ٿو، ڄڻ ڪا پراڻي صدا اندر ئي اندر گونجي رهي هجي عزت، وقار، پنهنجي سڃاڻپ جي صدا.. پر پوءِ اوچتو ذهن ۾ اهي خبرون به گردش ڪرڻ لڳن ٿيون، جتي رت وهيو، جتي ڪنهن جي زندگي ختم ٿي وئي، جتي ڪنهن جي ساھ کي “غيرت” جي نالي سان روڪيو ويو ۽ هتي ئي اھو سوال جنم وٺي ٿو: ڇا اها ئي غيرت آهي؟ يا اسان ڪنهن ٻي شيءِ کي ان نالي سان سڏڻ لڳا آهيون؟ سماجي حوالي سان ڏسجي ته غيرت اهو احساس آهي، جيڪو انسان کي پنهنجي ۽ ٻين جي عزت ڪرڻ سيکاري ٿو. غيرت جو ٻيو پهلو آھي مذهبي..! جيڪو اصل ۾ سڀ کان صاف، سڀ کان واضح هدايت ڏيندڙ آھي. ڪنھن به مسئلي تي فتوي ۽ فيصلو ڏيڻ کان پھريان ان جا سڀ پھلو ظاھر ڪيا وڃن، ڪرڻ کان پھريان ان ڳالھ يا ڪم ھزار ڀيرا سوچڻ ئي غيرت جو اصل فلسفو آھي.
مسعود احمد خاصخيلي
هڪ خط وزير اعليٰ سنڌ ڏانهن!
سائين جن جي خدمت ۾ عرض ڪجي ٿو ته اسان سجاول ضلعي جا استاد گذريل ڇهن مهينن کان ٽريزري آفيس سجاول جا چڪر ڪاٽي رهيا آهيون. ڇھ مهينا اڳ جڏهن اسان آءِ بي اي ٿرڊ فيز ضلع سجاول جي پرائمري اسڪول ٽيچرس جون آئيڊيز کلي رهيون هيون ته ان وقت ٽريزري آفيس وارن اسان ڪافي استادن جي ڊيٽا ۾ غلطيون ڪيون هيون. گذريل ڇهن مهينن کان اسان کين پنهنجي ڊيٽا درست ڪرائڻ لاءِ ايف او ٽوز ڀري جمع ڪرائيندا اچون پر هر وقت ڪو نه ڪو بهانو ڪري اسان جي مسئلي کي ٽاري ڇڏيندا آھن. ان کان پوءِ پندرانهن کان ويھه هزار طلب ڪيا ويا. اهي آئيڊيز ٺاهڻ وارن خود ڄاڻي واڻي ڪري غلطيون ڪيون آهن ته جيئن رشوت وٺي سگهن. اسان ڪافي استاد هن وقت ٽريزري آفيس وارن جي بليڪ ميلنگ جو شڪار آهيون خدارا ڪرپٽ آفيسرز کي هٽائي ايماندار آفيسرز آندا وڃن ته جيئن سڄو ضلعو پريشاني کان بچي پوي.
سيد علي رضا شاهه/ ٻيلو
پورهيت جون دانهون ۽ انصاف جو جنازو!!
سنڌ ۾ 2022 جي برساتن سبب متاثر ٿي ڪيترائي ماڻهو هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ لڏپلاڻ ڪري ويا، انهن ۾ سڪرنڊ جي تاريخي علائقي دليل ڪوٽ جو رهواسي پيرسن پورهيت عبدالڪريم ملاح به هو جيڪو ڪراچي ۾ جهوپڙي اڏي پيٽ گذر شروع ڪندو هو. ان علائقي ۾ رهندڙ ڪو بااثر هن کان پاڻي کپائڻ جا ٽي هزار هفتي ۾ ڀتو گهرڻ لڳو جيڪو نه ڏيڻ تي هو هن مسڪين جو دشمن ٿي پيو، سندس نوجوان پٽ امير علي کي پوليس هٿان کنڀرائي هاف فرائي ڪري ڇڏيو، دانهڻ تي سندس ٻئي پٽ کي به کنڀرائي گم ڪري ڇڏيو آهي. اهڙن واقعن مان لڳي ٿو ته انصاف مري چڪو آهي، پيرسن پورهيت عبدالڪريم ملاح جي معاملي جو ترت نوٽيس وٺي سندس گنهگارن کي قانون جي ڪٽھڙي ۾ آندو وڃي. انصاف ڪرڻ واري ذات سڀ کان وڏي ۽ اعليٰ آهي، عبدالڪريم سان به انصاف ضرور ٿيندو، ڇا ٿي پيو جي زميني انصاف ڏيندڙن کان زميني خدا، ڀوتار ۽ مافيائون زور آهن، اهو نه وسارڻ کپي آسمان وارو خدا ته موجود آهي اهو حساب ضرور وٺندو
قاسم خاصخيلي/ سڪرنڊ
ڪراچي ۾ ساليانا امتحان
ڪراچي ۾ مختلف ڪلاسن جا ساليانا امتحان زور شور سان جاري آهن. شهر ڀر جي سرڪاري ۽ نجي تعليمي ادارن مان شاگرد ۽ شاگردياڻيون وڏي تعداد ۾ امتحاني مرڪزن ڏانهن وڃي رهيا آهن. اهي امتحان نه رڳو تعليمي سال جو اهم مرحلو آهن، پر شاگردن جي محنت، لگن ۽ صلاحيتن جو اصل امتحان پڻ آهن. شاگردن لاءِ مختلف سهولتون مهيا ڪيون ويون آهن. حڪومت طرفان نقل کي روڪڻ لاءِ سخت قدم کنيا ويا آهن. امتحاني هالن ۾ نگراني جو نظام وڌيڪ مضبوط ڪيو ويو آهي. والدين جو به اهم ڪردار آهي ته هو پنهنجن ٻارن کي نقل کان پري رهڻ جي تلقين ڪن ۽ انهن کي ايمانداري جي اهميت سمجهائن. شاگردن لاءِ ضروري آهي ته هو امتحانن دوران ذهني دٻاءُ کان بچڻ جي ڪوشش ڪن. مناسب ننڊ، متوازن خوراڪ ۽ وقت جي پابندي انهن جي ڪارڪردگي کي بهتر بڻائڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿي. مثبت سوچ ۽ خوداعتمادي ڪاميابي جي ڪنجي آهن.
سيدہ سونيا منور
هرمز جون لهرون ۽ اسان جو رت نچوئيندڙ مهانگائي
دنيا جي نقشي تي هڪ ننڍڙو سامونڊي لنگهه آهي، پر ان جي اهميت اهڙي آهي، جو سڄي دنيا جي معيشت ان سان ڳنڍيل آهي—اهو آهي Strait of Hormuz. جيڪو بند آهي. اسان جهڙن ترقي پذير ملڪن لاءِ، جيڪي گهڻو تيل ٻاهرين ملڪن کان درآمد ڪن ٿا، اها صورتحال انتهائي ڏکيو بڻجي وڃي ٿي. جڏهن تيل مهانگو ٿئي ٿو، ته ٽرانسپورٽ جا خرچ وڌن ٿا، ڪارخانن جي پيداوار مهانگي ٿي وڃي ٿي ۽ نتيجي ۾ روزمرهه جي شين جا اگهه به آسمان تي پهچي وڃن ٿا. هرمز جون لهرون رڳو سمنڊ ۾ نه هلن ٿيون، پر اسان جي کيسن ۾ به طوفان کڻي اچن ٿيون. هرمز جي لهرن جو اثر صرف تيل تائين محدود ناهي. اهو عالمي واپار، ڪرنسي جي قدر ۽ سياسي حالتن تي به اثر انداز ٿئي ٿو. جڏهن تيل مهانگو ٿئي ٿو ته ڊالر جي گهرج وڌي ٿي ۽ اسان جهڙن ملڪن جي ڪرنسي ڪمزور ٿي وڃي ٿي. نتيجي ۾، هر شيءِ جيڪا ٻاهرين ملڪن کان اچي ٿي، اها وڌيڪ مهانگي ٿي وڃي ٿي. اسان کي اهو سمجهڻ گهرجي ته هرمز جي لهرن کي اسان روڪي نٿا سگهون، پر پنهنجي ملڪ اندر پاليسين کي بهتر بڻائي سگهون ٿا. توانائي جا متبادل ذريعا، مقامي پيداوار، ۽ سٺي معاشي حڪمت عملي سان، اسان هن اثر کي گهٽائي سگهون ٿا.
لطف علي چانڊيو