ڪارو ڪاري جو رواج
ڪارو ڪاري هڪ تمام خراب ۽ ظالماڻو رواج آهي جيڪو انساني زندگي ۽ انسانيت جي بنيادي قدرن جي خلاف آهي. ڪارو ڪاري جي پويان گهڻا سبب آهن جهڙوڪ اڻ پڙهيل هجڻ, پراڻيون رسمون, غلط سوچ ۽ سماجي دٻاءَ. ماڻهو اڪثر بنا سوچ ويچار جي ٻين جي ڳالهين تي يقين ڪري وٺن ٿا ۽ جذبات ۾ اچي ڪري وڏا فيصلا ڪن ٿا جيڪي بعد ۾ پوري خاندان ۽ سماج لاءِ نقصانڪار ثابت ٿين ٿا. اسلام ۾ ڪنهن تي بنا ثبوت الزام لڳائڻ به وڏو گناهه آهي ۽ ڪنهن کي قتل ڪرڻ ته انتهائي سنگين جرم آهي پاڪستان جو قانون به ڪارو ڪاري کي سختي سان منع ڪري ٿو ۽ اهڙو عمل ڪندڙ ماڻهن کي سزا ڏئي ٿو. تعليم هن مسئلي جو اهم حل آهي. حڪومت ۽ سماجي ادارن کي به گهرجي ته هو قانون تي سختي سان عمل ڪرائين ۽ متاثر ماڻهن جي مدد ڪن. ڳوٺن ۽ شهرن ۾ آگاهي مهم هلائڻ ضروري آهي جيئن هر ماڻهو کي خبر پوي ته ڪارو ڪاري هڪ جرم آهي ۽ ان جو ڪو به جواز ناهي.
رخسانه شفيع سومرو
ڪارو ڪاري جا واقعا روڪيا وڃن
سنڌ صوبي کي ڪنهن جي نظر لڳي وئي آهي جو هر روز قتل معمول بڻيل آهي. سنڌ م ٿعليم ۽ شعور گهٽ هجڻ ڪري ڪارو ڪاري جا واقعا ٿيندا آهن مان هر روز روزاني پنهجي اخبار ڪراچي پڙهندو آهيان اڪثر اتر سنڌ ضلع جيڪب آباد، ڪنڌ ڪوٽ، ڪشمور،گهوٽڪي، سکر ۾ هر روز ڪارو ڪاري واقعن جون خبرون لڳل هونديون آهن. سنڌ جا حڪمران ڪٿي گم آهن. پاڪستان جا عورتن کي تحفظ فراهم ڪرڻ وارا ادارا گم آهن. تازو مون خبر پڙهي مڙس پنهنجي زال کي ماني دير سان ڏيڻ ڪري قتل ڪري ڇڏيو. قاضي احمد ۾ زال کي فون تي ڪال اچڻ جي ڪري ڪارو ڪاري ڪري قتل ڪيو ويو. عورتن جو قتل وڏو ظلم آهي. پاڪستان ۽ سنڌ حڪومت کي گڏجي ڪارو ڪاري جي حوالي سان ٿيندڙ واقعن کي نظر ۾ رکي ڪو قدم کڻڻ گهرجي.
سمير احمد بروهي/ واهي پانڌي ڪاڇو
سنڌ ۾ ڪڻڪ اسڪينڊل — قومي خزاني جي ڦرلٽ
سنڌ ۾ خوراڪ کاتي جي گودامن سان لاڳاپيل 31 ارب رپين کان وڌيڪ جي ڪڻڪ اسڪينڊل جو انڪشاف ملڪ جي انتظامي ڍانچي لاءِ هڪ وڏو ڌڪ آهي. هي معاملو رڳو مالي بي ضابطگي يا ڪرپشن جو عام واقعو ناهي، بلڪه اهو قومي خزاني جي منظم ڦرلٽ، ادارتي نااهلي ۽ حڪومتي غفلت جو واضح ثبوت آهي. لکين ٽن ڪڻڪ جو پراسرار طور غائب ٿيڻ، هزارين ٽن جو گودامن ۾ خراب ٿي وڃڻ ۽ وڏي مقدار ۾ ڪڻڪ ۾ مٽي ۽ ريتي ملائڻ جهڙا انڪشاف انتهائي تشويشناڪ آهن. هن اسڪينڊل جو سڀ کان خطرناڪ پهلو اهو آهي ته ڪڻڪ ۾ مٽي ۽ ريتي جي ملاوٽ ڪئي وئي، جيڪا نه صرف مالي نقصان جو سبب بڻي پر انساني صحت لاءِ به هڪ وڏو خطرو آهي. اهو عمل واضح طور تي عوام جي زندگين سان کيڏڻ جي برابر آهي، جنهن کي ڪنهن به صورت ۾ نظرانداز نٿو ڪري سگهجي. هن اسڪينڊل مان سبق حاصل ڪندي حڪومت کي گهرجي ته خوراڪ کاتي سميت سمورن لاڳاپيل ادارن ۾ بنيادي سڌارا آڻي. جديد ٽيڪنالاجي تي ٻڌل اسٽاڪ مانيٽرنگ سسٽم، گودامن جي ڊجيٽل نگراني، باقاعده آزاد آڊٽ ۽ سپلائي چين جي مڪمل شفافيت کي يقيني بڻائڻ بنا ڪنهن دير جي لاڳو ڪيو وڃي. قومي خزاني کي لٽيندڙ آفيسرن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻي ۽ هڪ اهڙو مثال قائم ڪري، جيڪو مستقبل ۾ ڪنهن به بدعنواني ڪندڙ لاءِ ڊيڄاريندڙ ثابت ٿئي.
راج ڪمار اوڏ/سڪرنڊ
گرميءَ ۾ لوڊشيڊنگ: واپڊا انتظاميه ڏانهن کليل خط
هن اڪيلائي واري رات ۾ جڏهن ته هر پاسي خاموشي ڇانيل آهي، مان جاڳي رهي آهيان. سوچيندي سوچيندي اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا ۽ انهن آلين اکين سان، مون هي خط لکڻ جي همت ڪئي آهي. شايد منهنجو روئڻ توهان تائين پهچي. شايد ڪنهن جي دل ۾ رحم جاڳي پوي، واپڊا وارا چاچا، مان هڪ مزدور، پورهيت ماءُ آهيان. اها ماءُ جيڪا پنهنجن ٻارن لاءِ سلائي ڪري روزي ڪمائي ٿي. بجلي بندش ڪري منهنجو ڪم بار بار بند ٿي ويندو آهي. جيڪي ڪپڙا وقت تي پهچائڻا هوندا آهن اهي دير سان ڏيندي آهيان ۽ منهنجي ڪمائي اڌ ٿي ويندي آهي. توهان جي بار بار بجلي بند ڪرڻ لوڊشيڊنگ ڪرڻ تي ذهني اذيت شديد پريشاني واري حالت ۾ درد ڀري دانهن، آهه و پڪار ڪري توهان جو سڀ ڪجھ ساڙي نه ڇڏي، پورهيت مزدور امڙ جي درد کي سمجهو ۽ انهن جي عرض گذارش کي ائين ٻڌي اڻ ٻڌي سمجهي خدارا نظرانداز نه ڪريو.
عبدالوحيد عباسي
الوداع ڪامريڊ رئيس عبداللطيف جمالي
ڳوٺ ڀلو جمالي تعلقه سڪرنڊ سان تعلق رکندڙ ڪامريڊ عبد اللطيف جمالي رڳو هڪ فرد جو نالو نه پر هڪ تحريڪ ۽ هڪ نظريي جو نالو هو. هو پاڪستان پيپلز پارٽي جي انهن جان نثار ۽ سينيئر ڪارڪنن مان هو جن آمريت جي اوندهه ۾ به جمهوريت جي شمع کي روشن رکيو. سندس وفاداري ڪنهن عهدي يا لالچ جي محتاج نه هئي، بلڪه هو شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي فلسفي جو سچو پوئلڳ هو. هڪ مشهور سماجي ورڪر طور هن هميشه مظلومن ۽ بي سهارا ماڻهن جو آواز بڻجڻ کي ترجيح ڏني. سڪرنڊ ۽ ڀرپاسي جي غريبن لاءِ سندس در هميشه کليل رهندا هئا. ڀلي ڪنهن بيوه جي مدد هجي، ڪنهن يتيم جي تعليم جو مسئلو هجي يا علائقي جي بنيادي مسئلن جو حل، ڪامريڊ هميشه صفِ اول ۾ نظر آيو. 18 مارچ 2026 تي وفات ڪري ويو الله سندس مغفرت ڪري.
اسد جمالي/ ڳوٺ ڀلو جمالي سڪرنڊ