پنهنجن جون چٺيون

پيڙهي جو فرق (Generation Gap)

هڪ ڏينهن، هڪ خاص موقعي تي، اسان سڀئي گهر ڀاتي گڏ ويٺا هئاسين. گهر ۾ خوشيءَ جو ماحول هو، کل خوشيون هيون ۽ هرڪو پنهنجي ڳالهين ۾ مصروف هو. منهنجو وڏو ڀاءُ پنهنجن ڀاڻيجن ۽ ڀاڻيجين کان سندن پڙهائي ۽ مستقبل جي مقصدن بابت پڇي رهيو هو. مون کي چيائين ته تون ته ڳوٺ ۾ رهين ٿو، تون انهن تي نظر رک، ڏس ته اهي گهر ۾ پڙهن ٿا يا نه. مون دل جي سچائي سان جواب ڏنو ته جيڪڏهن سچ پڇين ته مون انهن کي پڙهندي گهٽ ئي ڏٺو آهي. گهڻو ڪري انهن کي ٽڪ ٽاڪ وڊيوز ٺاهيندي، ريلز ڏسندي يا فلمون ڏسندي ڏٺو آهي. منهنجي ننڍي ڀاءُ ٿورو تيز لهجي ۾ جواب ڏنو تون پاڻ ڇا ٿو ڪرين؟ مون ته توکي ڪڏهن به ڪنهن سوشل ميڊيا پليٽ فارم تي نه ڏٺو آهي. تنهنجا دوست به ناهن. اڄڪلهه هرڪو ٽڪ ٽاڪ، ريلز ۽ سوشل ميڊيا تي آهي، توکي به پاڻ کي اپڊيٽ ڪرڻ گهرجي، وڌيڪ سماجي ٿيڻ گهرجي. اهي لفظ ٻڌي، مان ڪجهه لمحن لاءِ بلڪل خاموش ٿي ويس. هن جو لهجو ۽ انداز مون کي اندر تائين لوڏي ويو. اسان جي دور ۾، شاگرد امتحانن کان اڳ سنجيدگي سان تياري ڪندا هئا. اڄ نقل عام آهي. هي سڀ ڪجهه پيڙهي جي فرق جي هڪ واضح تصوير آهي. نئين نسل جون ترجيحات، سوچ ۽ طرزِ زندگي پراڻي نسل کان بلڪل مختلف ٿي چڪي آهي.

سينگار علي وساڻ/خيرپورميرس

جھالت جي جنگبندي ڪڏھن ممڪن ٿيندي؟

دنيا ۾ اھي جنگيون جيڪي خطرناڪ نيوڪليئر ھٿيارن سان وڙهيون وينديون آهن، جن ۾ لکين ماڻهو موت جي منھن ۾ ھليا ويندا آھن، پر انهن خطرناڪ جنگين جي خاتمي کان پوءِ اھي ئي جنگ متاثر ماڻھو، ملڪ، علائقا ٻيھر پنھنجي پيرن تي بيھي ويندا آهن پر اھا جنگ جنھن ۾ ھٿيار ڪي ميزائل بارود نه پر جھالت ھجي ته پوءِ انھي اڻ ڏٺي جنگ سان جيڪا تباھي ايندي آهي اھا ڪجھه ماڻھن يا ڪنهن مخصوص علائقي، ملڪ کي رڳو تباھ ناھي ڪندي پر ڪيترن ئي سالن، صدين تائين نسلن جا نسل برباد ڪري انھن ماڻھن کي غلام بڻائي پوري سماج کي علم، عقل، فڪر کان وانجھيل ھڪ اھڙي اونداهي جھان ۾ ڌڪي ٿي ڇڏي جتي صرف غلامي، ناانصافي ۽ بربريت جو راڄ ھوندو آھي. ساڻيهه سنڌ ۾ اھا جھالت جي جنگ ڪڏهن ڪاروڪاري ته ڪڏهن ڀوتارڪي وحشت ته ڪڏهن سرڪاري بي حسي جي روپ ۾ جاري آهي، جنهن جي خاتمي لاءِ ڪو به سنجيدگي جو مظاهرو نه پيو ڪري. نه ڄاڻ سنڌ اندر ھن جھالت واري جنگ جي جنگبندي ڪڏھن ممڪن ٿيندي.

آفتاب سليمان لغاري

پريا کانپوءِ اجالا سولنگي جي گمشدگي

هي لفظ لکندي ڏاڍو افسوس ٿئي ٿو ته  چار سال پهريان ڏهه محرم جي موقعي تي سنڌ ڄائي معصوم نياڻي پريا ڪماري حضرت امام حسين عليه اسلام ۽ سندن جانثارن جي ياد ۾ سبيل پياريندي اغوا ٿي جيڪا بازياب ناهي ٿي سگهي، سنڌ حڪومت مختلف وقت تي ڪميٽيون پڻ جوڙيون، اڳڀرائي بابت پڻ خبرون هليون پئي پر بدقسمتي سان پريا بازياب نه ٿي سگهي. وري پنج ڏينهن اڳ وري هڪ ٻئي پريا پرسرار نموني گم ٿي آهي يعني معصوم اجالا پروين سولنگي جنهن جو پڻ پنج ڏينهن گذرڻ باوجود ڪو ڏس پتو ناهي پيو. خدارا سنڌ جي مٿان رحم ڪيو آخر سنڌ ۾ ڇا ٿي رهيو آهي؟ هر ايندڙ ڏينهن سنڌ واسين لاءِ ڏک ۽ مايوسي کڻي اچي ٿو. اسان IG سنڌ جاويد عالم، وڏي وزير مراد علي شاهه کان مطالبو ٿا ڪيون ته معصوم اجالا پروين سولنگي جي فوري طور بازيابي لاءِ جوڳا قدم کڻي کيس جلد بازياب ڪرايو وڃي.

مبارڪ سولنگي سجاول/ٻيلوشهر

  نياڻين جو قتل بند ڪري، کين تحفظ ڏنو وڃي!

عزت جي نالي تي قتل ھڪ خطرناڪ ” ذهني“ وبا آھي، ناحق قتل مذهب موجب وڏن گُناھن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو! هونئن ته، غيرت جو مطلب عزت جي حفاظت ڪرڻ آھي پر سنڌي سماج ۾ نياڻين کي ان جي برعڪس نگاھ سان ڏٺو وڃي ٿو، جنهن جو مطلب اهو هرگز ناهي، ڪنھن کي قتل ڪيو وڃي. عزت جي نالي تي قتل ھڪ غير مُنصف، غير مذهبي توڙي غير آئيني عمل هئڻ باوجود به سرڪاري طور تي اسان وٽ ان کي سنجيدگيءَ سان نٿو ڏٺو وڃي جيڪو انتهائي وڏو الميو آھي! عورت ويچاري شروع کان ئي اهڙا عذابَ ڀوڳيندي آھي! اعليٰ عدليا سميت وفاق، سنڌ حڪومت ۽ ملڪ ۾ قائم انساني حقن جي ادارن کي هن معاملي تي سنجيدگي سان ڪردار ادا ڪرڻو پَوندو ته اسان جي سنڌ ۾ موجود عورتن جي زندگي ۾ بهتري اچڻ سان گڏ ڪارو ڪاري جهڙين ڪڌين رسمن کي به مات اچي سگھي!

عاصما منير سولنگي/ پير جو ڳوٺ

امتحانن ۾ ڪاپي ڪلچرجوخاتمو ٿيڻ گهرجي

ڪاپي ڪلچرجو هي ناسور نه صر ف تعليمي نظام کي ڪمزور ڪري رهيو آهي، پر انهن شاگردن سان به ناانصافي آهي جيڪي ڏينهن رات محنت ڪري پنهنجي مستقبل کي روشن بڻائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. اڄڪلهه ڪاپي جا نوان طريقا سامهون اچي رهيا آهن، خاص طور تي واٽس ايپ، موبائل فون  تي ڪاپي جي ڌم متل آهي ۽ ٻاهران پيپر حل ڪرائي ڏنا وڃن ٿا. اهڙي عمل سان نه صرف امتحان جي شفافيت متاثر ٿئي ٿي، پر اصل محنت ڪندڙ شاگردن جي حوصلا شڪني به ٿئي ٿي. جڏهن بنا محنت جي ڊگريون حاصل ڪيون وڃن ٿيون، تڏهن سماج کي اهڙا ماڻهو ملن ٿا جيڪي عملي زندگي ۾ ناڪام ثابت ٿين ٿا. تعليم جو اصل مقصد صرف ڊگري حاصل ڪرڻ نه، پر علم، شعور ۽ قابليت پيدا ڪرڻ آهي، جيڪڏهن شاگرد نقل ذريعي پاس ٿيندا رهندا ته پوءِ ملڪ جا مستقبل جا معمار ڪهڙي بنياد تي اڳتي وڌندا؟ اچو ته گڏجي ايمانداري، محنت ۽ سچائي کي هٿي ڏيون ۽ ڪاپي جهڙي برائي کي هميشه لاءِ ختم ڪريون.

وفا ولي محمد ڦل/ ڦل شهر