موجوده دور م شاھ عبدللطيف ڀٽائي صبر سيکاري ھا يا وڙھڻ
جيڪڏھن لطيف اڄ ھجي ھا ته ھو اسان کي صبر سيکاري ھا ۽ سچ جو ساٿ ڏيڻ. سچ ۽ حق لاءِ وڙھڻ سيکاري ھا. شاھ عبدللطيف ڀٽائي پنھنجي شاعري ڻ صبر، برداشت، محبت، وفا ۽ انسانيت جو درس ڏنو آھي. سندس سورميون مارئي، سسئي، مومل ھرڏک ۽ آزمائش ۾ صبر، حوصلي ۽ سچائي جو مثال آھن. لطيف جو پيغام اھو ھو ته ھو انساني حالتن سان وڙھڻ کان وڌيڪ پاڻ سنڀالي ۽ صبر ڪري. لطيف جو پيغام اھو ھو ته ماڻھو پنھنجي اندر کي سنواري ظلم سھي ڪري به پنھنجو اخلاق نه وڃائي پر جيڪڏھن ظلم حد کان وڌيڪ وڌي وڃي ته بي باڪ ٿي سچ ڳالھائي. سچ زبان ۽ دل جي طاقت آھي. لطيف وڙھڻ نه سيکاريو ھن پر امن رواداري ۽ انسانيت جي خدمت جو درس ڏنو.
عاصما منير سولنگي/ پير جوگوٺ
کرڙاهه شھر جي ڌرتي سوڳ ۾ ٻڏل
کرڙاهه شھر جتي معصوم 7 ساله نينگري انيسا ڦل جي بي جان جسم ماڻهن جي دلين کي چيري ڇڏيو. پنج ڏينهن اڳ گم ٿيل، محمد دائود ڦل جي ڏوهٽي، عبدالشڪور ڦل عبدالغفور ڦل جي ڀاڻيجي ۽ حيات ڦل جي معصوم نياڻي جڏهن بي دردي سان ماريل حالت ۾ زرعي زمين مان هٿ آئي ته اهو منظر ڏسي هر اک آلي ٿي وئي ۽ هر دل ڏڪڻ لڳي. هن واقعي ۾ نعمت لاشاري ۽ ٻيا شڪي ماڻهو پوليس جي حراست ۾ آهن ۽ جاچ جاري آهي. ڳوٺ جون گهٽيون سڏڪن سان ڀرجي ويون، ماءُ جون درد ڀريون دانهون، وارثن جون آهون ۽ هر اک ۾ لڙڪ نظر اچي رهيا هئا، جنازي نماز ۾ سوين ماڻهن جي شرڪت هن ظلم خلاف خاموش احتجاج بڻجي وئي، جتي هر زبان تي صرف هڪ ئي آواز هو ته انصاف گهرجي، سخت انصاف گهرجي؛ هي صرف هڪ گهر جو غم ناهي پر سڄي سماج لاءِ هڪ وڏو سوال آهي ته آخر اسان جي معصوم ٻارن جي حفاظت ڪير ڪندو، تنهن ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته هن دردناڪ واقعي جي مڪمل ۽ شفاف جاچ ڪئي وڃي ۽ جيڪي به اصل ڏوهاري آهن انهن کي قانون موجب سخت کان سخت سزا ڏني وڃي.
وفا ولي محمد ڦل/ڦل شھر
ورسي جي مناسبت سان
زندگي جو سفر واقعي ٿورن ڏينھن جو آھي، پر ڪي ماڻھو پنھنجي ڪردار، خدمتن ۽ محبتن سان اھڙو نقش ڇڏي وڃن ٿا، جيڪو وقت جي وهڪري سان به مٽجي نٿو سگهي. اھڙن ئي نيڪ نيت ۽ عوام دوست انسانن مان ھڪ نالو محمد عيسيٰ تبسم جو به آھي، جنهن جي ٻي ورسي ملھائي پئي وڃي. محمد عيسيٰ تبسم رڳو ھڪ سياسي اڳواڻ نه، پر ھڪ سچو سماجي خدمتگار ھو، جنهن پنھنجي سڄي زندگي عوام جي ڀلائي، شھر جي ترقي ۽ ماڻھن جي مسئلن جي حل لاءِ وقف ڪري ڇڏي. ھن ھميشه غريبن، مسڪينن ۽ بيوس ماڻھن جو آواز بڻجي سندن حقن لاءِ جدوجھد ڪئي. سندس شخصيت ۾ سادگي، خلوص ۽ وفاداري نمايان نظر ايندي ھئي، جيڪا کيس ٻين کان منفرد بڻائيندي ھئي. پيپلز پارٽي سان سندس وابستگي صرف سياسي نه، پر نظرياتي ۽ جذباتي ھئي. ھو پارٽي جي اصولن، عوامي حقن ۽ جمهوري قدرن لاءِ ھميشه اڳيان بيٺو رهيو. ھن مشڪل وقتن ۾ به ثابت قدمي سان پارٽي جو ساٿ نڀايو. اڄ به ماتلي جا رستا، چوڪ ۽ محفلون سندس يادن سان ڳنڍيل آھن. سندس کل، سندس ڳالھيون ۽ سندس ماڻهن سان محبت اڄ به ھر دل ۾ زنده آھي. ماتلي شھر جا رهواسي اڄ به کيس وڏي احترام سان ياد ڪن ٿا ۽ سندس خدمتن کي سلام پيش ڪن ٿا.
نصير سولنگي/ ماتلي
ڪيترو به وقت گذاريو
ڪجهه جانور وقت سان گڏ انسان سان دوستي ڪري وٺندا آهن، ڪتو ڪجهه ڏينهن ۾ وفادار ٿي وڃي ٿو، ٻلي ٿوري وقت کان پوءِ پنهنجائپ ڏيکارڻ لڳي ٿي، گهوڙو تربيت سان انسان جو ساٿي بڻجي وڃي ٿو ۽ پکي به محبت سان هٿ تي ويهڻ لڳن ٿا.پر هڪ بلا آهي، جيڪا ڪڏهن به نه بدلجي…اھو آھي: منافق. هي اهو انسان آهي جيڪو سالن تائين اوهان سان گڏ رهي سگهي ٿو، مسڪراهٽون ڏئي، ڳالهين ۾ مٺاس ڏيکاري، پر اندر ۾ موقعن جي تلاش ۾ هوندو آهي. بس هڪ موقعو مليس ……. موقعو ڇڏيندو ڪونه منافق جي فطرت نانگ وانگر هوندي آهي— چپ چاپ، لڪل ۽ زهر سان ڀريل. ان ڪري هر نرم ڳالهائيندڙ تي اعتبار نه ڪريو، وقت سان ماڻهو سڃاڻو… ڇاڪاڻ ته هر گڏ گذارڻ وارو ، ساٿي نه هوندو آهي.
الھڏنو راھمون/ سجاول
زندگيءَ جي ٻن ڪنارن جو سفر
زندگيءَ جو سفر ڪيڏو نه عجيب آهي يار. ننڍپڻ ۾ جڏهن اسان پهريون ڀيرو ڪتابن سان ملون ٿا، تڏهن زندگيءَ جا طور طريقا استادن، سبقن ۽ نصيحتن مان سکون ٿا. اسان کي سيکاريو ويندو آهي ته سچ ڳالهائجي، ايماندار رهجي، سڀني سان ڀلو ڪجي، ٻين جي مدد ڪجي ۽ حق تي بيهجي. ان وقت لڳندو آهي ته شايد زندگي به بلڪل ائين ئي هوندي، جيئن ڪتابن ۾ لکيل هوندي آهي. پر جيئن جيئن عمر وڌندي آهي ۽ ماڻهو سماج ۾ نڪري ٿو، تڏهن کيس محسوس ٿيندو آهي ته حقيقت ڪجهه ٻي آهي. هتي سچ ڳالهائيندڙ ماڻهو ڪڏهن ڪڏهن اڪيلو رهجي ويندو آهي، ايماندار ماڻهوءَ کي نقصان به سهڻو پوندو آهي ۽ ڪيترائي ماڻهو چهري تي مرڪ کڻي به دل ۾ مفاد رکن ٿا. جيڪڏهن ماڻهو صرف ڪتابن ۾ رهي، ته هو حقيقتن کان پري ٿي ويندو؛ ۽ جيڪڏهن صرف سماج جي سختين ۾ گم ٿي وڃي، ته سندس اندر جي سچائي، احساس ۽ خوبصورتي ختم ٿي ويندي.
عزيزالله خاصخيلي/ميرپورخاص