پنهنجن جون چٺيون

بابا مان ڪاري نه آهيان

اتر سنڌ حوا ڄائين جي لاءِ مقتل گاھ بڻجي وئي آهي ھر روز ڪٿي نه ڪٿي واقعا پيش اچن ٿا. ھر سال انگ اکر جاري ڪيا ويندا آهن ۽ ڪاغذن ۾ ھر روز نوان قانون پاس ڪيا وڃن ٿا پر انهن تي عمل نه پيو ٿئي. ٽنڊو مستي ڀرسان ڳوٺ ٻٽو چانڊيو ۾ ڪارو ڪاري جي ڪڌي عمل تحت ناري جي قتل جي جيتري مذمت ڪجي اها گهٽ آهي. وڏي ڳالھه ته بغير غسل جي بغير جنازي نماز جي بغير قبر جي ڪيئن حوا ڄائي کي رات جي انڌيري ۾ دفن ڪيو ويو؟ افسوس جڏھن وڊيوز اسان جي نظر مان گذريون ته لڱ ڪنڊارجي ويا ۽ وڏو افسوس ٿيو. مسلسل احتجاج ۽ ميڊيا جي زينت بڻيل روبينا چانڊيو جي آخري آرامگاهه تي غائبانا جنازي نماز پڙھائي وئي ۽ ان ۾ سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ۽ انسانيت جو درد رکندڙ انسانن شرڪت ڪئي ۽ اتي ئي ڪئيپ لڳائي وئي. روبينا چانڊيو جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي  گرفتار ته ڪيو ويو آهي پر انھن کي منتقي انجام تائين پھچايو وڃي ۽ روبينا چانڊيو سان انصاف ڪيو وڃي.

عبدالجبار چانگ/ ھنڱورجا

رڊن اڳيان رباب وڄائيندي ورهيه ٿيا!

ڦل شهر، جيڪو ،اڄ بيشمار مسئلن جي ور چڙهيل آھي  شهر جا رهواسي بنيادي سهولتن کان محروم ٿي هڪ ڏکي زندگي گذارڻ تي مجبور آهن. افسوس جي ڳالهه اها آهي ته ڪيترائي ڀيرا اعليٰ اختيارين کي درخواستون ڏيڻ باوجود به ڪو به سنجيده قدم کنيو نه ويو آهي. ڦل رورل  اسپتال عملي جي کوٽ سبب اجڙيل آهي. مريضن کي علاج لاءِ پري پري شهرن ڏانهن وڃڻو پوي ٿو. لوئر اليمينٽري اسڪول غلام حسين سومرو، گرلس پرائمري اسڪول ۽ مين اسڪول ڦل جي حالت زبون آهي. هنري سکيا مرڪز به بند آهي. شهر جو ڊرينيج سسٽم   ناڪام ٿي چڪو آهي. صفائيءَ جو نظام به ناقص هجڻ سبب ماحول آلودگي جو شڪار آهي. بجلي ۽ گئس جي لوڊشيڊنگ عوام لاءِ وڏو عذاب آهي. سوال پيدا ٿئي ٿو ته آخر ڦل شهر جا مسئلا ڪير حل ڪندو؟ ڇا هن شهر جا رهواسي هميشه اهڙي ئي لاپرواهيءَ جو شڪار رهندا؟ وقت اچي ويو آهي ته هن شهر کي به ترقي جي راهه تي آندو وڃي ۽ عوام کي سندن حق ڏنا وڃن.

وفا ولي محمد ڦل/ڦل شھر

ننڍڙي اجالا جو ڪو ڏس پتو ناهي!

هر صبح اميد سان اکيون کوليندڙ ماءُ، هر شام نااميدي سان در تي ويهي راهه ڏسندڙ پيءُ… گهر جي هر ڪنڊ اجالا جي ياد ۾ سڏڪي رهي آهي۔جتي اڳ هن جي معصوم کلن سان گهر گونجندو هو، اتي هاڻي رڳو خاموشي ۽ اوسيئڙو آهي… ماءُ جي اکين مان ڳوڙها سڪي نٿا سگهن، پيءُ جي دل هر پل ٽٽندي پئي وڃي ھو بي وس ٿي رڳو هڪ ئي فرياد ڪري رهيو آهي “منهنجي نياڻي مون کي واپس ڏيو… منهنجي اجالا کي موٽائي آڻيو!” شهر جا ماڻهو به هن ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهن، گهٽين، چوڪن ۽ رستن تي احتجاج جاري آهي. ھر چهري تي بيچيني، هر اک ۾ ڳوڙها، هر زبان تي هڪ ئي صدا “اجالا کي واپس آڻيو… اجالا کي واپس آڻيو!” هي هاڻي صرف هڪ گهر جو ڏک ناهي رهيو… هي سڄي شهر جي دل جو زخم بڻجي ويو آهي. ھر گذرندڙ لمحو هڪ سوال بڻجي چڪو آهي: آخر اجالا ڪٿي آهي؟

صابر ڪولاچي/ ميھڙ

سنڌ ۾ ارڙي جا هاڃا تيزي سان وڌي رهيا آهن

سنڌ اندر ارڙي ھڪ خطرناڪ موذي مرض ثابت ٿي ويو آهي. سنڌ جي مختلف شهرن جي ٻھراڙيءَ واري علائقن ۾ ارڙي معصوم ٻارڙن جون زندگيءَ ۾ حياتيون کسي ورتيون آهن پر افسوس جو سرڪاري اسپتالن ۾ ضروري دوائون اڻلڀ هجڻ سبب معصوم ٻارڙن کي ارڙي جھڙي موذي مرض مان نجات نه پئي ملي. صحت کاتي جي دعوائن جي باوجودبه سرڪاري اسپتالن ۾ ويڪسينون اڻلڀ آهن. عام غريب  بنيادي علاج کان  محروم نظر اچي ٿو. وڌندڙ ڪيسن صورتحال کي وڌيڪ ڳڻتي جوڳي بڻائي ڇڏيو آهي. خاص طور تي ٻهراڙي وارن علائقن ۾، جتي صفائي سٿرائي جا مناسب انتظام ناهن ۽ بيٺل پاڻي مڇرن جي واڌ ويجهه جو وڏو سبب بڻجي ٿو، اتي هي بيماري تيزي سان پکڙجي رهي آهي. ارڙي جهڙي بيماري لاءِ بروقت علاج تمام ضروري هوندو آهي، نه ته اها جان ليوا به ثابت ٿي سگهي ٿي. پر جڏهن دوائون دستياب نه هجن ته مريضن جي زندگين کي خطرو وڌي وڃي ٿو. صحت کاتي لاءِ اهو ضروري آهي ته هو دوائن جي فراهمي کي يقيني بڻائي ۽ اسپتالن ۾ سهولتون بهتر ڪري.

مختيار علي بلوچ/ تنگواڻي

چيئرمين اولڊ ٽائون نوابشاهه – معصوم زندگين سان کيڏندڙ لاپرواهي

نوابشاهه جي اولڊ ٽائون جا رهواسي هاڻي خاموش رهڻ نٿا چاهين، ڇو ته معاملو هاڻي صرف سهولتن جو ناهي، پر معصوم زندگين جو آهي. اولڊ ٽائون نوابشاهه ۾ هڪ انتهائي افسوسناڪ واقعو پيش آيو، جتي هڪ ٻار کليل گٽر ۾ ڪري فوت ٿي ويو. هي ڪو پهريون واقعو ناهي، اهڙا ڪيترائي حادثا اڳ به ٿي چڪا آهن، پر افسوس جو انتظاميا اڃا تائين سجاڳ نه ٿي آهي. ڇا اسان جا ٻار اهڙي لاپرواهي جو شڪار ٿيندا رهندا؟ ڇا ٽائون انتظاميا ۽ چيئرمين محمد حيات ڪاڪيپوٽو جي ڪا ذميواري ناهي؟ جڏهن فنڊز ملي چڪا آهن ته پوءِ گٽر ڇو کليل آهن؟ انهن کي بند ڪرڻ لاءِ قدم ڇو نٿا کنيا وڃن؟ اسين ان لاءِ پھريان به چيئرمين اولڊ نوابشاهه ۽ چيئرمين يوسي ست عبدالقيوم آرائين کي لکيو آھي پر اسان کي ڪوبه فائدو ناهي ٿيو ۽ انھن اسان جي خط جو ڪوبه ايڪشن ناهي ورتو .هاڻي وقت اچي ويو آهي ته صرف واعدا نه، پر عملي قدم کنيا وڃن.

امتياز حسين بروهي/ يوسي ست نوابشاهه