پنهنجن جون چٺيون

سڱ جي تڪرار تان ماءُ ۽ ڌيءَ جو قتل- انسانيت لڄي وئي

لاڙڪاڻي ۾ سڱ نه ڏيڻ جي معاملي تان ماءُ ۽ معصوم ڌيءَ کي قتل ڪري لاش واهه ۾ اڇلائڻ جو ڏکوئيندڙ واقعو سامهون آيو آهي، جنهن سڄي سماج کي لوڏي ڇڏيو آهي. هي رڳو ٻن جانين جو قتل ناهي، پر انسانيت، محبت ۽ رشتن جي تقدس جو به قتل آهي. هڪ ماءُ جيڪا پنهنجي اولاد لاءِ سڄي دنيا جي تڪليف برداشت ڪري ٿي ۽ هڪ ڌيءَ جيڪا گهر جي رحمت سمجهي وڃي ٿي، اڄ اهي ٻئي ظلم جي اهڙي داستان جو حصو بڻيون آهن جنهن هر اک آلي ڪري ڇڏي آهي. سڱ جهڙي پراڻي ۽ بيڪار رسم وري هڪ ڀيرو ٻه معصوم زندگيون ڳهي ويئي. حڪومت ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي گهرجي ته هن دردناڪ واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي فوري گرفتار ڪري کين سخت کان سخت سزا ڏني وڃي، جيئن مستقبل ۾ ڪنهن ماءُ ۽ ڌيءَ سان اهڙو ظلم نه ٿي سگهي.

اياز اصغر/ امن آباد

تخليقڪار

تخليقڪار ان شخص کي چئبو آھي. جيڪو پنھنجي سوچ تصور يا مھارت سا ڪا نئين شئي وجود ۾ آڻي. ادبي حوالي سان يا فني حوالي سان اھڙو ماڻھو جيڪو پنھنجي فن ذريعي ڪا نئين شئي پيش ڪري مذھبي حوالي سان تخليقڪار يا (خالق) لفظ الله تعاليٰ جي لاءِ استعمال ٿيندو آھي. تخليقڪار اھو ماڻھو آھي جيڪو دنيا کي صرف ڏسي نه ٿو پر ان کي محسوس ڪري نئين صورت پيدا ڪري ٿو. يعني اھو ماڻھو تخليقڪار آھي. جيڪو فقط نقل نه ڪري پر پنھنجي ذھن مان ڪا نئين شئي سرجي چاھي اھا ڪھاڻي ھجي يا تصوير يا ڪو نئون خيال پيش ڪري. جيئن سنڌي ادب ڻ شيخ اياز نظم، غزل، ناول جھڙيون شاھڪار تخليقون ڏنيون ۽ استاد بخاري سنڌي سرن کي نئين ڌن ۽ جذبي سان جوڙيو. عبدالغفور انصاري رنگن جي ذريعي سنڌ جي تاريخ ۽ ڏکن سورن کي نئين اک ڏني ء عبدلجبار منگي ٻارن جي ادب جو تخليقڪار ۽ عبدلقدير خان سائنس جو تخليقڪار ھو.

عاصما منير سولنگي/ پير جو ڳوٺ

سنڌ جا تعليمي ادارا ۽ نياڻيون غيرمحفوظ!!

تعليمي ادارا ڪنهن به سماج جو آئينو هوندا آهن، جتي علم، شعور ۽ اخلاقي قدرن جي آبياري ٿيندي آهي. پر جڏهن انهن ادارن جي اڳواڻي ڪندڙ ماڻهو پنهنجي ذميوارين کان منهن موڙي ذاتي خواهشن ۽ اختيارن جي غلط استعمال ۾ مبتلا ٿي وڃن ٿا، تڏهن اهي ادارا علم جا مرڪز بدران خوف، بيچيني ۽ بي انصافي جا مرڪز بڻجي وڃن ٿا. محمدي ميڊيڪل ڪاليج ميرپورخاص ۾ شاگردياڻي فهميدا لغاري جو پيش آيل واقعو اڄ به ڪيترن ئي سوالن کي جنم ڏئي ٿو. هن واقعي کي مبينا طور خودڪشي قرار ڏنو ويو، پر وارثن جو موقف ڪجهه ٻيو آهي. فوت ٿي ويل نياڻي جو والد ميڊيا آڏو اهو انڪشاف ڪري ٿو ته سندس ڌيءَ بار بار شڪايت ڪندي رهي هئي ته ڪاليج جا ڪجهه استاد، خاص ڪري عابد ۽ عبد الله، کيس هراسان ڪندا هئا. جيڪو جاچ جو طلبگار آهي. اهم سوال آهي ته اهڙن ماڻهن جي مقرري آخر ڪيئن ٿيندي آهي؟ ڇا چونڊ جو ڪو شفاف نظام موجود ناهي؟ ڇا لاڳاپيل ادارا پنهنجي ذميوارين کي نظرانداز ڪري رهيا آهن؟ صحتمند، باشعور ۽ ترقي يافته سماج لاءِ ضروري آهي ته تعليمي ادارا محفوظ، شفاف ۽ انصاف تي ٻڌل هجن. جتي هر شاگرد، خاص ڪري شاگردياڻي، بنا ڪنهن خوف جي علم حاصل ڪري سگهي.

وحيد لانگاهه

ٽيچنگ لائسنس ڇا آھي ۽ ڇو ضروري آهي.

ڪجهه ڏينهن اڳ سنڌ جي تعليم واري وزير سردار شاهه صاحب پاران استادن جي ڀرتي لاءِ ٽيچنگ لائسنس پاليسي تحت نوان استاد ڀرتي ڪرڻ جو اعلان ڪيو آھي. ھن پاليسي سان سنڌ جي تعليم ۾ جيڪو ڪوليفائيڊ استادن جو فقدان ھو، اھو ختم ٿي سگهي ٿو. سنڌ جا اھي اميدوار جيڪي سرڪاري توڙي خانگي تعليمي ادارن ۾ استاد ٿيڻ جا اميدوار آھن انھن کي ٽيچنگ لائسنس حاصل ڪرڻ لازمي ھوندو.ٽيچنگ لائسنس جي ٽيسٽ ۾ صرف اھي اميدوار ويھي سگھندا جنهن جي بي ايڊ B.Ed جي ڊگري ٿيل ھوندي.ان کان پوء ٽيچنگ لائسنس حاصل ڪرڻ لاءِ اميدوار کي سنڌ سرڪار طرفان ورتل ٽيسٽ پاس ڪرڻي پوندي.ٽيسٽ ٻن حصن تي مشتمل ھوندي ھڪ حصو  MCQs ۽ ٻيو ننڍن سوالن تي مشتمل ھوندو،ٽيسٽ جي ٻنھي حصن مان شاگردن کي 50- 50سيڪڙو مارڪون کڻڻ لازمي ھوندو. ٽيچنگ لائسنس کي ٽن ڪيٽيگريز ۾ ورهايو ويو آهي.پھرين ڪيٽيگري ۾ پرائمري، ٻي ايليمينٽري ۽ ٽين سيڪنڊري آھي. هن نظام سان تعليمي حاصلات ۽ فراهمي ۾ شفافيت ايندي

ياسر سانڊاڻو

40+ اميدوارن کي ڀرتي ڪيو وڃي

وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاھ، وزير تعليم سيد سردار شاھ کي گذارش آھي ته ECT سميت  PST ۽ JEST ويٽنگ لسٽ ۾ موجود 40+ مارڪون رکندڙ اميدوارن کي جلد کان جلد ڀرتي ڪيو وڃي.  40+ مارڪون رکندڙ اميدوار مسلسل آسري ۽ انتظار ۾ آھن. تعليم يافته نوجوان مختلف پريس ڪلب سميت ھرھڪ عوامي سماجي فورم تي احتجاج ۽ التجائن دوران پنھنجو جائز مطالبو رکيون ٿا اچن. انھي سان گڏ ڪورٽ جا آرڊر به پيش ڪري چڪا آھن. تعليم يافته نوجوانن جو قانوني ۽ آئني حق  آھي ته وقت تي ڀرتي ڪيو وڃي. ڀرتي جي طريقيڪار کي وڌيڪ گنڀير ۽ متنازع نه بڻايو وڃي ۔ مفت تعليمي نصاب ۔ اسڪولز جي نئين اڏاوت ۔ تحفظ ۽ بنيادي سھولتن تي ڌيان ڏنو وڃي ته جيئن 60 کان 70 لک ٻار واپس اسڪول اچي سگھن.

نويد خان سومرو/راڌڻ اسٽيشن