پنهنجن جون چٺيون

فقير استاد ساعت علي شنباڻي  استاد نه پر هڪ تحريڪ

13 آگسٽ 1958ع تي ضلع سکر جي ڳوٺ زوار بخشڻ خان شنباڻي ۾ جنم وٺندڙ ساعت علي شنباڻي عام حالتن ۾ پليو، پر سندن خواب عام نه هئا۔ تعليم کي هٿيار بڻائي هن نه رڳو پنهنجي زندگي سنواري، پر پوري علائقي جي تقدير بدلائي. استاد ٿيڻ هر ڪنهن لاءِ ممڪن آهي، پر “استاد هجڻ” هڪ ذميواري آهي، جيڪا استاد ساعت علي شنباڻي عبادت سمجهي نڀائي. جڏهن سماج ۾ نياڻين جي تعليم کي اهميت نه ڏني ويندي هئي، تڏهن هو گهر گهر وڃي والدين کي سمجهائيندا هئا ته تعليم ئي ترقي جو رستو آهي اڄ جيڪڏهن ان علائقي مان ڊاڪٽر، انجنيئر، استاد ۽ آفيسر نڪري رهيا آهن، ته ان جي بنياد ۾ استاد ساعت علي جهڙن استادن جي محنت شامل آهي. 31 جولاءِ 2014ع تي هو هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪري ويو، پر سندن سوچ، سندن شاگرد ۽ سندن ڪردار اڄ به زنده آهي.

محمد ثقلين شنباڻي/ ڇھاسي شھر

روزگار لاءِ نڪرندڙ نياڻين سان ٿيندڙ ھراساني

روزگار جي لاءِ نڪرندڙ نياڻين سان ٿيندڙ ھراساني اڄ جي سماج جو انتھائي سنجيدہ مسئلو آھي. ھي مسئلو نه رڳو عورتن جي عزت نفس کي متاثر ڪري ٿو. پر انھن جي تعليم روزگار ء خودمختياري جي رستي ۾ به وڏيون رڪاوٽون پيدا ڪري ٿو. ھراساني مان مراد آھي ڪنھن به عورت کي لفظن، اشارن، نظرن ياجسماني عمل ذريعي تڪليف ڏيڻ ڊپ ۾ رکي يا بيعزت ڪرڻ. ھي عمل ھرجڳھه تي عورتن سان ٿي سگھي ٿو. سماجي سوچ ۾ گھٽتائي، مردن جي غلط ذھنيت ۽ اخلاقي قدرن جي گھٽتائي، متاثر عورتن جو خاموش رھڻ، عورتن ۾ ڊپ ۽ پريشاني جھڙا مسئلا پيدا ٿين ٿا. ڪيترين نياڻين کي نوڪري يا تعليم ڇڏڻي پوي ٿي. جيڪڏھن اسان محفوظ ۽ باعزت سماج چاھيون ٿا ته نياڻين کي بنا خوف جي ڪم ڪرڻ جا موقعا ڏنا وڃن.

عاصما منير سولنگي/ پير جو ڳوٺ

ڳيريلو: جتي حياءُ لٽيو ويو!

سنڌ جي اترين ضلعن جي فضا اڄ بارود جي بوءِ ۽ مائرن جي اوڇنگارن سان ڀريل آهي. پر ڳيريلي جي ويجهو ڳوٺ غلام محمد بليدي ۾ جيڪو ڪجھه ٿيو، اهو رڳو قبيلائي جهيڙو ناهي پر انسانيت جي جنازي جو مظهر آهي. زمين جو هڪ ٽڪرو سڳن ڀائرن کي هڪٻئي جو دشمن بڻائي ويو، اتي رياست جي نالي تي جيڪا درندگي ڪئي وئي، ان جو ذڪر ڪندي قلم به ڏڪي رهيو آهي. قانون جي رٽ قائم ڪرڻ جي نالي تي چوديواريءَ جو تقدس ائين لتاڙيو ويو جو پيرن جي چپلن کان وٺي معصوم نياڻين جي ڏاجن تائين ڪجهه به نه بچايو ويو.  اڄ غلام محمد بليدي ڳوٺ هڪ اهڙو قبرستان بڻيل آهي، جتي زنده ماڻهو به مرده آهن. گهٽين ۾ ٻارن جي کِلڻ بجاءِ خوف جو راڄ آهي. محبتون هاڻي قصا بڻجي ويون آهن ۽ ڀائپيءَ جي جاءِ تي انا جو زهر رڳن ۾ ڊوڙي رهيو آهي. اسان کي پنهنجي نسل کي بارود جي بدبوءِ مان ڪڍي امن جي خوشبوءِ ڏيڻي پوندي. ڳيريلي جي نياڻين جي لٽيل ڏاج جو حساب ڏيڻو پوندو. ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن اڄ اسان خاموش رهياسين، ته سڀاڻي اها وحشت اسان مان هر ڪنهن جي گهر تائين پهچندي.

اوشاق علي بليدي

اسان کي ساڃهه وند قيادت جي ضرورت آهي

تڏهن چوندا هن شل نه ڪو اڙي چرين سان جو جان ڇڏائڻ ته ڏکي رهندي پر ان کي راضي ڪرڻ به ڏکيو بڻجي ويندو آهي. هڪ ڳالھ جي هن جي ڪنهن مڃي ته پوءِ ويندو پنهنجي فرمائش وڌائيندو ۽ نيٺ اڳين کي ايڏو بيزار ڪندو جو هو به هٿ مٿي ڪري ڏيندو کڙي تي زور. اهڙي ئي حالت عرب امارات پاڪستان سان ڪئي آهي. جنهن پنهنجو ڏنل قرض واپس ڪرڻ جو چئي پاڪستان کي ڏچي ۾ وڌو ۽ پاڪستان به جهاز ڀڄائي دوست ملڪن کان پئسا حاصل ڪيا. هڪ طرف پوري قوم مفلسي ۾ ورتل ويتر رياستي ادارن ۽ سربراهن جون عياشيون جو وتن پيا جهاز ڀڄائيندا پاڻ کان قد بت طاقت ۾ زور ملڪن جي مصالحت ڪرائڻ ۽ عالمي چئپئين ٿيڻ جي چڪر ۾ پنهنجي قوم جو فڪر ئي انهن سربراهن کان ويو آ وسري ته ڪيئن پيا جيئن. لله پاڪ کان دعا آهي اسان جي ملڪ ۽ قوم لاءِ مخلصانه ڪوشش ڪرڻ واري قيادت ڏي جيڪا اسان کي هن جنگ ۽ جدال مان ڪڍي ڪنهن نئين تعمير ۽ ترقي واري راه تي هلائي آمين يا رب العالمين. 

استاد جاويد احمد هڪڙو/ شڪارپور

ضلعي بدين ۾ آرڊر پئسي تي وڪڻڻ خلاف اپيل

ضلعي بدين ۾ سرڪاري آرڊر پئسي عيوض وڪڻڻ جون خبرون انتهائي افسوسناڪ آهن. جيڪڏهن سرڪاري فيصلا ۽ آرڊر ميرٽ بدران رشوت جي بنياد تي ڏيندا رهندا، ته عام ماڻهو انصاف کان محروم ٿي ويندا. اهڙي عمل سان نه رڳو قانون جي بي حرمتي ٿئي ٿي، پر عوام جو سرڪاري ادارن تان اعتماد به ختم ٿي رهيو آهي. اعليٰ اختيارين، خاص طور تي سنڌ حڪومت ۽ لاڳاپيل ادارن کي گهرجي ته ضلعي بدين ۾ ٿيندڙ اهڙي ڪرپشن جو فوري نوٽيس وٺي، شفاف جاچ ڪرائي ۽ ملوث ماڻهن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي، جيئن عوام کي انصاف ملي سگهي ۽ سرڪاري نظام تي اعتماد بحال ٿي سگهي. عوام جي دانهن آهي ته انصاف کي پئسي جي بازار بڻجڻ کان بچايو وڃي.

اياز اصغر/ امن آباد