پنهنجن جون چٺيون

ماءُ جو قتل: اخلاقي زوال جو المناڪ عڪس

سانگھڙ جي ڳوٺ ڪريم ڏنو وساڻ ۾ پيش آيل دل ڏڪائيندڙ واقعو، جتي هڪ ڪٺور دل پٽ پنهنجي پيرسن ماءُ کي بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو ۽ لاش ٽي ڏينهن تائين گهر ۾ لڪائي رکيو، سماج لاءِ هڪ اهڙو آئينو آهي جنهن ۾ اسان کي پنهنجو اصل چهرو نظر اچي رهيو آهي. اهو چهرو، جيڪو محبت بدران نفرت، احترام بدران وحشت ۽ شفقت بدران بي رحمي جي علامت بڻجي ويو آهي. هي سانحو رڳو هڪ فوجداري ڪيس ناهي، بلڪه اهو سماجي، اخلاقي ۽ نفسياتي بحران جو عڪس آهي. اسان جو معاشرو آهستي آهستي اهڙي خطرناڪ رخ اختيار ڪري رهيو آهي. اهو واقعو اسان کان سوال ڪري ٿو ته ڇا اسان پنهنجي اولاد جي صحيح تربيت ڪري رهيا آهيون؟ ڇا اسان کين صرف دنياوي ڪاميابين ڏانهن ڌڪي رهيا آهيون يا ساڻن گڏ انسانيت، احترام ۽ محبت جا قدر به منتقل ڪري رهيا آهيون؟ سماج جي ذميواري آهي ته اهڙن واقعن مان سبق حاصل ڪري. پاڙي، ڳوٺ ۽ شهر جي سطح تي به ماڻهن کي هڪ ٻئي سان رابطي ۾ رهڻ گهرجي. جيڪڏهن ڪنهن گهر ۾ تڪرار، بدسلوڪي يا غير معمولي رويو نظر اچي، ته ان طرف ڌيان ڏنو وڃي، خاموش تماشائي نه بڻججي.

غلام مصطفيٰ جمالي/ کڏهرو موري

اڄ جي نوجوان نسل جو خون سفيد ٿي چڪو آهي

سنجهورو ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڪريم ڏنو وساڻ ۾ پيش آيل تازو واقعي سنڌ جي سماج کي هڪ ڀيرو ٻيهر نه فقط لوڏيو آهي، پر اسان جي سوچ ۽ ضمير کي به جنجهوڙي ڇڏيو آهي. نوجوان عبدالرحمٰن لغاري پاران مبينه طور پنهنجي پيرسن امڙ کي قتل ڪري گهر اندر دفن ڪرڻ جهڙو ڏکوئيندڙ فعل اهو ٻڌائي ٿو ته اڄ جي نوجوان نسل جو خون ڪيترو سفيد ٿي چڪو آهي. اهو صرف هڪ گهر جو الميو نه پر پوري سماج جي ناڪاميءَ جو آئينو آهي. اڄ جو نوجوان موبائل جي اسڪرينن جو غلام ٿي چڪو آهي. ڪتاب ختم، گفتگو ختم، بزرگن جو احترام ختم — ۽ نتيجو اهو ته احساس، شفقت ۽ محبت جهڙا جذبا دلين مان لڏي رهيا آهن. جڏهن گهرن ۾ تربيت گهٽجي وڃي ته نتيجا اهڙا ئي نڪرندا آهن. اهو نسل جو قصور گهٽ ۽ سماج جي ناڪامي وڌيڪ آهي. جيڪڏهن والدين، استاد، حڪومت ۽ سماج گڏجي نوجوانن جو هٿ نه پڪڙيندا ته اهڙا واقعا وڌندا رهندا.

وفا لغاري/ حيدرآباد

ضلعي گهوٽڪي ۾ برادرين وچ ۾ تڪرارن جو خاتمو ٿيڻ کپي!

گهوٽڪي ضلع ۾ شر، سيلرا ۽ ڌونڌو برادرين وچ ۾ هلندڙ تڪرار سبب ڪيترن ئي قيمتي جانين جو نقصان ٿيڻ سان گڏ مالي نقصان به ٿيو آهي جن جو خاتمو ٿيڻ کپي. جنهن مسئلي لاءِ سمورا سياسي، سماجي حلقا ۽ مختلف برادرين جا چڱا مڙس آواز اٿاريندا رهيا آهن ته تڪرارن جو خاتمو ٿئي جيڪو فيصلو ڪرائڻ سان ئي ممڪن ٿيندو. گڏو گڏ ضلعي سکر جي تعلقي پنوعاقل طرف ڪچي علائقي ۾ جنگا مهر ۽ مرڻاڻي جتوئين واري جهيڙي ۽ تڪرار ۾ پڻ ڪيترو ئي جاني مالي نقصان ٿيو آهي جنهن لاءِ ٻنهي برادرين وچ ۾ ۽ خاص ڪري مهر جتوئي تڪرار جو ڳالهين ذريعي نبيرو ڪري فيصلو ڪرائي خاتمو ٿيڻ کپي ته جئين وڌيڪ ڪنهن جاني مالي نقصان کان بچي سگهجي.

محمد اسلم ماڪو/ پنوعاقل

ميرٽ جو قتل، PST ۽ JEST نوجوانن جي ساھ جي جنگ!

سنڌ ۾ تعليم جي نالي تي جيڪا ناانصافي ٿي آهي، اها صرف انتظامي ڪمزوري نه پر هزارين ميرٽ پاس نوجوانن جي زندگيءَ سان راند آهي. 2021 ۾ PST ۽ JEST جون ٽيسٽون IBA پاران مڪمل شفاف نموني سان ورتيون ويون، هزارين نوجوان 40پلس مارڪن سان پاس ٿيا، پر افسوس جو اڄ به 8000 کان وڌيڪ نوجوان حق هجڻ باوجود نوڪريءَ کان محروم آهن. سنڌ جي عوام اهڙي بي حسي شايد گهٽ ڏٺي هوندي، جتي حق گهرڻ تي نوجوانن ۽ نياڻين کي کي شيلنگ، تشدد، گرفتارين ۽ لٺبازي جو نشانو بڻايو ويو ھجي. ان ناانصافي سبب ڪيترائي اميدوار ڊپريشن جو شڪار ٿيا، ڪيترائي نفسياتي تڪليفن ۾ مبتلا ٿيا، ڪجهه نوجوان ته خودڪشي ڪرڻ تائين پهتا. نوجوانن جا خاندان معاشي تنگدستي ۾ اچي ويا، مستقبل اونداھي ۾ بدلجي ويو ٻئي پاسي هزارين اسڪول استادن جي کوٽ سبب اڃا تائين بند پيل آهن. ميرٽ تي پاس ٿيڻ ڏوهه ناهي ۽ حق لاءِ جدوجهد ڪندڙ نوجوان رياست جا دشمن نه پر سنڌ جو اصل سرمايو آهن.

آفتاب عالم مھر