سچي صحافت جي ڳولا يا صرف مفادن جو تحفظ؟
3 مئي تي سڄي دنيا وانگر سنڌ ۾ به صحافت جو عالمي ڏينهن ملهايو ويو ان موقعي تي سوشل ميڊيا تي صحافين جي خدمتن کي ساراهيو ويو پر ساڳئي وقت صحافتي آزادي ۽ سچ جي اظهار بابت ڪيترائي سوال پڻ اڀريا. اهم سوال اهو آهي ته ڇا اسان هڪ سماج طور واقعي سچ ٻڌڻ ۽ قبول ڪرڻ جو حوصلو رکون ٿا يا رڳو اهو سچ پسند ڪريون ٿا جيڪو اسان جي ذاتي مفادن سان ٽڪراءُ ۾ نه اچي؟ تازو ئي ڄام صاحب جي تعليمي ادارن ۾ امتحانن دوران کلي عام نقل ڪاپي ھلڻ جي خلاف جڏهن ڪجهه ذميوار صحافين آواز اٿاريو ته هڪ غيرمعمولي ردعمل سامهون آيو. ڪجهه حلقن پاران اهو سوال اٿاريو ويو ته استادن خلاف ڇو لکيو پيو وڃي؟ هتي اهو سمجهڻ ضروري آهي ته ڪنهن به شعبي جي خامين کي اجاگر ڪرڻ ان شعبي جي توهين نه پر ان جي بهتري جي ڪوشش هوندي آهي. صحافت کي ذاتي دشمني يا مفادن جي عينڪ سان ڏسڻ مناسب ناهي سچو صحافي اهو آهي جيڪو بغير ڪنهن دٻاءَ يا لالچ جي حقيقت بيان ڪري جڏهن ته هڪ باشعور سماج جي سڃاڻپ اها آهي ته اهو تنقيد کي برداشت ڪري ۽ سڌاري لاءِ سنجيدگي سان قدم کڻي. اسان سڀني کي پاڻ کان اهو سوال پڇڻو پوندو ته ڇا اسان واقعي سچي صحافت جا حامي آهيون يا صرف پنهنجي سهولت وارو سچ ڳولي رهيا آهيون؟
مير مرتضيٰ شر/ ڄام صاحب
مهراڻ هاءِ وي تان وڏيون گاڏيون گذرڻ تي پابندي لڳائي وڃي
مهراڻ نيشنل هاءِ وي، جيڪا سنڌ جي معيشت جي شاهراھ سڏبي هئي، اڄ “سوني جھرڪي” جي نالي سان موت جي شاهراھ بڻجي چڪي آهي. ڪنب ۽ راڻيپور واري پٽي تي قائم غير قانوني پوليس بيريئر اوورلوڊ ٽرالرن کان روزانو لکين رپيا ڀتو وٺي انساني جانين جو سودو ڪري رهيا آهن. عوامي ۽ صحافتي حلقن پاران سخت مطالبو ڪيو ويو آهي ته1. مهراڻ هاءِ وي تان سموريون وڏيون مال بردار گاڏيون فوري طور تي گذارڻ بند ڪيون وڃن. 2. هاءِ وي جي سمورن داخلي ۽ خارجي پوائنٽن تي سنڌ پوليس بدران رينجرز مقرر ڪئي وڃي.
و حيد ڄامڙو
صحافت جو عالمي ڏينھن ۽ صحافين سان وڌندڙ ناانصافيون،
ھونئن ته سکر جي سينيئر صحافي جان محمد مھر جا قاتل ھيل تائين گرفتار نه ٿي سگھيا آھن، گذريل سال مرڪزي قاتل شيرو مھر مبينا طور دل جو دورو پوڻ ڪري فوت ٿيو ته پوليس کيس مقابلي ۾ مارڻ جي دعوي ڪئي ان وقت اھيو انڪشاف سامھون آيو ته شيرو مھر چڪ شھر کان چند قدم اڳتي ڳوٺ پريل مھر ڀرسان ٽڪيل ھو ته اٽيڪ پيس.ڳالھ صرف شھيد صحافي جان محمد جي خون سان انصاف نه ٿيڻ جي آھي، ان سان گڏ ڪرمپور جي صحافي علي شير جعفري جي فيملي سان ٿيندڙ ظلم جو به داستان آھي. سڄو خاندان ڏوھاري مارجڻ کانپوءِ گھرن تائين نه رڳو محدود آھي پر سخت خطري ھيٺ آھي. شھيد صحافي جان محمد مھر جا قاتل گرفتار ڪرائي حڪومت سندس خون کي انصاف ڇونه پئي فراھم ڪري ڪرمپور جي صحافي علي شير جعفري جو تحفظ ڇونه پيو ڪيو وڃي؟ صحافتي تنظيمن جي چڱن مڙسن کي گذارش ته ھن صحافتي ڏينھن جي صدقي ڪرمپور جي صحافي علي شير جعفري جي خاندان کي تحفظ فراھم ڪرڻ کان وٺي شھيد صحافي جان محمد مھر جي قاتلن کي گرفتار ڪرائڻ تائين ڪردار ادا ڪيو وڃي.
طيب جتوئي/ رستم
سنڌ ۾ وڌندڙ قبيلائي جهيڙا آخر ڪيترا گهر برباد ڪندا؟
سنڌ ڌرتي جيڪا امن، محبت ۽ ڀائيچاري جي سڃاڻپ رهي آهي، اڄ اُتي وڌندڙ قبيلائي جهيڙا ڪيترن ئي بيگناهه گهرن کي برباد ڪري رهيا آهن. معمولي تڪرار جڏهن قبيلائي دشمني جي شڪل اختيار ڪن ٿا، تڏهن نه صرف قيمتي جانيون ضايع ٿين ٿيون، پر ڪيترائي ٻار يتيم، عورتون بيواهه ۽ خاندان اجڙي وڃن ٿا. افسوس جي ڳالهه اها آهي ته اهي جهيڙا رڳو ٻن ڌرين تائين محدود ناهن رهندا، پر سندن باهه پوري علائقي جي امن کي ساڙي ڇڏيندي آهي. ڪيترائي نوجوان جيڪي پنهنجي مستقبل جا خواب ڏسي رهيا هوندا آهن، اهي دشمني جي نالي تي موت جي منهن ۾ هليا وڃن ٿا. سنڌ حڪومت ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي گهرجي ته وڌندڙ قبيلائي جهيڙن جو سخت نوٽيس وٺن، هٿيارن جي نمائش تي پابندي لڳائن ۽ جرڳن جي نالي تي ٿيندڙ غير قانوني فيصلن کي روڪين، جيئن وڌيڪ گهر تباهه ٿيڻ کان بچي سگهن.
اياز اصغر/ امن آباد
ٿر ۾ باهه جي قيامت ۽ انتظاميا جي بي حسي
ٿر، جيڪو اڳي ئي ڏڪار، پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ ۽ بنيادي سهولتن جي فقدان سان جهيڙي رهيو آهي، اتي هاڻي باهه جا وڌندڙ حادثا مسڪين ٿرين لاءِ هڪ نئين قيامت بڻجي اڀريا آهن. ڳوٺ گوڙھيار ۽ مهتار ۾ لڳندڙ ڀيانڪ باهه سئو کان وڌيڪ گهرن کي ساڙي رک ڪري ڇڏيو آهي. هن افسوسناڪ حادثي ۾ رڳو ڪاٺيون ۽ مٽي جا گهر ناهن سڙيا، پر انهن مسڪينن جي سالن جي محنت جو ثمر سڙي رک ٿي ويو آهي. گهرن ۾ پيل اناج، مال متاع، ٻارن جا ڪپڙا ۽ نياڻين جا ڏاج، جيڪي ٿر جا پورهيت پنهنجي رت ست سان گڏ ڪندا آهن، اهي سڀ هن باهه جي لپيٽ ۾ اچي ويا آهن. سوين خاندان هن وقت کليل آسمان هيٺ بي يار و مددگار ويٺل آهن. اسين سنڌ حڪومت، اعليٰ اختيارين ۽ ضلعي انتظاميا کان مطالبو ڪريون ٿا ته متاثر ٿيل ڳوٺن گوڙھيار ۽ مهتار جي رهواسين کي فوري طور تي خيما، راشن ۽ مالي مدد فراهم ڪئي وڃي. ٿرپارڪر جي هر تعلقي سطح تي جديد فائر بريگيڊ گاڏيون ۽ تربيت يافته عملو مقرر ڪيو وڃي ته جيئن مستقبل ۾ اهڙن حادثن تي فوري ضابطو آڻي سگھجي
باغي راشد ڪوٽڙيو/ ڳوٺ علھو ڪوٽڙيو