پنهنجن جون چٺيون

زراعت کاتو سنڌ ھڪ نظر زراعت جي تعليم پرائيندڙن ڏانھن بـ ڪري

ڊائريڪٽر جنرل زرعي توسيع سنڌ حيدرآباد طرفان 19 ۽ 20 اپريل 2025ع تي ھڪ اشتھار مختلف اخبارن ۾ شايع ڪيو ھو جنھن ۾ فيلڊ اسسٽنٽ (بي پي ايس 11) جي 405 عھدن کي ڀرڻ لاءِ سنڌ صوبي جو ڊوميسائيل رکندڙ اھل اميدوارن کان درخواستون ورتيون ويون ھيون. پاڪستان ٽيسٽنگ سروس جي معرفت 1300 جي فيس ھر اميدوار کان وصول ڪئي وئي ھئي. درخواستون جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ 31 مئي 2025ع ھئي، ٽن مهينن ۽ ٽن هفتن جي وقفي  کان بعد آچر 21 سيپٽمبر 2025 تي سنڌ جي مختلف شھرن ۾ پي ٽي ايس طرفان شاگردن کان ٽيسٽ ورتي وئي. نتيجا ويبسائٽ تي شايع ڪيا ويا جن کي زراعت کاتي سنڌ جي ڊائريڪٽر جنرل زرعي توسيع رد ڪرڻ جي سفارش ڪئي هئي. ڪارڻ ھي ھئا ته ايم او يو جي ڀڃڪڙي ٿي، نا اھل اميدوارن کي بـ ٽيسٽ ۾ ويھڻ ڏنو ويو، موبائيل فون جو استعمال ٿيو، پيپر جون تصويرون ليڪ ٿيون، جوابي ڪاپي سان گڏ ڪاربن ڪاپي نه ھئي، پيپر نصاب کان ھٽي ڏنو ويو، اھليت جا معيار نظرانداز ٿيا. صوبائي وزير زراعت محمد بخش مھر، سيڪريٽري زراعت، ڊائريڪٽر جنرل زرعي توسيع سنڌ کي گذارش تـ بنا دير لکت وارو امتحان اھڙي ايجنسي کان ڪرايو وڃي جيڪا سٺي ساک رکندڙ ھجي، ميرٽ تي عمل، شفافيت واري عمل کي يقيني بڻايو وڃي.

عرض محمد پيرزادو/ ڪراچي

قانون نافذ ڪندڙ ادارن کي اپيل

قانون نافذ ڪندڙ ادارا ۽ انصاف جون ذميوار ڌريون هن ڳالهه تي سنجيدگي سان ڌيان ڏين ته جيڪي ماڻهو بيگناهه انسانن کي قتل ڪن ٿا، ۽ معصوم ٻارن سان بدفعلي ڪري پوءِ انهن جي زندگين جو ڏيئو وسائين ٿا، اهڙن درندن لاءِ صرف جيل ڪا سزا ناهي. جيل ۾ وڃي جج اڳيان پيش ٿيڻ ۽ پوءِ وري جيل ۾ سرڪاري دال ماني کائڻ، اهو نه صرف انصاف سان مذاق آهي پر سرڪار تي وڌيڪ بار به آهي. منهنجي نظر ۾ اهڙن بي رحم ڏوهارين کي سرعام گولي جي سزا ملڻ گهرجي، ته جيئن سندن انجام ڏسي سماج ۾ ويٺل ٻيا درندا به عبرت حاصل ڪن. جڏهن قاتل ۽ ظالم کليل ميدان ۾ پنهنجي انجام تائين پهچندا، تڏهن ئي معصومن جي رت سان کيڏندڙن جي دلين ۾ خوف پيدا ٿيندو.

اياز اصغر/ امن آباد

ڪارو ڪاري: انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙي

سنڌ ڌرتي جيڪا پنھنجي مھمان نوازي، ثقافت، امن ۽ صوفين جي ڌرتي طور ڄاتي وڃي ٿي، اھڙي پرامن ڌرتيءَ تي ھن وقت جيڪو عورتن سان ظلم ٿي رھيو آھي اھو ڏاڍو ڏکائيندڙ ۽ لڱ ڪانڊاريندڙ آھي. ڪاري سوچ طرفان رائج ڪيل “ڪاروڪاري” واري روايت سماج جي اڏيندڙ عورت کان جيئڻ جو حق کسي ڇڏيو آھي. ھڪ رپورٽ موجب 2025ع ۾ سنڌ صوبي ۾ 100 کان وڌيڪ بيگناهه عورتن کي نام نهاد غيرت جي نالي تي قتل ڪيو ويو. اھڙا واقعا نه صرف انسانيت کي لڄائين ٿا، پر حڪومتي رٽ کي پڻ چئلينج ڪري رھيا آھن. سخت قانونسازي ۽ دعوائن باوجود اھڙا انسانيت سوز واقعا گهٽجڻ بدران ڏينھون ڏينھن وڌي رھيا آھن. ڪجهه ڏينهن پھرين ڏهرڪي ۾ 13 ورهين جي ناري شهناز ڪوش کي سندس ڏير گهٽا ڏئي قتل ڪيو، روهڙي ۾ گلان ڀارو کي سندس مڙس سڪيلڌو پنهنجي مامي سان گڏ پستول جا فائر ڪري قتل ڪيو. ان سموري صورتحال کان اڻ واقف ۽ بي خبر بڻيل حڪومت کان اسين اپيل ڪريون ٿا ته اهڙن قاتلن کي سخت کان سخت سزا ڏني وڃي ته جيئن ڪو به شخص اهڙي حرڪت ڪرڻ جو سوچي به نه سگهي.

اسدالله جعفري/ شڪارپور

قبوسعيدخان فوڊ عملدارن جي داداگيري ۽ بيوس بڻيل هاري

قبوسعيدخان مان سامهون آيل صورتحال رڳو هڪ انتظامي نااهلي ناهي پر اها هڪ اهڙو منظر پيش ڪري ٿي جتي اختيار رکندڙن جي داداگيري ۽ هاري جي بيوسي صاف نظر اچي ٿي. ڪڻڪ خريداري جا سينٽر مقرر وقت باوجود نه کوليا ويا جنهن سبب هاري آبادگار سخت پريشان ٿي ويا فصل تيار محنت مڪمل پر مارڪيٽ تائين رسائي بند اهڙي حالت ۾ هاري وٽ بچيل رستو رڳو اهو رهيو ته هو پنهنجي ڪڻڪ سستي اگهه تي مڪاني واپارين کي وڪڻي ڏي. وڌيڪ ڳڻتي جوڳي ڳالهه اها به ٻڌڻ ۾ آئي آهي ته ڪجهه فوڊ عملدارن مبينا طور مڪاني واپارين کي سرڪاري رقم فراهم ڪري گهٽ اگهه تي ڪڻڪ خريد ڪرڻ جون هدايتون ڏنيون جيڪڏهن اها ڳالهه سچ آهي ته پوءِ اهو صرف بدانتظامي نه پر کليل ڪرپشن جو هڪ سنگين مثال آهي جيڪو سڄي نظام تي سوال اٿاري ٿو. هاڻي نظرون حڪومت ڏانهن آهن ڇا هن معاملي جو نوٽيس ورتو ويندو ڇا ذميوارن خلاف ڪارروائي ٿيندي يا وري هي ڪرپشن به ٻين ڪيترين ئي ڪرپشن وانگر وقت جي ڌوڙ ۾ لڪي ويندي؟

احسان مگسي/ قبوسعيدخان