سگا جو ڪنويشن ۽ حڪومت کان حقيقي مطالبا
سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن جو پنجينتاليهون ساليانو ڪنوينشن ممتاز مرزا آڊيٽوريم حيدرآباد ۾ انتھائي شان، وقار، ترتيب، نظم، فڪري سنجيدگي، قومي حساسيت، علمي عظمت ۽ سماجي سجاڳي سان منعقد ٿيو. هن ڪنوينشن ۾ عوام جو اهڙو غيرمعمولي ميڙ گڏ ٿيو جو ثابت ٿيو ته سنڌ جو باشعور طبقو اڃا به سچ، حق، تعليم، شعور، تاريخي سڃاڻپ ۽ علمي بقا لاءِ ايترو ئي جذباتي، ايترو ئي سرگرم ۽ ايترو ئي باوقار آهي جيترو 45 سال اڳ هو. ڪنوينشن ۾ 64 شاخن جي 235 نمائندن شرڪت ڪري تاريخي اجتماع کي قومي سڃاڻپ جي هڪ وڏي اسڪرين ۾ بدلائي ڇڏيو. اجلاس ۾ سخت ۽ ڏکيا فيصلا ڪيا ويا جن ۾ ڪارونجهر جبل جي ڪٽائي روڪڻ، سنڌو درياءَ مٿان نوان آروگيٽ ڪئنال سختي سان رد ڪرڻ، 27 آئيني ترميم خلاف شديد احتجاج، سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيڻ، تاريخي ماڳن تان قبضا ختم ڪرائڻ، قدرتي وسيلن جو تحفظ، ايس ايس پي سي ۾ ميرٽ جي لتاڙ خلاف آواز، اقربا پروري، ڪرپشن، سياسي مداخلت ۽ رشوت جي خاتمي لاءِ مضبوط موقف شامل هئا.
وفا ولي محمد ڦل/ ڦل شهر
شڪارپور شهر کي بچايو
سردار مقبول خان شيخ ۽ سندس ڀاء امتياز علي شيخ گذريل 26 سالن ۾ اقتداري ڌرين سان رهيا آهن. هنن شڪارپور جي نالي تي اربين روپين جا پراجيڪٽ ورتا ۽ شهر کي پراڻي شڪارپور جيان گلن ۽ معطر هوائن جو گهر بڻائڻ جو عزم ۽ ارادو ڪيو پر بدنصيبي شهر واسين جي جو گذريل سترنهن سالن ۾ شڪارپور انسانن جو جهنگ بڻجي ويو جتان پڙهيل لکيل طبقو هجرت ڪري ويو آهي. شهر ۾ ٻه وڏا باغ هيا جن ۾ گڻيش باغ جو اڌ حصو ميونسپل شڪارپور قبضو ڪرائي دوڪان ٺهرائي ڪرائي تي ڏنا. چوڻ جو مطلب ته جيڪو شهر شڪارپور پهريان باغن جي مهڪ سان مهڪندو هو سو اڄ انساني گند سان سٿيل آ جو هر گهٽي هر رستو ڪني پاڻي سان گندو لڳو پيو آهي. رياست پاڪستان کي نوٽيس وٺڻ گهرجي ۽ ضلعي شڪارپور جي سرڪاري زمين کپائڻ وارن جو احتساب ڪري ۽ شڪارپور جي عوام کي سيڪيورٽي جو يقين ڏياري ته خوف ۽ دهشت کان شهري نڪري اچن. شڪارپور جي عوام کي جيئڻ جو حق ڏنو وڃي.
استاد جاويد احمد هڪڙو/ شڪارپور
منشيات کان پاڪ سنڌ
سينئر صحافي ليکڪ ڪالم نگار محترم علي قاضي پاران 7 ڊسمبر تي ايڪتا ڏھاڙو منشيات کان پاڪ سنڌ جي عنوان کي اسين ڪاڇي وارا لبيڪ ڪيون ٿا گڏوگڏ ڪجھه حقيقت کان آگاھي پڻ ڏين چاھيون ٿا. ڪاڇو اھو علائقو آھي جتي منشيات عام وکر جيان دڪانن تي وڪرو ٿيندي آھي نه ڪو قانون نه وري ڪو ايڪشن ڇا ڪاڻ ته ڪاڇي جا بااثر ماڻهو ان گندي ڪاروبار ۾ ملوث آھن. ٽنڊو رحيم خان ۽ واھي پانڌي واري پاسي کان ھر ھفتي بلوچستان مان وڏي تعداد م منشيات ڪراس ڪري سنڌ جي مختلف ضلعن ڏانهن منتقل ڪئي ويندي آھي. منشيات سبب ڪاڇي جو ننڍو نسل تباھ ٿي رهيو آھي ڪيترائي ڀيرا منشيات خلاف حق سچ لکڻ تي صحافين کي بااثر وڏيرن طرفان مارڻ جون ڌمڪيون ڏنيون ويون. منشيات کان پاڪ سنڌ تڏھن ٿي سگھي ٿي جڏھن اھڙن ڪرپٽ آفيسرن ۽ منشيات فروشن خلاف ڪاروائي ٿيندي.
برڪت علي لغاري/ ڪاڇو
حقن جي جدوجھد اشرف خاصخيلي کي ڇا تاريخ معاف ڪندي؟
سنڌ جي پھريان ئي تعليم پوئتي پيل ھئي ۽ سنڌ جا لڳ ڀڳ 70 لک ٻار اسڪولن کان ٻاھر آھن. سنڌ جي سرڪاري ملازمن کي جائز حق نه ملڻ جي خلاف تالا بندي ھڙتال ڪئي وئي ان جو نگران ۽ سربراھ اشرف خاصخيلي ھو. پر سنڌ جي سرڪاري ملازمن کي ٺلھا اسرا ۽ ميٽنگ جي ليٽر کانسواءِ ڪجھ به نه مليو. جڏهن ته تعليمي نقصان جو ڪاٿو نه ٿو لڳائي سگھجي. پر احتجاج جي قيادت ڪندڙن پنھنجا مفاد عزيز ڪيا جيڪڏھن سندس دل و دماغ ۾ پنھنجو مفاد ھو ته پوء مسڪين غريب ھارين جي تعليم جو نقصان ڇو ڪيو؟ ان سان گڏ سنڌ جي سرڪاري ملازمن جي جدوجھد کي آخر ڇو ڌڪ رسايو؟ يقينن ھن کي تاريخ ته معاف نه ڪندي ڇو ته ھن مير جعفر وارو ڪردار ادا ڪيو آھي. ھاڻي سنڌ ۾ ملازمن جون تحريڪون گھٽ ۾ گھٽ مير جعفر وارو ته ڪردار ادا نه ڪن.
شفيق وساڻ/ڳوٺ جھنگو وساڻ