سنڌ ۾ عوام لاء ناسور بڻيل منشيات ۽ قانون جون ڪمزوريون!
سنڌ ۾ منشيات جو استعمال ايتري حد تائين وڌي ويو آهي جو هاڻي منشيات تي مڪمل ضابطو يا ڪنٽرول ڪرڻ مشڪل نظر اچي رهيو آهي. ڇاڪاڻ ته ڪنهن صوبي ضلعي يا يوسي سطح تائين نه پر هيئنر پورو ملڪ ان مرض م مبتلا ٿي چُڪو آهي. سنڌ ۾ خاص ڪري نوجوان طبقي لاءِ نشي ۽ ٻين سماجي برائين جهڙا بدڪردار عمل ايترو ته وڌي ويا آهن جو ان کي روڪڻ هاڻ ناممڪن لڳي رهيو آهي. جنهن کي روڪڻ لاء پوليس کي دهشتگردي جهڙا قلم نافذ ڪرڻ جا اختيار پڻ ڏنا ويا آهن. نشو هاڻي وڏن کان ننڍي ۽ نابالغن تائين ڦھلجي ويو آهي جن کي روڪڻ لاء اسان جي قانون جون تمام تر ڪوششون به ڪارگر نظر نٿيون اچن. منشيات جو استعمال نه صرف امير پر غريب مڊل ڪلاس وارا ۽ زندگي کان مايوس ٿي ويل ماڻهوبه ڪري رهيا آهن. هاڻي نشي کي بجاء عيب جي رعب ۽ دٻدٻي جي علامت سمجهي استعمال ڪيو وڃي ٿو. معاشري ۾ ڏوهن جي واڌ جا اصل ڪارڻ قانون جون ڪمزوريون آھن جن کي سُڌارڻ ۽ سئو فيصد معاشري جي گندگي صاف ڪرڻ لاء فعال ڪرڻ جي ضرورت آهي.
انجنيئر وسيم چنا/سيوهڻ شريف
نوجوان ۽ تعليم جي اهميت
ڪنهن به قوم جي ترقي ۽ خوشحالي جو دارومدار ان جي نوجوان نسل تي هوندو آهي. نوجوان جيڪڏهن تعليم يافته، باصلاحيت ۽ شعور رکندڙ هجن ته ملڪ ترقيءَ جون منزلون طئي ڪري سگهي ٿو. تعليم انسان جي شخصيت کي سنواري ٿي ۽ کيس زندگيءَ ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ جا رستا ڏيکاري ٿي. هن جديد دور ۾ تعليم جي اهميت اڳ کان به وڌيڪ آهي. دنيا تيزيءَ سان ترقي ڪري رهي آهي ۽ هر شعبي ۾ مقابلو وڌي رهيو آهي. اهڙي صورتحال ۾ نوجوانن لاءِ ضروري آهي ته هو معياري تعليم حاصل ڪن ۽ جديد سائنس، ٽيڪنالاجي ۽ تحقيق جي ميدانن ۾ اڳتي وڌن. بدقسمتي سان اسان جي سماج ۾ ڪيترائي نوجوان غربت، بيروزگاري ۽ تعليمي سهولتن جي کوٽ سبب پنهنجي صلاحيتن کي اجاگر نٿا ڪري سگهن. حڪومت، والدين ۽ سماجي ادارن کي گهرجي ته نوجوانن لاءِ بهتر تعليمي ماحول فراهم ڪن ته جيئن هو ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪري سگهن.
سونو ڪلهوڙو
Covid-19 جي ملازمن کي آخر ڪهڙي ڏوهه جي سزا ملي؟
Covid-19 دوران ملازم پنهنجي جانين کي خطري ۾ وجهي، خطرناڪ وبا دوران مريضن جي خدمت ڪندا رهيا. جڏهن سڄي دنيا خوف ۽ بيچيني جي حالت ۾ هئي، تڏهن ڪيترائي ماڻهو پنهنجن کان به پري ٿي ويا هئا، اتي Covid-19 جا ملازم پنهنجي جان کي خطري ۾ وجهي قوم جي خدمت ۾ مصروف رهيا ۽ پنهنجا فرض نڀائيندا رهيا. افسوس جو حڪومت انهن جي خدمتن جو قدر ڪرڻ بدران 30 جون 2025 تي سندن نوڪريون ختم ڪري ڇڏيون. ان کان پوءِ متاثر ملازمن هاءِ ڪورٽ حيدرآباد سان رجوع ڪيو، جتي کين رليف مليو ۽ سندن حق ۾ فيصلو آيو. پر ملازمن کي مستقل ڪرڻ بدران حڪومت ان فيصلي کي سپريم ڪورٽ پاڪستان ۾ چئلينج ڪيو. حيرت جي ڳالهه اها آهي ته جتي گريڊ 17 جا ڊاڪٽر ۽ گريڊ 16 جا اسٽاف نرسز ريگيولر ڪيا ويا اتي گريڊ 5 ۽ 6 جي ننڍن ملازمن کي فارغ ڪيو ويو. آخر انهن محنتي ۽ گهٽ پگهار وارن ملازمن جو قصور ڇا آهي، جن وبا جي سخت ترين ڏينهن ۾ به پنهنجا فرض ايمانداري سان نڀايا؟ هن سموري صورتحال مان اهو تاثر ملي ٿو ته سنڌ حڪومت نوجوانن کي روزگار فراهم ڪرڻ بدران ڪيترن ئي محنتي ملازمن کي بيروزگاري ڏانهن ڌڪي رهي آهي. Covid-19 دوران قوم جي خدمت ڪندڙ اهي ملازم اڄ به پنهنجي حقن ۽ روزگار جي تحفظ لاءِ دربدر آهن. انهن جو مطالبو صرف اهو آهي ته سندن خدمتن کي تسليم ڪندي کين روزگار جو تحفظ فراهم ڪيو وڃي.
شڪيل احمد جاگيراڻي / لاڙڪاڻو
سنڌ جا ماڻهو آواز ڇو نه ٿا اٿارين
مون کي سنڌ جي عوام جي ڳالهه سمجه نٿي اچي اسان سڀ خاموش ڇو آهيون؟ حڪومت اسان سان ائين پئي ڪري جيئن چرٻٽ راجا جي انڌير نگري ۾ عوام سان ٿيندو هو. جتي عوام جا گهڻا مسئلن جهڙوڪ مهانگائي، بيروزگاري، بدامني، خودڪشيون گهڻيون ٿينديون پيون وڃن اتي اسان جا نوجوانن جيڪي سرڪاري نوڪري هجي يا پرائيويٽ ۾ ڪرپشن بابت ڇو نٿا اٿن نه ئي ڳالهائين ٿا. ڏک ٻيو به ته اسان جا ساڃاه وند هجن يا صحافي ڪڏهن به سڀني حقن بابت نٿا ڳالهائين خاص ڪري عمر جي رعايت بابت جيڪا 45 سالن تائين هجي ڪوئي نٿو ڳالهائي، اسان جون امڙيون اسان کي روزگار سان ڏسڻ جي اميد ۾ فوت ٿينديون پيون وڃن، اسان کي بينڪن ذريعي لون به نٿو ملي جو ڪو مناسب روزگار ڪريون. خدارا عوام ۽ ساڃاه ونن کي اپيل ته سنڌ جي حقن بابت خاص ڪري سرڪاري نوڪري جي عمر جي حد 45 سال ڪرڻ بابت آواز اٿاريو ته جيئن اسان جهڙن کي زندگي سهڻي نموني گذارڻ جو وسيلو ملي سگهي.
خوش محمد جتوئي/لاڙڪاڻو
آئزڪ نيوٽن جي مڪمل تاريخ
آئزڪ نيوٽن 25 ڊسمبر 1642ع تي انگلستان جي شهر وولسٿورپ ۾ پيدا ٿيو. سندس والد سندس پيدائش کان اڳ وفات ڪري ويو. کيس ڏاڏي پاليو. ڪيمبرج يونيورسٽي جي ٽرنٽي ڪاليج مان تعليم حاصل ڪئي. هن چرپر جا ٽي قانون ڏنا. ڪشش ثقل جو قانون ڏنو ته هر جسم ٻئي جسم کي ڪشش ڪندو آهي، اها ڪشش ٻنهن جي ماس جي پيداوار جي سڌي تناسب ۽ فاصلي جي اسڪوائر جي الٽي تناسب ۾ هوندي آهي. نيوٽن رياضيءَ جي هڪ نئين شاخ ڪيلڪولس کي ايجاد ڪيو. نيوٽن روشنيءَ جي تجزيي سان ثابت ڪيو ته سفيد روشني ڪيترن ئي رنگن تي مشتمل آهي. هن نيوٽني عڪس دوربين ايجاد ڪئي ۽ الجبرا، جيوميٽريءَ ۾ اهم ڪم ڪيو. 1703ع ۾ رائل سوسائٽي جو صدر بڻيو ملڪا اين کيس “سر آئزڪ نيوٽن” جو خطاب ڏنو. 1727ع ۾ وفات ڪئي، کيس ويسٽ منسٽر ابي ۾ دفن ڪيو ويو. نيوٽن جي فزڪس، رياضي ۽ سائنس ۾ خدمتن انقلاب آڻي ڇڏيو. اڄ به انجنيئرنگ، خلائي سائنس ۽ روزمره جي فزڪس ۾ نيوٽن جا اصول استعمال ٿين ٿا.
فيض محمد تيوڻو