اللهُ سائین ڏمرجي ٿو، ته ان جو قهر اوچتو اچي ڪڙڪي ٿو!
الله سائين جي لٺ بي آواز آهي ۽ جڏهن اها حرڪت ۾ اچي ٿي ته دنيا جا وڏا وڏا بت سيڪنڊن ۾ ڍير ٿي وڃن ٿا. اسان وڏي کان وڏا گُناھ ڪري، شايد وساري ويٺا آهيون ته الله جي پڪڙ نه ٿيندي جڏهن پڪڙ ٿيندي آهي ته خبر ئي نه پوندي آهي ته ڪهڙي گناھ جي سزا ملي آهي. اِها ئي صورتحال اڄڪلھ جي سياستدانن جي آهي جيڪي اقتدار جي مستي ۾ سڀ ڪُجھ وساري ويٺا آهن. سنڌ ۾ مخالفن سان انتقامي ڪارروائين جا قصا هر زبان تي آهن .ڪاش، سوچي سگھن ته الله پاڪ جي لٺ بي آواز آهي اُن گناھ ۾ نه سهي پر ڪنهن ڪيل گُناھ ۾ ته ضرور ٺيڪ سزا ملي هوندي اِهو ئي موجوده حُڪمرانن جي لاءِ به سبق آهي، جنهن مان سِکن ڇو ته انصاف ٿيندو آهي ۽ هِن دُنيا ۾ به ٿيڻو آهي.
انجينئر وسيم چنا/ سيوھڻ
SEF جي استادن سان انصاف ڪير ڪندو؟
سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جي اسڪولن لاءِ استادن ۽ ٻين ملازمن جي ڀرتي، بينڪ ذريعي پگهارن جي ادائيگي ۽ مختلف معيارن جي پابندي لازمي قرار ڏنل آهي، پر افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته معاهدن ۾ ڪٿي به اهو واضح شرط شامل ناهي ته استادن ۽ عملي کي حڪومت طرفان مقرر ڪيل گهٽ ۾ گهٽ اجرت ادا ڪئي ويندي. سنڌ حڪومت هن وقت گهٽ ۾ گهٽ ماهوار اجرت 40 هزار کان 43 هزار رپين تائين مقرر ڪري چڪي آهي پر ڪيترن ئي SEF اسڪولن ۾ استاد رڳو 12 هزار کان 15 هزار رپيا ماهوار تي ڪم ڪرڻ تي مجبور آهن. تعليم جهڙي مقدس شعبي سان لاڳاپيل ماڻهن کي اهڙي گهٽ پگهار تي رکڻ نه رڳو معاشي ناانصافي آهي پر تعليمي نظام جي بنيادن کي به ڪمزور ڪرڻ جي برابر آهي. سوال اهو آهي ته ڇا تعليم جو حق استادن جي استحصال تي قائم ٿي سگهي ٿو؟ ڇا سرڪاري سرپرستي هيٺ هلندڙ منصوبن کي به ليبر قانونن کان آجو سمجهيو وڃي غريب ٻارن کي تعليم فراهم ڪرڻ جي ذميواري غريب استادن جي حقن جي قرباني ڏئي پوري ڪئي ويندي؟ حقيقت اها آهي ته هڪ پريشان، غير محفوظ ۽ معاشي تڪليفن ۾ ورتل استاد شاگردن کي معياري تعليم فراهم نٿو ڪري سگهي.
وقار منڱريو/ خيرپور
نوجوان لاء ڀرتين جا موقعا ۽ موروثي سياست
موجوده سنڌ حڪومت طرفان بجيٽ 2026 ۾ صرف 8499 خالي پوسٽن جو اعلان ڪيو ويو آھي جڏھن ته سنڌ ۾ 849999 تعليم يافته نوجوان بيروزگار آھن. يعني صرف 1 سيڪڙو کي ڀرتي ڪرڻو آھي. باقي 99 سيڪڙو ھنر سکن يا ڪوبه ڪاروبار ڪن يا وري ملڪ ئي ڇڏي وڃن. اھڙي طرح سان سنڌ ۾ تقريبن سرڪاري ادارا پھريان گروي رکي پوء نيلام ڪيا ٿا وڃن ۽ جيڪي به ادارا پرائيويٽ ڪمپنين حوالي ڪيا ويا آھن اھي سڀ خساري ۾ آھن. ھن وقت تائين جيڪي به نوجوان PST. JEST .JST . ECT . ۽ 5 کان 15 اسڪيل ۾ 40+ مارڪن تي موجود آھن انھن سڀني کي ڊسمبر 2026 تائين لازمي ڀرتي ڪيو وڃي ۽ سڀني سرڪاري ادارن ۾ جيڪي به عمر ۾ 50+ تي آھن يا 25 سال سروس پوري ڪري چڪا آھن ته انھن کي ريٽائرمينٽ جي آفر ڏئي ڀرتين جا وڌيڪ موقعا پيدا ڪيا وڃن سڀاڻي ائين نه ٿئي جو نوجوان احتجاج ۽ ڌرڻن کان بيزار ٿي سياست ۾ حصو وٺڻ شروع ڪن ۽ پھريان ھرھڪ شھر پوء تعلقي ۽ بعد ۾ ضلعي سطع تي پنھنجو اڳواڻ چونڊي عملي سياست ۾ اچي موروثي سياست جو خاتمو ڪري ڇڏين.
نويد خان سومرو/راڌڻ اسٽيشن
بجيٽ جا ڪوڙا انگ اکر بدلائي حقيقي انگ اکر ڏيو
بجيٽ پيش ڪرڻ ڄڻ آئيني رسم رهجي وئي آهي باقي نه ڪو محاسبو ادارن جو هدفن ۾ ناڪامي تي نه ڪنهن وزارت کان پڇاڻو. نه ڪو صحت ۾ پاڻ ڀرا ٿيا آهيون نه ڪي تعليم جي ميدان تي ڪا خاطر خواه ڪاميابي ماڻي ۽ نه زراعت ئي محفوظ ڪري سگهيا آهيون. لڳي ائين ٿو ته حڪمران ڀل پاڪستان جا ھجن پر حڪم اڄ به ملڪه برطانيه ۽ ڊونلڊ ٽرمپ جا پيا هلن بس رڳو ڀاؤ جن هش ۾ خوش واه ڙي ڪانڀو واه بس ان تي پيا هو بغلون وڄائيندا پنهنجي صوبن کان پيا پني وفاق هلائين جيڪا آئين توڙي اسلامي قدرن جي برعڪس آهي ته ڏنل رقم يا حصي مان ائين چئجي ته پنهنجو حصو پتي ڪرپشن جا ڪوڙا فائيل ڏيکاري اصل ڪرپٽ حڪمرانن کان عوام دشمن پيا فيصلا ڪرائين جو جج جنرل حڪمران هر احتساب کان پاڻ محفوظ باقي قوم پاڪستان جو سر کڻي پوء جان ڇڏيندا. اسان جي استدعا آهي ته خدارا قوم پاڪستان جي سار ۽ سنڀال ساڻ صحت تندرستي لاء ڪو جوڳو اپاء کڻو نه ته گهڻو وقت ناهي پري جو قوم پاڪستان تاريخ جي ڪتابن ۾ پڙهي ويندي.
استاد جاويد احمد هڪڙو/ شڪارپور
دل ڏاريندڙ واقعو
سيوھڻ ۾ هڪ دل ڏاريندڙ ۽ افسوسناڪ واقعو پيش آيو آهي، جنهن سيوھڻ ۽ آسپاس جي سڀني علائقن کي ھيراس، خوف ۽ دهشت ۾ گهري ورتو آهي. محمد صديق هاليپوٽو عمر 65 سال ويٺل ڳوٺ نئون واھڻ يوسي ٽلٽي، تعلقو سيوھڻ، هڪ غريب ۽ محنتي گهراڻي سان تعلق رکندڙ، جيڪو پنهنجي پنجن معصوم ٻارن جو واحد پيٽ جو سهارو هو، 16 جون ته بي رحميءَ سان قتل ڪيو ويو آهي. نامعلوم ڦورن کيس سنڌ بئنڪ سيوھڻ وٽان اغوا بعد رڳو هڪ لک روپين جي ڦرلٽ جي خاطر بي رحميءَ ۽ انسانيت کي لڄائيندڙ هولناڪ انداز ۾ قتل ڪري، سندس لاش شهر کان ٻاهر، هڪ سنسان علائقي ۾ اڇلائي ڇڏِيو. لاش سڙيل ۽ ڳريل حالت ۾ ملڻ جي ڪري، پوري علائقي ۾ ڏک ۽ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو آهي. سندس معصوم يتيم ٻار آسمانن ۾ ويٺل خدا ڏانهن داد فرياد جي لاء جهولي جهلي بيٺا آهن. هي واقعو نه رڳو ڏک جو سبب آهي پر قانون لاڳو ڪندڙ ادارن لاءِ هڪ وڏو سوال پڻ آهي. وارثن کي انصاف ملي سگهي.
امتيازعيسيٰ ھاليپوٽو/ ڄامشورو