پنهنجن جون چٺيون …

ڪھاڻي

ڏن/ نذرانو

السلام عليڪم مرشد سائين. وعليڪم السلام مريد ڪھڙا حال آھن.  بابا بس توھان جي دعائن سان بلڪل به ٺيڪ آھيان. ٻيو ڪو نئون تازو حال احوال ٻڌاء مرشد ساڻس نظرون ملائيندي چيو. سائين سڀ خير آھي بس سوچيم ته ڪافي ڏينھن ٿي ويا آھن مرشد جو ديدار به نه ڪيو آھي ۽ اوھان کي نذرانو به ڏيڻو ھو سو اچي حاضري ڀريم. ڇا کڻي آيو آهين؟ مرشد سوالي انداز ۾ پڇيو. سائين پورا پنج ھزار، ھڪ ماکيءَ جو شيشو ۽ ھڪ ٻڪر قبول پوي. مريد تنھنجي وڏي مهرباني.

                 مريد ھڪ سوال پڇان ٿو توکان صحيح صحيح جواب ڏجان جي غلط جواب ڏيندين ته پوء ٻيلي پنھنجو تعلق ختم. مرشد بابا ڇو ٿا گنھگار ڪيو ڀلا مرشد سائين سان ڪوڙ ڳالهائي سگھان ٿو. مرشد ٽھڪ ڏيندي چيو مطلب ته دنيا وارن سان ڪوڙ ڳالھائين سگھين ٿو. مريد لڄي لڄي ٿيندو چيو بس بابا مالڪ آھيو ڀلي مذاق ڪيو. جي منھنجي ڳالھين تي ناراض نه ٿو ٿين ته پوء پنھنجي پيء سان ٿورين ٿورين ڳالهين تي ناراض ٿي ڪري ساڻس سالن کان وٺي ڇو نہ پيو ڳالھائين. مرشد جذباتي ٿيندي کيس چيو. سائين بابا جو ته دماغ خراب آھي مريد ٻانھون ٻڌندي جواب ڏنو جنھن توکي پالي تاتي وڏو ڪيو تنھنجي شادي ڪرايائين ۽ اڄ تون  ٻارن ٻچن جو پيءُ آھين ان جو دماغ خراب آھي باقي تنھنجو دماغ صحيح آھي. مرشد جذباتي ٿيندي کيس چيو

مريد، مرشد پنھنجي لھجي کي ٿڌو ڪندي چيو ڏس پٽ ابي ۽ امان جو قدر ڪيو اھو ئي اوھان جي لاء ڪاميابي جو دروازو آھي اسان وٽان اوھان کي ڪجھ ڪين ورندو جو ڪجھ ملندءِ ان ئي در تان ملندءِ وڃ وڃي پنھنجي ابي امان کي پرچاءِ ۽ جيڪو ڏن منھنجي لاءِ کڻي آيو آهين نه اھو به وڃي انهن کي ڏي ته وڃي ھو پنھنجو گذر سفر ڪن ۽ ھا ھي جيڪو منھنجي لاء ٻڪر آندو اٿئي اھو پڙيء تي کپائي ڪري پنھنجن ٻچڙن کي سياري جا ڪپڙا وٺي ڏي. ڏس پٽ جيڪڏھن تنھنجو ابو امان ۽ گھر وارا توسان راضي آھن ته يقينن سمجھ ته تونسان رب به راضي آھي جي اھي تونسان ناراض آھن ته پڪ ڄاڻجان ته تنھنجو پالڻھار به تونسان ناراض آھي. اھو سمورو لقاءُ ھڪ خليفو ڏسي رھيو ھو پر مرشد جي آڏو ڪڇي به نه پئي سگھيو. آخر سندس برداشت ختم ٿي ۽ ھن ٻانھون ٻڌندي مرشد کي عرض ڪيو ته قبلا اھو اوھان ڇا پيا ڪيو ڇو ٿا پنھنجي روزيءَ تي لت ڏيو جي پاڻ وٽ مريد نه ايندا ته پوءِ اوھان جو ۽ اسان جو گذر سفر ڪيئن ٿيندو؟ ڏس خليفه الله پاڪ مون کي سڀ ڪجهه ڏنو آھي آء ھڪ پڙھيل لکيل سيد آھيان آء نه ٿو چاهيان ته عوام الناس اڃا بہ جھالت ۾ پنھنجي زندگيء کي بسر ڪري آخر پاڻ کي به ته خدا آڏو حساب ڪتاب ڏيڻو آھي. سائين چئو ته اوھان به صحيح پيا پر….. پر ٻر کي ڇڏ اڄ کان پوءِ تون به وڃي پنھنجي محنت مزدوري ڪر ۽ ڇڏ ھن ٽوپي ڊرامي کي.

ستار سنڌي

امن جو پکي اڏامي ويو

سنڌ صدين کان مذهبي رواداري، همدردي ۽ انسان دوستي جو مرڪز رهي آهي. هي ڌرتي شروعات کان ئي امن جو ديش سڏبي رهي آهي. اهو به ڪو دور هو جڏهن سنڌ جي هر گهٽي، هر پاڙي ۽ هر واديءَ مان محبت، ڀائيچاري ۽ احترام جي مهڪ ايندي هئي. هتي هندن جي ماڳن جي مٽ محبت هئي، مسلمان ۽ هندو گڏجي رهڻ جي روايت تي فخر ڪندا هئا. ٿر کان وٺي ڪراچي تائين هڪ ٻئي جي ڏينهن، دين ۽ ڏک سک جو احترام عام ڳالهه هئي. پر وقت جي تيز رفتار تبديلين سان گڏوگڏ سنڌ جون روايتون، محبتون ۽ ڀائيچاريون ڪمزور ٿيڻ لڳيون. امن جو ديش آهستي آهستي جهيڙن، تڪرارن ۽ سماجي بگاڙ جي لپيٽ ۾ ايندو ويو. مذهبي هم آهنگي ۾ گهٽتائي، عدم برداشت ۾ اضافو ۽ ماڻهن جو پاڻ کي غير محفوظ محسوس ڪرڻ هڪ تلخ حقيقت بڻجي پيو. اڄ سنڌ ۾ هر نئين ڏينهن سان ڪا نه ڪا ڏکدائِڪ خبر جنم وٺي ٿي. نياڻين جي تذليل، زوري مذهب تبديلي، تعليمي ادارن ۾ عدم تحفظ ۽ سماجي بدامني عام ٿي چڪي آهي. ڌارين جي لوڌ ۽ غير روايتي اثرات پراڻين ريتن رسمن کي ڪمزور ڪري ڇڏيو آهي. نتيجي ۾ نه صرف مسئلا وڌيا آهن، پر سماجي هم آهنگي پڻ خطري ۾ پئجي وئي آهي.

جسونت ڪمار پرمار/ عمرڪوٽ

حافظ رفيق احمد سومرو!

تحريڪ امن پاڪستان جو چيئرمين ۽ اروڙ يونيورسٽي جو سنڊيڪٽ ميمبر حافظ رفيق احمد سومرو جيڪو هن وقت علائقي اندر مختلف ذاتين برادرين وچ ۾ هلندڙ جهيڙن تڪرارن جي نبيري ۽ خاتمي لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي. جنهن علائقي جي سياسي توڙي سماجي شخصيتن سان گڏ توڙي ننڍن وڏن وڏيرن کي ساڻ ڪري دعوت ڏئي امن امان جي بحالي لاءِ ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. جنهن سان هميشه ان معاملي ۾ پنوعاقل جون سڃاڻ ڌريون ساٿ ڏينديون رهيون آهن. هن هيل تائين بهترين ڪم ڪيو آهي جنهن ڪم سبب ان جي شخصيت ۽ مرتبي ۾ اڃا وڌيڪ ڇار چنڊ لڳيو وڃن ٿا. اميد  پنهنجي ڪم ۾ اڃا وڌيڪ ڪاميابيون پنهنجي حصي ۾ کڻندو رهندو.

محمد اسلم ماڪو/ پنوعاقل