پنهنجن جون چٺيون

پاڪستان ۽ حڪران !

تڏهن چوندا هن شل نه ڪو اڙي چرين سان جو جان ڇڏائڻ ته ڏکي پر ان کي راضي ڪرڻ به ڏکيو بڻجي ويندو آهي. هڪ ڳالھ جي هن جي ڪنهن مڃي ته پوء ويندو پنهنجي فرمائش وڌائيندو ۽ نيٺ اڳين کي ايڏو بيزار ڪندو جو هو به هٿ مٿي ڪري ڏيندو کڙيء تي زور. اسان جو ملڪ اڳي ئي مسڪين حال ويتر اسان جا حڪمران ويچارا ڏينهن رات پيا جهاز ڀڄائين تڪڙا تڪڙا دؤرا ڪن ۽ هر هنڌان سواء دلاسن جي ڪجھ نه ملي سگهيو آهي. هڪ طرف پوري قوم مفلسي ۾ ورتل ويتر رياستي ادارن ۽ سربراهن جون عياشيون جو وتن پيا جهاز ڀڄائيندا پاڻ کان قد بت طاقت ۾ زور ملڪن جي مصالحت ڪرائڻ ۽ عالمي چئپئين ٿيڻ جي چڪر ۾ پنهنجي قوم جو فڪر ئي انهن سربراهن کان ويو آ وسري ته ڪيئن پيا جيئن پاڪستاني بنا بجلي تيل گئس پاڻي ۽ تازي هوا جي. ويتر بجلي جي محڪمي پنهنجي ڪرپشن لڪائڻ لاء رياست پاڪستان جي ادارن جي طاقت سان غريب مسڪين بي پهچ قوم کي ٿاڻن ڪچهرين جا داٻا ڏئي هن مؤت مار گرم موسم ۾ پکي بلب هلائڻ کان به روڪي وڌو آهي. جڏهن ته وڏن وڏن بنگلن فارم هائوسز هوٽلن پيٽرول پمپن توڙي برف ڪارخانن کي چوري جون ڊبل لائنيون هڻي ڏنيون آهن جن تي چوويھ ڪلاڪ بجلي چالو پئي رهي جو شهر جا سڀ فيڊر انهن وٽ پهچايل هن سي به سنڌ سرڪار جي انرجي محڪمي جي اربين روپين جي بجيٽ خرچ سان جيڪا ڪاغذن ۾ ڳوٺن ۽ ڪچين آبادين لاء اسڪيمون ڏيکاريل آهن سو چوڻ جو مطلب الله نه ڪنهن چرياڻ سان اڙائي جو پنهنجو گهر به ياد نه رهي وتون ان چريي جا انگل پورا ڪندا.

استاد جاويد احمد هڪڙو/ شڪارپور

منھنجو بيوس بڻيل ھي معاشرو!

اسان جي معاشري ۾ لالچ جا ماريل، حوس جا پوڄاري، لُٽ مار ڪرڻ وارا، ڌوڪيباز، فريبي، نقلي شين جا واپاري، انساني جانين سان کيڏڻ وارا، ملاوٽي مال وڪڻڻ وارا، دولت ڪمائڻ ۽ مال ملڪيت گڏ ڪرڻ لاء ھر سودو ڪري گذرڻ وارا ڪجھ سوايا نظر اچن ٿا. مظلوم کي ظالم واري سزا ۽ ظالم سان مظلوم وارو رويو آهي شريفن کي ڪا عزت نه ٿي ملي باقي ڪنهن جي شر کان بچڻ لاءِ ڀوتار ڀوتار جي رٽ لڳي پئي هوندي آهي. انسان ۾ پيار محبت شفقت پنهنجائپ همدردي ۽ رحمدلي جو مادو فطرتي طور رکيل آھي پر اڄ جڏهن اسان پنهنجي معاشري تي نظر وجهون ٿا ته انسانن جي روپ ۾ بگهڙ ۽ وحشي درندا گهڻا نظر اچن ٿا. چالاڪن جو راڄ ھلي ٿو وحشت ۽ بربريت جو ننگو ناچ ٿئي ٿو اڄ پنهنجن جا ڪرتوت ڏسي انسانيت جو ئي ڪنڌ شرم کان جهڪي پوي ٿو. اسان جي معاشري جا اهڙا بي حِس فرد به پنهنجن جا ئي مارا ٿين ٿا ڪانوَ کي ڏسو اگر ڪنهن ماڻهوء غلطي سان به ڪنهن ڪانوَ جو ڪو کنڀ کنيو ۽ ڪنهن ڪانوَ ڏٺو ته بس پوء ان ماڻھوء جي شامت اچي ويندي آھي پر انسان ٻئي انسان جو دشمن آهي. اهو سلسلو ختم ڪرڻ گهرجي.

انجنيئر وسيم چنا/ سيوهڻ شريف

يونيورسٽين جا ڪئمپس قائم ڪريو

سجاول جتي پسماندگي، غربت، جھالت، منشيات جي وبا عام آھي اتي آدم خور سوچ رکندڙ جھالت پسند چڱا مڙس بہ جام آھن، جيڪي بھتر سوچ شايد نٿا رکن جنھن سبب غريب شاگردن جا مستقبل ٽياس تي ٽنگيل آھن. اڪثر شاگرد اڻ ھوند سبب ٻين شھرن ڏانھن تعليم پرائڻ نٿا وڃي سگھن جنھن سبب سندن تعليمي سفر ميٽرڪ ۽ انٽر ڪندي ئي ختم ٿيو وڃي. تنھن ڪري نيڪ نيت وس وارن کي اپيل آهي ته سجاول ۾ يونيورسٽي جا ڪئمپس قائم ڪرايو. پوءِ ڀلي انهن تي پنهنجن وڏن جا نالا رکو، جيڪي هميشه يادگار رهندا. پر جيڪڏهن تعليم جا در بند رهندا ته ماڻهو اهو ئي سمجهندا ته جاهل سماج اوهان جي مفاد ۾ بهتر آهي. سجاول جي نوجوانن کي تعليم جو حق ڏيو سجاول کي يونيورسٽي ڪئمپس گهرجن. تعليم هر نوجوان جو حق آهي.

الھڏنو راھمون/ سجاول

وفا ناٿن شاهي پبلڪ لائبريري لاءِ سولر پينل جي  سھولت ڏني وڃي

پاڪستان جو هاڻوڪو صدر آصف علي زرداري ۽ نوجوان، علم دوست پ پ پ چئيرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ سنڌ جي علم دوست وڏي وزير مراد علي شاهه، ثقافت کاتي جي وزير کي عرض آهي ته خيرپور ناٿن شاهه جي تاريخي ۽ علمي سڃاڻپ وفا ناٿن شاهي پبلڪ لائبريري اڄ بجلي جي اڻاٺ ۽ ڊگهي لوڊشيڊنگ جي عذاب هيٺ پنهنجي حقيقي ڪردار نڀائڻ ۾ ڏکيائين کي منهن ڏئي رهي آھي. هي لائبريري رڳو ڪتابن جو ذخيرو نه پر علم، شعور، فڪر ۽ روشني جو اهڙو روشن مينار آهي جتان سوين شاگرد ۽ علم جا پياسي مظلومن ۽ مسڪينن جا ٻار پنهنجي مستقبل کي سنوارڻ لاءِ علم جي روشني حاصل ڪن ٿا. افسوس جو بجلي جي بار بار بندش سبب مطالعي جا لمحا اونداهين جي ور چڙهي وڃن ٿا ۽ شاگردن جي علمي اڏام پڻ متاثر ٿي رهي آهي اسان هن اخبار جي وسيلي سنڌ حڪومت جي اعليٰ اختيارين کي اپيل ٿا ڪريون ته وفا ناٿن شاهي پبلڪ لائبريري کي سولر پينل جي سخت ضرورت آهي جيئن هي علم جو ڏيئو هر حال ۾ روشن رهي.

علي رضا ڀرڳڙي/خيرپور ناٿن شاهه