سنڌ ۾ عورت ھميشہ امن جي اھڃاڻ رھي آھي!
عورت کي مظلوم طور ياد نه ڪيو پر ان کي امن جو سفير سمجھو جيڪا پنھنجي خاندان ۽ ھن معاشري ۾ امن وارو ماحول بڻائي ٿي. ڇاڪاڻ ته عورت پنھنجي گھر اندر پنھنجي ٻارن جي اھڙي تربيت ڪري ٿي جنھن سان معاشري ۾ امن به قائم ٿي سگھي ٿو ته وري ظلم به برپا ٿي سگھي ٿو.عورت ھڪ ماءُ جي حيثيت سان به ڪيتريون ئي ذميواريون سنڀاليون آھن جن ۾ گھر جي ماحول کي پرامن بڻائڻ کان وٺي پنھنجي پوري خاندان ۽ معاشري کي بھتري جي طرف وٺي وڃڻ شامل آھي. جيڪڏھن عورت پنھنجي ٻارن کي سٺي تربيت ۽ اخلاق سيکاري ٿي ته پوءِ ان گھر ۾ امن ٿئي ٿو ۽ ائين ئي پاڙي جو ماحول به بھترٿئي ٿو ته وري آس پاس جي پوري معاشري ۾ بھتري اچي ٿي. عورت ھميشه امن کي پسند ڪيو آھي. ائين به چيو ويو آھي ته جيڪڏھن عورت سڄي دنيا جي انچارج ھجي ته دنيا مان کوڙ ساريون بيوقوفي واريون شيون ختم ٿي وڃن.
انجنيئر وسيم چنا/ سيوهڻ شريف
اھو نسل جنهن قرباني ڏيڻ سکي
90ع جي ڏهاڪي جو نسل اهو يقين ڪندي وڏو ٿيو ته محنت، صبر ۽ تعليم بهتر مستقبل جي ضمانت ڏين ٿا. hپنهنجن خاندانن جي اميدن کي کڻي اڳتي وڌيا. تنھن ڪري اڄ ھو قرباني ڏيندڙ نسل طور سڃاتا وڃن ٿا. انهن پنهنجي ننڍپڻ کي تعليمي مقابلن ۾ قربان ڪيو، پنهنجي جوانيءَ کي بيروزگاري ۽ معاشي غيريقيني صورتحال ۾ ۽ اڪثر ڪري شادي ۾ دير، ذاتي گهر ۽ ذاتي خوابن کي وڌندڙ زندگي جي خرچن جي ڪري قربان ڪيو. جڏهن ته پويون نسل وڌيڪ معاشي استحڪام مان لطف اندوز ٿيو ۽ جين زي يا جين الفا ڊجيٽل نسل طور سڃاتا وڃن ٿا. 1990 جي ڏهاڪي ۾ پيدا ٿيندڙ ڪيترائي پاڻ کي ٻن دنيائن جي وچ ۾ ڦاٿل محسوس ڪن ٿا. هي نسل پنهنجي ماءُ پيءُ جي وڌندڙ عمر دوران انھن جي سار سنڀال جي ذميواري پڻ کڻندو آهي. انهن کي مهانگائي، نوڪري جي عدم تحفظ، ذاتي گهرن جو نه ھجڻ ۽ وڌندڙ ذهني دٻاءُ جو منهن ڏسڻو پوي ٿو. انهن جي قربانين کي نظرانداز نه ڪيو وڃي پر تسليم ڪيو وڃي. حڪومتن ۽ سماج کي اهڙا موقعا پيدا ڪرڻ گهرجن جيڪي انھن جي قرباني جو انھن کي انعام ڏين ۽ هڪ بهتر مستقبل جي اميد فراهم ڪن.
حضور بخش لغاري
خيرپور ۾ سني رابطا ڪائونسل جي اڳواڻ جي گهر تي حملو افسوسناڪ عمل
خيرپور جي علائقي محلا لقمان ڦاٽڪ ۾ سني علماء ڪائونسل پاڪستان جي مرڪزي اڳواڻ مولانا عبدالجبار حيدري جي رهائشگاهه تي ٿيل حملو انتهائي افسوسناڪ، مذمت جوڳو ۽ امن امان لاءِ ڳڻتي جوڳي واقعو آهي. اهڙي قسم جا واقعا نه رڳو هڪ فرد يا خاندان تي حملو سمجهيا وڃن ٿا پر سڄي سماج جي امن، ڀائيچاري ۽ قانون جي بالادستي لاءِ به وڏو چئلينج بڻجن ٿا. واقعي کان پوءِ ڪيترن ئي علائقن ۾ مذهبي ۽ سماجي اڳواڻن پاران احتجاجي ردعمل ڏٺو ويو. سنڌ هميشه امن، محبت، رواداري ۽ ڀائيچاري جي ڌرتي رهي آهي. هتي مختلف مڪتب فڪر جا ماڻهو صدين کان گڏجي امن سان زندگي گذاريندا آيا آهن، تنهن ڪري اهڙا واقعا سنڌ جي روايتن ۽ ثقافت جي ابتڙ آهن. حڪومت ۽ انتظاميه جي ذميواري آهي ته هو بنا ڪنهن امتياز جي قانون تي عمل ڪرائي عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ يقيني بڻائي.
وفا ولي محمد ڦل/ ڦل شھر
ڀارت جا بي بنياد الزام ۽ پاڪستان جو موقف
پاڪستان هميشه علائقي ۾ امن، استحڪام ۽ گڏيل احترام جي پاليسي تي عمل ڪندو رهيو آهي. جڏهن به علائقي ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿي آهي، پاڪستان ذميواراڻو رويو اختيار ڪندي مسئلن جي حل لاءِ سفارتي ذريعن تي زور ڏنو آهي. تازو وري ڀارت پاڪستان تي بي بنياد الزام هنيا، جن کي پاڪستان واضح طور رد ڪندي عالمي برادري آڏو حقيقتن تي ٻڌل پنهنجو موقف پيش ڪيو. پاڪستاني قيادت جو چوڻ آهي ته ڪنهن به ملڪ تي بغير ثبوتن جي الزام لڳائڻ نه رڳو بين الاقوامي قانون جي خلاف ورزي آهي، پر ان سان علائقي جي امن کي به نقصان پهچي ٿو. پاڪستان هميشه عالمي فورمن تي پنهنجو موقف دليلن، ثبوتن ۽ ذميوار سفارتڪاري ذريعي پيش ڪيو آهي. ڏکڻ ايشيا کي هن وقت معاشي سهڪار، واپار، تعليم، صحت ۽ عوامي رابطن کي هٿي ڏيڻ جي سخت ضرورت آهي. جيڪڏهن وسيلن کي تڪرارن بدران ترقياتي منصوبن تي خرچ ڪيو وڃي ته علائقي جي لکين ماڻهن جي زندگي ۾ مثبت تبديلي آڻي سگهجي ٿي. وقت جو تقاضو آهي ته سڀئي ڌريون صبر، دانائي ۽ سفارتڪاري جو رستو اختيار ڪن ته جيئن ڏکڻ ايشيا کي هڪ محفوظ، پرامن ۽ خوشحال علائقو بڻائي سگهجي.
سيده سونيا عمران
تيل جي قميتن ۾ ڪمي، ڀاڙن ۾ ڪڏھن ٿيندي؟
شڪارپور کان ڪراچي يا شڪارپور کان ڪنڌ ڪوٽ سفر ڪرڻ ڪرايو ساڳيو برقرار ھجڻ ته الڳ ڳالھ آھي پر شڪارپور ضلعي اندر ئي ڀاڙن ۾ ڪمي نه آئي آھي، پئٽرول 416 مان 299 رپين تي في لٽر ٿيڻ باوجود ڀاڙا ساڳيا برقرار آھن. جڏھن پئٽرول سستو هو ته شڪارپور کان خانپور تائين پنجاھ رپيا ڪرايو هو ھن وقت ويگن ۽ رڪشن وارا 70 کان 80 رپيا ڪرايو وصول ڪن ٿا. رستم کان شڪارپور تائين پھريان سٺ رپيا ڀاڙو ھو ته ھاڻي نوي رپيا آھي، محمد آباغ کان چڪ تائين ايندڙ ويندڙ ويگن ته پنجاھ کان اضافو ڪري نوي رپيا ڪرايو ڪري ڇڏيو آھي. شڪارپور کان سکر تائين پھريان وارو سئو رپيا في ماڻھو ڪرايو ھن وقت ھڪ سئو سٺ رپين تائين پھچي چڪو آھي. شڪارپور شھر اندر رستم موڙ کان اسٽورٽ گنج تائين رڪشا جيڪو پھريان ويھين رپين پھچائي ايندا ھئا ھن وقت پنجاھ رپيا ڪرايو آھي. شڪارپور کان ڳڙھي ياسين پنجاھ رپيا ڳڙھي ياسين کان ڊکڻ تائين پنجاهه رپيا ڊکڻ تائين سئو رپياھاڻي ٻن سئو رپين ۾ ٿئي ٿو. ھن چٺي وسيلي گھر ڪيون ٿا ته ڳاٽي ٽوڙ ڀاڙن ۾ ٿيندڙ اضافي جو نوٽيس وٺي عوام کي رليف ڏياريو وڃي.
طيب جتوئي/رستم