پاڪستان جي معاشي بحالي
پاڪستان گذريل ڪجهه سالن دوران ڪيترين ئي معاشي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ کان پوءِ آهستي آهستي معاشي استحڪام ڏانهن وڌي رهيو آهي. ملڪ جي معيشت ۾ بهتري جا آثار نمايان ٿي رهيا آهن. تازن مهينن ۾ مختلف ملڪن ۽ عالمي سيڙپڪارن پاڪستان جي توانائي، زراعت، انفارميشن ٽيڪنالاجي، معدنيات ۽ بنيادي ڍانچي جي شعبن ۾ دلچسپي ظاهر ڪئي آهي. اها سيڙپڪاري نه رڳو صنعتي ترقي جو سبب بڻجندي پر لکين نوجوانن لاءِ روزگار جا نوان موقعا پڻ پيدا ڪندي. حڪومت طرفان ڪاروباري ماحول کي بهتر بڻائڻ، ٽيڪس نظام ۾ سڌارا، ڊجيٽل معيشت کي هٿي ڏيڻ ۽ ننڍن ۽ وچولي درجي جي ڪاروبارن جي حمايت لاءِ کنيل قدم هاڪاري نتيجا ڏئي رهيا آهن. معاشي استحڪام لاءِ ضروري آهي ته حڪومت، خانگي شعبي ۽ عوام گڏجي پنهنجون ذميواريون نڀائين. شفافيت، احتساب، ميرٽ، قانون جي بالادستي ۽ پاليسين جو تسلسل سيڙپڪارن جي اعتماد کي وڌيڪ مضبوط بڻائي ٿو، جيڪي ملڪ کي ڊگهي مدي واري معاشي استحڪام ڏانهن وٺي وڃن ٿا. جيتوڻيڪ مهانگائي، بيروزگاري ۽ مالي دٻاءُ جهڙا مسئلا اڃا تائين موجود آهن، پر انهن تي ضابطو آڻڻ لاءِ مستقل مزاجي ۽ مؤثر منصوبابندي ضروري آهي.
سيده سونيا عمران
شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي شهيد بينظير آباد
شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي شهيد بينظير آباد کي سنواريندڙ ھالاڻي واسي انجينيئر پروفيسر ڊاڪٽر مدد علي شاهه لا۽ بس ايترو ئي چوندس ته دل جي خوبصورتي اُنهن رشتن مان جنم وٺندي آهي، جتي شفقت، محبت ۽ اخلاص سان ڀرپور ماڻهو موجود هجن. اھڙا ماڻھو، جن جو مثبت رويو ۽ نرم مزاج نه صرف سندن شخصيت جو ڪمال بڻجي ٿو، پر ٻين جي لاءِ به مثال جو سبب بڻجي ٿو. شاگردن سان شاگرد بڻجي مخاطب ٿيڻ واري ڊاڪٽر مدد علي شاهه جي شخصيت جو سڀ کان نمايان ۽ اثرائتو پهلو سندس ترقي پسند فڪر ۽ روشن خيال سوچ آهي. هو تعليم کي رڳو ڊگري حاصل ڪرڻ جو ذريعو نه، پر سماجي شعور، فڪري آزادي ۽ مثبت تبديليءَ جو بنيادي سرچشمو سمجهي ٿو. هن وقت يونيورسٽي ۾ مختلف علمي سيمينار، تحقيقي پروگرام ۽ جديد تدريسي سرگرميون متعارف ٿيون آهن، جن سان شاگردن کي قومي ۽ بين الاقوامي سطح تي اڳتي وڌڻ جا بهتر موقعا ملي رهيا آهن. شھيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي شھيد بينظيرآباد لا۽ سندن خدمتون نه صرف يونيورسٽي پر سنڌ جي تعليمي مستقبل لاءِ پڻ هڪ روشن اميد آهن.
ڪاشف نوراني
يوسيز چيئرمينن جي مبينا ڪرپشن جي جانچ ٿيڻ گهرجي
مقامي حڪومت جو نظام عوام جي بنيادي مسئلن جي حل لاءِ اهم حيثيت رکي ٿو. يونين ڪائونسلونمقامي سطح تي ترقياتي ڪمن، صفائي، پاڻي جي فراهمي، اسٽريٽ لائيٽن، نالن جي صفائي ۽ ٻين عوامي سهولتن جي ذميوار هونديون آهن. يوسي چيئرمينن تي عوام جو اعتماد هوندو آهي ته هو سرڪاري فنڊن کي شفاف نموني استعمال ڪري پنهنجي علائقي جي ترقي کي يقيني بڻائين. پر افسوس جو ڪيترن ئي علائقن ۾ گذريل چئن سالن دوران ڪرپشن، بدانتظامي ۽ اختيارن جي ناجائز استعمال بابت شڪايتون سامهون آيون آهن. صفائي ۽ عوامي خدمتن ۾ غفلت صفائي، اسٽريٽ لائيٽن ۽ ٻين بنيادي سهولتن لاءِ مختص بجيٽ جي باوجود ڪيترن ئي علائقن ۾ عوام کي مناسب سهولتون نه مليون، جنهن سبب فنڊن جي استعمال بابت سوال اٿيا. ڪيترن ئي علائقن ۾ روڊن جي خراب حالت، پاڻي جي کوٽ، نيڪال جي ناقص نظام ۽ صفائي جي مسئلن عوام جي زندگي کي مشڪل بڻائي ڇڏيو. ذميواري ۽ احتساب جي ضرورت ڪرپشن جي خاتمي لاءِ ضروري آهي ته يوسيز جي مالي معاملن جو باقاعده آڊٽ ڪيو وڃي. ترقياتي منصوبن جي نگراني لاءِ آزاد ڪميٽيون قائم ڪيون وڃن. عوام کي بجيٽ ۽ خرچن جي مڪمل معلومات فراهم ڪئي وڃي. ڪرپشن ۾ ملوث عملدارن ۽ چونڊيل نمائندن خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪئي وڃي. شڪايتن جي ازالي لاءِ مؤثر نظام متعارف ڪرايو وڃي.
محمد اسماعيل لانگاھ/ڊرگهه بالا
سنڌ ۾ اڻ پڙهيل استاد ۽ نوجوان نسل جو نقصان
سنڌ ۾ تعليمي ادارو اُھو مورچو آھي جنهن کي ٻاهريون دشمن تباھ نٿو ڪري سگهي پر اسان وٽ تعليم کي بلڊنگ ۽ ڪرسي تي ويٺل اهڙي استاد جي حوالي ڪيو ويو آجي جنهن کي وڏيري جي ٿورن سان نوڪري ملي هئي. جن پاڻ ئي صرف پنج درجا پرائمري پڙھيا هئا ۽ ميٽرڪ انٽر جا امتحان ڏوڪڙن تي ڏياريا هئا. اهڙن کوڙ دوستن کي ذاتي طرح سڃاڻا جن کي تعليم ته ڇڏيو ڪلاس روم ۾ ويهڻ جو ۽ ٻارن سان مخاطب ٿيڻ جو به ڍنگ نه هو. جنهن تعليم ذريعي باشعور انسان پيدا ڪري سگهجن جيڪي سڀاڻ هن وطن جي وارثي ڪري سگهن ان تعليم سان اهو حشر ڪيو ويو جيڪو ارغونن ٺٽي کي تِيلِي ڏئي ڪيو هو. آئون ان عمل کي ميرٽ جي لتاڙ نه پر ريپ چوندس. تعليم جي تباهي سبب نڪتل نتيجو اهو آھي ته اڄ اسان وٽ وڏو تعداد ڌارين آفيسرن جو آھي جن کي سنڌ يا سنڌي قوم سان ڪوبه ذهني يا جذباتي لڳاءُ نه رهيو ۽ ڪابه اهڙي پاليسي نه جُڙي جنهن سان محسوس ٿئي ته ان پاليسي ۾ مقامي ماڻھن لاء ڪا به همدردي موجود آھي.
انجنيئر وسيم چنا/ سيوهڻ شريف